31. ۽ مؤمن زالن کي چؤ ته پنھنجيون اکيون جھڪيون ڪن ۽ پنھنجن اوگھڙن کي بچائينديون رھن ۽ پنھنجي سينگار (يعني زيوتن جي جاين) کي پڌرو نه ڪن پر اُنھن مان جيڪي ظاھر (ضروري) آھن (جھڙا ھٿ پير) ۽ جڳائين ته پنھنجين چادرن کي پنھنجي گريبانن تي لاھي ڇڏين، ۽ پنھنجن مڙسن يا پنھنجن پين يا پنھنجن سُھرن يا پنھنجن پُٽن يا پنھنجن مڙسن جي پُٽن يا پنھنجن ڀائرن يا پنھنجن ڀائيٽن يا پنھنجن ڀاڻيجن يا پنھنجن زالن يا پنھنجن ٻانھن يا خدمت گار مڙسن مان (زالن ڏانھن) اڻ خواھش وارن يا جن ٻارن کي زالن جي اوگھڙ جو سماءُ نه پوي تن ڌاران ٻـين (سڀني) جي اڳيان پنھنجو سينگار پڌرو نه ڪن، ۽ پنھنجن پيرن سان (زيور) ھن لاءِ نه ڇمڪائين ته سندن سينگار مان جيڪي ڳجھو آھي سو ڄاتو وڃي، ۽ اي مسلمانؤ اوھين مڙيئي الله جي اڳيان توبه ڪريو ته مانَ اوھين ڇُٽو.