14. پوءِ ھن ڏينھن جي ملڻ کي جو وساريو ھيؤ تنھن سببان عذاب چکو، بيشڪ اسان (به) اوھان کي وساريو ۽ جيڪي ڪندا ھيؤ تنھن سببان ھميشگيءَ جو عذاب چکو.
15. اسان جي آيتن تي رڳو اُھي ايمان آڻيندا جن کي اُنھن (آيتن) سان جڏھن نصيحت ڏبي آھي تڏھن سجدو ڪندڙ ٿي ڪِرندا آھن ۽ پنھنجي پالڻھار جي ساراھ پاڪائي سان بيان ڪندا آھن ۽ اُھي وڏائي نه ڪندا آھن.
16. سندن پاسا سمھڻ جي ھنڌ کان الڳ ٿي پنھنجي پالڻھار کي خوف ۽ اُميد سان سڏيندا آھن، ۽ جيڪا کين روزي ڏني سون تنھن مان خرچيندا آھن.