HARUN YAHYA
Sindhi / سنڌي ، सिन्ध
SD
قرآن
Al-Jinn
1. (اي پيغمبر) چؤ ته مون ڏانھن (ھن ڳالھ جو) وحي موڪليو ويو ته جِنّن مان ھڪ ٽوليءَ (قرآن) ٻڌو پوءِ چيائون ته بيشڪ اسان ھڪ عجيب قرآن ٻڌو.
2. جو سڌي رستي ڏانھن ڏس ڏئي ٿو تنھنڪري ان تي ايمان آندوسون، ۽ پنھنجي پالڻھار سان ڪنھن ھڪڙي کي شريڪ ھرگز نه ڪنداسون.
3. ۽ (بيان ڪرڻ لڳا) ته اسان جي پالڻھار جو شان تمام وڏو آھي نڪي ڪو زال ۽ اولاد رکيو اٿس.
4. ۽ ھي ته الله جي نسبت ۾ اسان مان بيوقوف ڪوڙو ٺاھ ٺاھيو ٿي.
5. ۽ ھي ته اسان ڀانيو ھو ته اسان ۽ جنّ ڪڏھن الله تي ڪوڙ نه چوندا.
6. ۽ ھي ته ماڻھن مان ڪيترا مڙس جنّن جي مڙسن جي سام پوندا ھوا پوءِ ماڻھن جنّن (جي حق) ۾ (ھٿئون) وڏائي وڌائي.
7. ۽ ھي ته (اي جنّو) ماڻھن اھڙو گمان ڪيو ھو جھڙو اوھان گمان ڪيو ھو ته الله ھرگز ڪنھن کي پيغمبر ڪري نه موڪليندو.
8. ۽ ھي ته اسان آسمان کي جاچيو پوءِ ڏٺوسونس ته سخت چوڪيدارن ۽ اُلانبن سان ڀرجي ويو آھي.
9. ۽ ھي ته اسان (اڳي) آسمان جي (گھڻن) رستن تي (ملائڪن جي گفتگو) ٻڌڻ لاءِ وھندا ھواسين، پوءِ جيڪو ھاڻي ڪن ڏيندو آھي سو پاڻ لاءِ تيار ٿيل اُلانبي وارو تارو ڏسندو آھي.
10. ۽ ھي ته اسين نه ٿا ڄاڻون ته جيڪي زمين ۾ آھن تن لاءِ ڪنھن مدائي جو ارادو ڪيو ويو آھي يا انھن لاءِ سندن پالڻھار ڪو چڱائي جو ارادو ڪيو آھي.
11. ۽ ھي ته ڪي اسان مان سڌريل آھن ۽ اسان مان ڪي اُن کانسواءِ (به) آھن، (اسين) مختلف ٽوليون ٽوليون ھواسون.
12. ۽ ھي ته اسان ڄاتو ته زمين ۾ الله کي ڪڏھن به ٿَڪائي نه سگھنداسون ۽ نڪي ڀڄي ڪڏھن ٿَڪائي سگھنداسونس.
13. ۽ ھي ته جڏھن اسان ھدايت (جي ڳالھ) ٻڌي (تڏھن) اُن تي ايمان آندوسون، پوءِ جيڪو پنھنجي پالڻھار تي ايمان آڻيندو سو نڪي ڪنھن نقصان کان ۽ نڪي ڪنھن ظلم کان ڊڄندو.
14. ۽ ھي ته اسان مان ڪي مسلمان آھن ۽ اسان مان ڪي گنھگار آھن، پوءِ جيڪي مُسلمان ٿيا تن سِڌي واٽ جي نيت ڪئي.
15. ۽ گنھگار سي دوزخ جي ڪاٺيون ھوندا.
16. ۽ (اي پيغمبر) ھيءَ (به چؤ ته مون ڏانھن موڪليو ويو آھي) ته جيڪڏھن ماڻھو سڌيءَ واٽ تي بيھڪ وٺن ھا ته ضرور انھن (جي پوکن) کي گھڻو پاڻي پياريون ھا.
17. ته اُن ۾ کين پرکيون ۽ جيڪو پنھنجي پالڻھار جي ياد ڪرڻ کان مُنھن موڙيندو تنھن کي (الله) سخت عذاب ۾ ڦاسائيندو.
18. ۽ ھي ته سڀ مسجدون (خاص) الله جون آھن تنھنڪري الله سان گڏ ڪنھن جي عبادت نه ڪريو.
19. ۽ ھي ته جنھن مھل الله جو ٻانھو (ﷴ ﷺ) بيٺو ته سندس عبادت ڪري تنھن مھل جنّ مٿس ڳاھٽ ڪرڻ تي ھوا.
20. چؤ ته آءٌ رڳو پنھنجي پالڻھار جي عبادت ڪريان ٿو ۽ ڪنھن ھڪڙي کي ساڻس شريڪ نه ٿو ڪريان.
21. چؤ ته بيشڪ آءٌ اوھان کي ڏک پھچائڻ ۽ سنئي رستي تي آڻڻ جو وس نٿو رکان.
22. چؤ ته بيشڪ مون کي الله (جي عذاب) کان ڪوبه نه بچائيندو، ۽ اُن کانسواءِ ڪا پناھ ڪڏھن نه لھندس.
23. مگر الله جي پار کان خبر پھچائڻي آھي ۽ سندس پيغام پھچائڻا آھن ۽ جيڪو الله ۽ سندس پيغمبر جي نافرماني ڪندو تنھن لاءِ بيشڪ دوزخ جي باھ آھي جنھن ۾ سدائين رھندا.
24. (ايستائين غفلت ۾ رھندا) جيسين ڪه جيڪو اُنھن کي انجام ڏجي ٿو سو ڏسن پوءِ ڄاڻندا ته مددگار جي ڪري وڌيڪ ھيڻو ۽ ڳاڻيٽي جي ڪري تمام ٿورو ڪير آھي.
25. (کين) چؤ ته آءٌ نه ٿو ڄاڻان ته جنھنجو اوھان کي انجام ڏجي ٿو سو (الائي) ويجھو آھي يا منھنجو پالڻھار اُن جي ڪا (ٻي) مُدت مُقرر ڪندو.
26. (اُھو) ڳُجھ جو ڄاڻندڙ آھي پوءِ پنھنجي ڳجھ تي ڪنھن ھڪڙي کي واقف نه ڪندو آھي.
27. سواءِ انھيءَ جي جو جنھن پيغمبر کي پسند ڪيائين بيشڪ الله سندس اڳتان ۽ سندس پوئتان نگھبان (ملائڪ) موڪليندو آھي.
28. (ھن لاءِ) ته ڄاڻي ته پنھنجي پالڻھار جا حُڪم سچ پچ پھچايا اٿن ۽ جيڪي وٽن آھي تنھنکي الله ھر طرح پنھنجي وس رکيو آھي ۽ سڀڪنھن شيءَ جو ڳاڻيٽو ڳڻي ڇڏيو اٿس.
شيئر ڪريو
1. Al-Fatihah
2. Al Baqara
3. Ali `Imran
4. An-Nisa
5. Al-Ma`idah
6. Al-An`am
7. Al-A`raf
8. Al-Anfal
9. At-Tawbah
10. Yunus
11. Hud
12. Yusuf
13. Ar-Ra`d
14. Ibrahim
15. Al-Hijr
16. An-Nahl
17. Al-Isra
18. Al-Kahf
19. Maryam
20. Taha
21. Al-Anbya
22. Al-Haj
23. Al-Mu`minun
24. An-Nur
25. Al-Furqan
26. Ash-Shu`ara
27. An-Naml
28. Al-Qasas
29. Al-`Ankabut
30. Ar-Rum
31. Luqman
32. As-Sajdah
33. Al-Ahzab
34. Saba
35. Faatir
36. Ya-Sin
37. As-Saffat
38. Sad
39. Az-Zumar
40. Ghafir
41. Fussilat
42. sh-Shuraa
43. Az-Zukhruf
44. Ad-Dukhan
45. Al-Jathiyah
46. Al-Ahqaf
47. Muhammad
48. Al-Fath
49. Al-Hujurat
50. Qaf
51. Adh-Dhariyat
52. At-Tur
53. An-Najm
54. Al-Qamar
55. Ar-Rahman
56. Al-Waqi`ah
57. Al-Hadid
58. Al-Mujadila
59. Al-Hashr
60. Al-Mumtahanah
61. As-Saf
62. Al-Jumu`ah
63. Al-Munafiqun
64. At-Taghabun
65. At-Talaq
66. At-Tahrim
67. Al-Mulk
68. Al-Qalam
69. Al-Haqqah
70. Al-Ma`arij
71. Nuh
72. Al-Jinn
73. Al-Muzzammil
74. Al-Muddaththir
75. Al-Qiyamah
76. Al-Insan
77. Al-Mursalat
78. An-Naba
79. An-Nazi`at
80. Abasa
81. At-Takwir
82. Al-Infitar
83. Al-Mutaffifin
84. Al-Inshiqaq
85. Al-Buruj
86. At-Tariq
87. Al-A`la
88. Al-Ghashiyah
89. Al-Fajr
90. Al-Balad
91. Ash-Shams
92. Al-Layl
93. Ad-Duhaa
94. Ash-Sharh
95. At-Tin
96. Al-`Alaq
97. Al-Qadr
98. Al-Bayyinah
99. Az-Zalzalah
100. Al-`Adiyat
101. Al-Qari`ah
102. At-Takathur
103. Al-`Asr
104. Al-Humazah
105. Al-Fil
106. Quraysh
107. Al-Ma`un
108. Al-Kawthar
109. Al-Kafirun
110. An-Nasr
111. Al-Masad
112. Al-Ikhlas
113. Al-Falaq
114. An-Nas