As-Sajdah - قرآن - هارون يحييٰ
-
1. الٓمّٓ.
-
2. (ھن) ڪتاب جو لاھڻ جنھن ۾ ڪو شڪ ڪونھي جھانن جي پالڻھار وٽان آھي.
-
3. چوندا آھن ڇا ته اُن (قرآن) کي پاڻون ٺاھيو اٿس، (نه!) بلڪ اُھو تنھنجي پالڻھار وٽان سچو (آيل) آھي (ھِن لاءِ) ته اُنھيءَ قوم کي ڊيڄارين جن وٽ توکان اڳ ڪو ڊيڄاريندڙ نه آيو آھي ته مانَ اُھي ھدايت لھن.
-
4. الله اُھو آھي جنھن آسمانن ۽ زمين کي ۽ جيڪي سندن وچ ۾ آھي سوڇھن ڏينھن ۾ بڻايو وري عرش ڏانھن متوجه ٿيو، اُن کانسواءِ اوھان لاءِ نڪي ڪو سڄڻ ۽ نڪي ڪو پارت ڪندڙ آھي، پوءِ نصيحت نه ٿا وٺو ڇا؟
-
5. آسمان کان زمين ڏانھن ڪم جو بندوبست ڪندو آھي، وري (اُھو بندوبست) اُن ڏينھن ۾ ڏانھس مٿاھون ويندو آھي جنھن ڏينھن جو اندازو ھزار ورھ جيترو انھيءَ ليکي مان آھي جو ڳڻيندا آھيو.
-
6. اِھو آھي جو ڳجھ ۽ ظاھر جو ڄاڻندڙ غالب مھربان آھي.
-
7. جنھي جيڪا شيء پيدا ڪئي سا سڀڪا چڱيءَ طرح بڻائي ۽ ماڻھوءَ جي پيدائش کي مٽيءَ مان نئون شروع ڪيائين.
-
8. وري سندس اولاد بي قدر پاڻيءَ جي نچوڙي مان بڻايائين.
-
9. وري کيس سئين لڱين ڪيائين ۽ منجھس پنھنجو روح ڦوڪيائين ۽ اوھان لاءِ ڪن ۽ اکيون ۽ دليون بڻايائين، اوھين ٿورو شڪر ڪندا آھيو.
-
10. ۽ چون ٿا ته جڏھن زمين ۾ رلي ملي وياسون (تڏھن به) اسين وري نئين سر بڻباسين ڇا؟ (نه!) بلڪ اُھي پنھنجي پالڻھار جي ملڻ کان منڪر آھن.
-
11. (اي پيغمبر کين) چؤ ته جيڪو موت جو فرشتو اوھان تي مقرّر ڪيل آھي سو اوھان جو روح ڪڍندو وري پنھنجي پالڻھار ڏانھن موٽائبؤ.
-
12. ۽ (اُنھي مھل) جيڪڏھن ڏسين جنھن مھل گنھگار پنھنجي پالڻھار جي سامھون پنھنجا ڪنڌ اونڌا ڪندڙ ھوندا (ته عجب ڪرين)، (۽ چوندا ته) اي اسانجا پالڻھار ڏٺوسون ۽ ٻڌوسون ھاڻي اسان کي (دُنيا ۾) موٽاءِ ته چڱا ڪم ڪريون بيشڪ اسين يقين ڪندڙ آھيون.
-
13. ۽ جيڪڏھن گھُرون ھا ته سڀڪنھن شخص کي ھدايت ڪريون ھا پر مون وٽان (ھي) حُڪم ٺھرائجي چڪو آھي ته جِنّن ۽ ماڻھن (انھن ئي) مڙني مان دوزخ ضرور ڀريندس.
-
14. پوءِ ھن ڏينھن جي ملڻ کي جو وساريو ھيؤ تنھن سببان عذاب چکو، بيشڪ اسان (به) اوھان کي وساريو ۽ جيڪي ڪندا ھيؤ تنھن سببان ھميشگيءَ جو عذاب چکو.
-
15. اسان جي آيتن تي رڳو اُھي ايمان آڻيندا جن کي اُنھن (آيتن) سان جڏھن نصيحت ڏبي آھي تڏھن سجدو ڪندڙ ٿي ڪِرندا آھن ۽ پنھنجي پالڻھار جي ساراھ پاڪائي سان بيان ڪندا آھن ۽ اُھي وڏائي نه ڪندا آھن.
-
16. سندن پاسا سمھڻ جي ھنڌ کان الڳ ٿي پنھنجي پالڻھار کي خوف ۽ اُميد سان سڏيندا آھن، ۽ جيڪا کين روزي ڏني سون تنھن مان خرچيندا آھن.
-
17. پوءِ جيڪو اکين جو ٺار انھن لاءِ لڪايو ويو آھي سو ڪو جيء نه ڄاڻندو آھي، اُھو بدلو ھنن جيڪي ڪمايو ھو تنھن سببان آھي.
-
18. جيڪو مؤمن آھي سو بدڪار جي برابر آھي ڇا؟ (اُھي ٻئي ڪڏھن) برابر نه ٿيندا.
-
19. جن ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪيا تِن لاءِ بھشت (جا باغ) مھماني طور رھڻ جو ھنڌ آھي اُنھي سببان جو (چڱا) ڪم ڪندا رھيا.
-
20. پر جن بڇڙائي ڪئي تن جي رھڻ جو ھنڌ دوزخ آھي، جنھن مھل منجھانئس نڪرڻ جو ارادو ڪندا (تنھن مھل) منجھس ورائي (پيا وجھبا) ۽ کين چئبو ته اُن باھ جو عذاب چکو جنھن کي اوھين ڪوڙ ڀائيندا ھئؤ.
-
21. ۽ کين وڏي عذاب کانسواءِ ھلڪي سزا (دنيا ۾ به) ضرور چکائينداسون ته مانَ اُھي (سڌي واٽ ڏانھن) ورن.
-
22. ۽ اُن کان وڌيڪ ظالم ڪير آھي جنھن کي سندس پالڻھار جي آيتن سان نصيحت ڏجي ته وري اُن کان مُنھن موڙي، بيشڪ اسين ڏوھارين کان بدلو وٺندڙ آھيون.
-
23. ۽ بيشڪ مُوسىٰ کي ڪتاب ڏنوسون پوءِ تون اُن (قرآن) جي ملڻ کان شڪ ۾ نه ٿج ۽ اُن موسىٰ کي بني اسرائيلن لاءِ ھدايت بڻايوسون.
-
24. منجھانئن پيشوا ڪيا (ھوا) سون جي اسان جي حُڪم سان سڌو رستو ڏيکاريندا ھوا جڏھن جو (اُھي ڏکن تي) صبر ڪندا رھيا، ۽ اُھي اسان جي آيتن تي يقين رکندا ھوا.
-
25. بيشڪ تنھنجو پالڻھار ئي قيامت جي ڏينھن سندن وچ ۾ انھيءَ (ڳالھ) جو نبيرو ڪندو جنھن بابت جھڳڙو ڪندا ھوا.
-
26. کين پڌرو نه ٿيو آھي ڇا ته کانئن اڳ ڪيترا (ئي) جُڳ ناس ڪياسون جن جي گھرن ۾ (اُھي) گھُمندا آھن، بيشڪ ھن (ڳالھ) ۾ وڏيون نشانيون آھن، پوءِ نه ٻڌندا آھن پا؟
-
27. نه ڏٺائون ڇا ته اسين اُٻڙٺ زمين ڏانھن پاڻي وھائيندا آھيون پوءِ اُن سان پوک ڄمائيندا آھيون جنھن مان سندن ڍور ۽ اُھي پاڻ کائيندا آھن، پوءِ نه ڏسندا آھن ڇا؟
-
28. ۽ چون ٿا ته جيڪڏھن اوھين سچا آھيو ته اھو فيصلو ڪڏھن ٿيندو؟
-
29. (اي پيغمبر کين) چؤ ته فيصلي جي ڏينھن ڪافرن کي سندن ايمان آڻڻ فائدو نه ڏيندو ۽ نڪي کين مُھلت ڏبي.
-
30. پوءِ کائن مُنھن موڙ ۽ انتظار ڪڍ بيشڪ اُھي (به) انتظار ڪڍندڙ آھن.
شيئر ڪريو
1
Al-Fatihah
2
Al Baqara
3
Ali `Imran
4
An-Nisa
5
Al-Ma`idah
6
Al-An`am
7
Al-A`raf
8
Al-Anfal
9
At-Tawbah
10
Yunus
11
Hud
12
Yusuf
13
Ar-Ra`d
14
Ibrahim
15
Al-Hijr
16
An-Nahl
17
Al-Isra
18
Al-Kahf
19
Maryam
20
Taha
21
Al-Anbya
22
Al-Haj
23
Al-Mu`minun
24
An-Nur
25
Al-Furqan
26
Ash-Shu`ara
27
An-Naml
28
Al-Qasas
29
Al-`Ankabut
30
Ar-Rum
31
Luqman
32
As-Sajdah
33
Al-Ahzab
34
Saba
35
Faatir
36
Ya-Sin
37
As-Saffat
38
Sad
39
Az-Zumar
40
Ghafir
41
Fussilat
42
sh-Shuraa
43
Az-Zukhruf
44
Ad-Dukhan
45
Al-Jathiyah
46
Al-Ahqaf
47
Muhammad
48
Al-Fath
49
Al-Hujurat
50
Qaf
51
Adh-Dhariyat
52
At-Tur
53
An-Najm
54
Al-Qamar
55
Ar-Rahman
56
Al-Waqi`ah
57
Al-Hadid
58
Al-Mujadila
59
Al-Hashr
60
Al-Mumtahanah
61
As-Saf
62
Al-Jumu`ah
63
Al-Munafiqun
64
At-Taghabun
65
At-Talaq
66
At-Tahrim
67
Al-Mulk
68
Al-Qalam
69
Al-Haqqah
70
Al-Ma`arij
71
Nuh
72
Al-Jinn
73
Al-Muzzammil
74
Al-Muddaththir
75
Al-Qiyamah
76
Al-Insan
77
Al-Mursalat
78
An-Naba
79
An-Nazi`at
80
Abasa
81
At-Takwir
82
Al-Infitar
83
Al-Mutaffifin
84
Al-Inshiqaq
85
Al-Buruj
86
At-Tariq
87
Al-A`la
88
Al-Ghashiyah
89
Al-Fajr
90
Al-Balad
91
Ash-Shams
92
Al-Layl
93
Ad-Duhaa
94
Ash-Sharh
95
At-Tin
96
Al-`Alaq
97
Al-Qadr
98
Al-Bayyinah
99
Az-Zalzalah
100
Al-`Adiyat
101
Al-Qari`ah
102
At-Takathur
103
Al-`Asr
104
Al-Humazah
105
Al-Fil
106
Quraysh
107
Al-Ma`un
108
Al-Kawthar
109
Al-Kafirun
110
An-Nasr
111
Al-Masad
112
Al-Ikhlas
113
Al-Falaq
114
An-Nas