40. Ghafir - قُرآن
- 1. حٰمٓ.
- 2. (ھن) ڪتاب جو ھيٺ لاھڻ الله غالب ڄاڻندڙ وٽان آھي.
- 3. جو گناھ بخشيندڙ ۽ توبه قبول ڪندڙ سخت سزا ڏيندڙ سگھ وارو آھي، اُن کانسواءِ (ٻيو) ڪو عبادت جو لائق نه آھي، ڏانھس ورڻو آھي.
- 4. ڪافرن کانسواءِ الله جي آيتن بابت (ٻيو) ڪوبه تڪرار نه ڪندو آھي پوءِ شھرن ۾ (واپار لاءِ) سندن اچ وڃ توکي نه ٺڳي.
- 5. کانئن اڳ نُوح جي قوم ۽ انھن پڄاڻا ٻـين (ڪيترين ئي) ٽولين ڪُوڙ ڄاتو، ۽ سڀڪنھن ٽوليءَ پنھنجن پيغمبر جو قصد ڪيو ته کيس پڪڙين ۽ اجاين (ڳالھين) سان جھيڙو ڪندا رھيا ته اُن سان سچيءَ ڳالھ کي ناس ڪن پوءِ کين ورتم، پوءِ منھنجي سزا (ڏيڻ) ڪيئن ھئي.
- 6. ۽ اھڙي طرح تنھنجي پالڻھار جو حُڪم ڪافرن تي ثابت ٿيو آھي ته اُھي دوزخي آھن.
- 7. جيڪي (ملائڪ) عرش کي کڻندا آھن ۽ جيڪي اُن جي چوڌاري آھن سي پنھنجي پالڻھار جي پاڪائي ساراھ سان گڏ بيان ڪندا آھن ۽ مٿس ايمان آڻيندا آھن ۽ مؤمن لاءِ بخشش گھرندا آھن، (چوندا آھن ته) اي اسان جا پالڻھار سڀڪنھن شيء کي پنھنجي ٻاجھ ۽ علم ۾ وڪوڙيو اٿيئي تنھنڪري جن توبه ڪئي ۽ تنھنجي واٽ جي تابعداري ڪئي تن کي بخش ۽ کين دوزخ جي عذاب کان بچاءِ.