96. Al-`Alaq - قُرآن
- 1. (اي پيغمبر) پنھنجي پالڻھار جي نالي سان پڙھ جنھن (سارو جڳ) خلقيو.
- 2. ماڻھوءَ کي رت جي دِڳ مان بڻايائين.
- 3. پڙھ ۽ تنھنجو پالڻھار ڏاڍو سڳورو آھي.
- 4. جنھن (ماڻھوءَ کي علم) قلم سان سيکاريو.
- 5. ماڻھوءَ کي اُھو سيکاريائين جو نه ڄاڻندو ھو.
- 6. سچ آھي ته بيشڪ ماڻھو سرڪشي ڪندو آھي.
- 7. جڏھن اُھو پاڻ کي بي پرواھ ڏسندو آھي.
- 8. بيشڪ تنھنجي پالڻھار ڏانھن موٽي وڃڻو آھي.
- 9. اُھو ڏٺو اٿئي ڇا جيڪو جھليندو آھي.
- 10. (منھنجي) ٻانھي کي جڏھن اھو نماز پڙھندو آھي.
- 11. ڏٺو اٿئي ڇا ته جيڪڏھن (اُھو ماڻھو) سڌي رستي تي ھجي ھا.
- 12. يا پرھيزگاريءَ جو حڪم ڪري ھا.
- 13. ڏٺو اٿئي ڇا ته جيڪڏھن ڪوڙ ڀانيائين ۽ پٺيرو ٿيو.
- 14. ته (ھيُ) نه ڄاتائين ڇا ته الله ڏسي ٿو.
- 15. ائين نه آھي! قسم آھي ته جيڪڏھن پاڻ نه پليندو، ته ضرور پيشانيءَ جي وارن کان وٺي گھلينداسونس.
- 16. اُھا پيشاني جا ڪوڙي گنھگار آھي.
- 17. پوءِ ڀلي ته پنھنجي ڪچھريءَ وارن کي سڏي.
- 18. اسين به دوزخ جي داروغن کي سڏينداسون.
- 19. ائين نه آھي، تون چيو نه مڃيس ۽ سجدو ڪر ۽ (الله کي) ويجھو ٿيءُ.