Al-Hashr - قرآن - هارون يحييٰ
-
1. جيڪي آسمانن ۾ آھي ۽ جيڪي زمين ۾ آھي سو سڀ الله جي پاڪائي بيان ڪندو آھي، ۽ اُھو غالب حڪمت وارو آھي.
-
2. (الله) اُھو آھي جنھن ڪتاب وارن مان ڪافرن کي سندن گھرن مان پھرين ئي ويڙھ ۾ ٻاھر ڪڍي ڇڏيو، (اي مسلمانؤ) انھن جي نڪرڻ جو اوھان ڪو گمان نه ڪندا ھئو ۽ اُھي ڀائيندا ھوا ته الله (جي عذاب) کان سندن قلعا کين بچائڻ وارا ھوندا پوءِ (اُتان) وٽن الله (جو عذاب) پھتو جتان ڄاڻندا ئي نه ھوا ۽ سندن دلين ۾ اھڙي دھشت وڌائين جو پنھنجن ھٿن سان ۽ مُسلمانن جي ھٿن سان پنھنجن گھرن کي (پاڻ) ڊاھڻ لڳا، تنھنڪري اي اکين وارؤ عبرت وٺو.
-
3. ۽ جيڪڏھن الله مٿن ديس نيڪالي نه لکي ھا ته کين (ٻيءَ طرح) دنيا ۾ عذاب ڪري ھا، ۽ انھن کي آخرت ۾ (به) باھ جو عذاب آھي.
-
4. اِھو عذاب (ڪرڻ) ھن ڪري آھي جو انھن الله ۽ سندس پيغمبر جي مخالفت ڪئي، ۽ جيڪو الله جي مخالفت ڪندو ته بيشڪ الله سخت عذاب (ڪرڻ) وارو آھي.
-
5. (اي مؤمنؤ) جيڪي کجين جا وڻ وڍيوَ يا انھن کي پنھنجي پاڙن تي بيٺل ڇڏيوَ سو الله جي حُڪم سان ۽ ھِن لاءِ ته ھو ڪافرن کي خوار ڪري.
-
6. ۽ انھن (يعني بني نضير جي مالن) مان جيڪو (مال) الله پنھنجي پيغمبر کي ھٿ ۾ ڏنو تنھن تي اوھان نڪي گھوڙا ۽ نڪي ڪي اُٺ ڊوڙايا ھوا پر الله پنھنجن پيغمبرن کي جنھن تي وڻيس (تنھن تي) غالب ڪندو آھي، ۽ الله سڀڪنھن شيءَ تي وس وارو آھي.
-
7. ڳوٺاڻن (جي مالن) مان جيڪي الله پنھنجي پيغمبر جي ھٿ ۾ ڏنو سو خاص الله لاءِ پيغمبر لاءِ ۽ (پيغمبر جي) مائٽن لاءِ ۽ ڇورن ٻارن ۽ مسڪينن ۽ مسافرن لاءِ آھي (اِھو ھن لاءِ آھي) ته اُھو اوھان مان دنيا وارن جي وچ ۾ ڏيڻ وٺڻ ۾ نه اچي، ۽ جيڪي پيغمبر اوھان کي ڏئي سو وٺو، ۽ جنھن کان اوھان کي جھلي تنھن کي ڇڏي ڏيو، ۽ الله کان ڊڄو، بيشڪ الله سخت عذاب (ڪرڻ) وارو آھي.
-
8. (۽ اُھو فَيءَ جو مال) انھن ھجرت ڪرڻ وارن مسڪينن لاءِ (به) آھي جن کي سندن گھرن مان ۽ مالن مان ٻاھر ڪڍيو ويو جيڪي (پنھنجي) الله کان فضل ۽ سندس رضامندي طلبيندا آھن ۽ الله کي ۽ سندس پيغمبر کي مدد ڏيندا آھن، اُھي ئي سچا آھن.
-
9. ۽ (انھن لاءِ به آھي) جن دارالاسلام (يعني مديني) ۾ ۽ ايمان ۾ مُھاجرن کان اڳ گھر بڻايو جيڪو وٽن لڏي اچي تنھن کي دوست رکندا آھن ۽ جيڪي مھاجرن کي ڏنو ويو تنھن بابت پنھنجين دلين ۾ ڪا پريشاني نه لھندا آھن ۽ (ٻـين کي) پاڻ کان پسند ڪندا آھن توڻيڪ کين ڪو احتياج ھوندو آھي، ۽ جن کي پنھنجي نفس جي حرص کان بچايو ويو سي ئي ڇٽڻ وارا آھن.
-
10. ۽ (اھو مال اُنھن لاءِ به آھي) جيڪي انھن (مھاجرن ۽ انصارن) کانپوءِ آيا چوندا آھن ته اي اسان جا پالڻھار اسان کي بخش ۽ اسان جي (انھن) ڀائرن کي (به) جن ايمان آڻڻ ۾ اسان کان اڳرائي ڪئي ۽ مؤمنن به نسبت اسان جي دلين ۾ ڪو ڪينو نه وجھ اي اسان جا پالڻھار بيشڪ تون ڏاڍو شفقت ڪندڙ مھربان آھين.
-
11. اُنھن ڏانھن نه ڏٺو اٿئي ڇا جيڪي منافق ٿيا جي پنھنجن انھن ڀائرن کي چوندا آھن جيڪي ڪتاب وارن مان مُنڪر آھن ته جيڪڏھن اوھان کي (وطن مان) تڙايو ويندو ته (به اسين) اوھان سان گڏ نڪرنداسون ۽ اوھان جي حق ۾ ڪڏھن به ڪنھن جو چيو نه مڃينداسون ۽ جيڪڏھن اوھان سان ويڙھ ڪئي ويندي ته اوھان جي ضرور مدد ڪنداسون، ۽ الله شاھدي ٿو ڏيئي ته بيشڪ اُھي ڪوڙا آھن.
-
12. جيڪڏھن تڙبُن ته (اُھي منافق) ساڻن (وطن مان) نه نڪرندا، ۽ جيڪڏھن اُنھن سان جنگ ڪبي ته کين مدد نه ڏيندا، پر جيڪڏھن (کڻي) مدد ڏيندا ته ضرور پٺيون ڦيرائيندا، وري کين مدد نه ملندي.
-
13. (اي مُسلمانؤ) بيشڪ اوھين انھن جي دلين ۾ الله کان (به) وڌيڪ دھشت وارا آھيو، اِھو ھِن ڪري آھي جو اُھي بي سمجھ قوم آھن.
-
14. (سڀ) ھڪ ھنڌ تي اوھان سان ويڙھ نه ڪندا پر قلعي واري (محڪم) ڳوٺن ۾ يا ڀتين جي آڙ ۾، پاڻ ۾ انھن جي ويڙھ تمام سخت پيل آھي، کين گڏ ٿيندو ڀانئيندو آھي پر اُنھن جون دليون ڌار ڌار آھن، اھو ھن ڪري آھي جو اھي بي عقل قوم آھن.
-
15. (سندن مثال) انھن جي مثال جھڙو آھي جيڪي کانئن اڳ ويجھو (گذريل) ھوا (جن) پنھنجي ڪئي جي سزا چکي، ۽ انھن لاءِ ڏکوئيندڙ عذاب آھي.
-
16. (انھن جو مثال) شيطان جي مثال وانگر آھي جڏھن ماڻھوءَ کي چوندو آھي ته ڪافر ٿيءُ، پوءِ جنھن مھل ڪافر ٿيو (تنھن مھل ھو) چوندو آھي ته بيشڪ آءٌ توکان بيزار آھيان آءٌ پنھنجي پالڻھار الله کان ڊڄان ٿو.
-
17. پوءِ ٻنھي جي پڇاڙي ھيئن ٿي ته ٻئي باھ ۾ ھميشه ھوندا، ۽ اھا ظالمن جي سزا آھي.
-
18. اي ايمان وارؤ الله کان ڊڄو ۽ جڳائي ته سڀڪو شخص سوچي ته سڀاڻي (قيامت) لاءِ ڇا اڳي موڪليو اٿس، ۽ الله کان ڊڄندا رھو، ڇوته جيڪي ڪندا آھيو تنھن بابت الله خبر رکندڙ آھي.
-
19. ۽ انھن جھڙا نه ٿيو جن الله کي وساريو پوءِ الله انھن کان سندن جيئن (جي سڌاري) کي وسارايو، اھي بي دين آھن.
-
20. دوزخي ۽ بھشتي برابر نه آھن، بھشتي ئي مُراد ماڻيندڙ آھن.
-
21. جيڪڏھن ھن قرآن کي ڪنھن جبل تي نازل ڪريون ھا ته ضرور ان کي الله جي خوف کان عاجز پرزا پرزا ٿيل ڏسين ھا، ۽ اھي مثال ماڻھن لاءِ بيان ڪريون ٿا ته مانَ اُھي ڌيان ڪن.
-
22. الله اُھو آھي جنھن کانسواءِ (ٻيو) ڪو عبادت جو لائق ڪونھي، (جو) ڳجھ ۽ ظاھر جو ڄاڻندڙ آھي، اُھو ٻاجھارو مھربان آھي.
-
23. الله اُھو آھي جنھن کانسواءِ (ٻيو) ڪو عبادت جو لائق نه آھي، (جو) بادشاھ تمام پاڪ ذات (سڀني عيبن کان) سلامت امن ڏيڻ وارو نگھبان غالب زبردست وڏائي جو سائين آھين، انھن جي شريڪ مقرر ڪرڻ کان الله پاڪ آھي.
-
24. اُھو الله خلقڻھار نئون بڻائيندڙ شڪليون ٺاھيندڙ آھي اُن جا (سڀ) چڱا نالا آھن، جيڪي (به) آسمانن ۽ زمين ۾ آھي سي (سڀ) سندس پاڪائي بيان ڪندا آھن، ۽ اُھو غالب حڪمت وارو آھي.
شيئر ڪريو
1
Al-Fatihah
2
Al Baqara
3
Ali `Imran
4
An-Nisa
5
Al-Ma`idah
6
Al-An`am
7
Al-A`raf
8
Al-Anfal
9
At-Tawbah
10
Yunus
11
Hud
12
Yusuf
13
Ar-Ra`d
14
Ibrahim
15
Al-Hijr
16
An-Nahl
17
Al-Isra
18
Al-Kahf
19
Maryam
20
Taha
21
Al-Anbya
22
Al-Haj
23
Al-Mu`minun
24
An-Nur
25
Al-Furqan
26
Ash-Shu`ara
27
An-Naml
28
Al-Qasas
29
Al-`Ankabut
30
Ar-Rum
31
Luqman
32
As-Sajdah
33
Al-Ahzab
34
Saba
35
Faatir
36
Ya-Sin
37
As-Saffat
38
Sad
39
Az-Zumar
40
Ghafir
41
Fussilat
42
sh-Shuraa
43
Az-Zukhruf
44
Ad-Dukhan
45
Al-Jathiyah
46
Al-Ahqaf
47
Muhammad
48
Al-Fath
49
Al-Hujurat
50
Qaf
51
Adh-Dhariyat
52
At-Tur
53
An-Najm
54
Al-Qamar
55
Ar-Rahman
56
Al-Waqi`ah
57
Al-Hadid
58
Al-Mujadila
59
Al-Hashr
60
Al-Mumtahanah
61
As-Saf
62
Al-Jumu`ah
63
Al-Munafiqun
64
At-Taghabun
65
At-Talaq
66
At-Tahrim
67
Al-Mulk
68
Al-Qalam
69
Al-Haqqah
70
Al-Ma`arij
71
Nuh
72
Al-Jinn
73
Al-Muzzammil
74
Al-Muddaththir
75
Al-Qiyamah
76
Al-Insan
77
Al-Mursalat
78
An-Naba
79
An-Nazi`at
80
Abasa
81
At-Takwir
82
Al-Infitar
83
Al-Mutaffifin
84
Al-Inshiqaq
85
Al-Buruj
86
At-Tariq
87
Al-A`la
88
Al-Ghashiyah
89
Al-Fajr
90
Al-Balad
91
Ash-Shams
92
Al-Layl
93
Ad-Duhaa
94
Ash-Sharh
95
At-Tin
96
Al-`Alaq
97
Al-Qadr
98
Al-Bayyinah
99
Az-Zalzalah
100
Al-`Adiyat
101
Al-Qari`ah
102
At-Takathur
103
Al-`Asr
104
Al-Humazah
105
Al-Fil
106
Quraysh
107
Al-Ma`un
108
Al-Kawthar
109
Al-Kafirun
110
An-Nasr
111
Al-Masad
112
Al-Ikhlas
113
Al-Falaq
114
An-Nas