• 1. (اي پيغمبر) پنھنجي پالڻھار جي نالي سان پڙھ جنھن (سارو جڳ) خلقيو.

  • 2. ماڻھوءَ کي رت جي دِڳ مان بڻايائين.

  • 3. پڙھ ۽ تنھنجو پالڻھار ڏاڍو سڳورو آھي.

  • 4. جنھن (ماڻھوءَ کي علم) قلم سان سيکاريو.

  • 5. ماڻھوءَ کي اُھو سيکاريائين جو نه ڄاڻندو ھو.

  • 6. سچ آھي ته بيشڪ ماڻھو سرڪشي ڪندو آھي.

  • 7. جڏھن اُھو پاڻ کي بي پرواھ ڏسندو آھي.

  • 8. بيشڪ تنھنجي پالڻھار ڏانھن موٽي وڃڻو آھي.

  • 9. اُھو ڏٺو اٿئي ڇا جيڪو جھليندو آھي.

  • 10. (منھنجي) ٻانھي کي جڏھن اھو نماز پڙھندو آھي.

  • 11. ڏٺو اٿئي ڇا ته جيڪڏھن (اُھو ماڻھو) سڌي رستي تي ھجي ھا.

  • 12. يا پرھيزگاريءَ جو حڪم ڪري ھا.

  • 13. ڏٺو اٿئي ڇا ته جيڪڏھن ڪوڙ ڀانيائين ۽ پٺيرو ٿيو.

  • 14. ته (ھيُ) نه ڄاتائين ڇا ته الله ڏسي ٿو.

  • 15. ائين نه آھي! قسم آھي ته جيڪڏھن پاڻ نه پليندو، ته ضرور پيشانيءَ جي وارن کان وٺي گھلينداسونس.

  • 16. اُھا پيشاني جا ڪوڙي گنھگار آھي.

  • 17. پوءِ ڀلي ته پنھنجي ڪچھريءَ وارن کي سڏي.

  • 18. اسين به دوزخ جي داروغن کي سڏينداسون.

  • 19. ائين نه آھي، تون چيو نه مڃيس ۽ سجدو ڪر ۽ (الله کي) ويجھو ٿيءُ.