2. (الله) اُھو آھي جنھن ڪتاب وارن مان ڪافرن کي سندن گھرن مان پھرين ئي ويڙھ ۾ ٻاھر ڪڍي ڇڏيو، (اي مسلمانؤ) انھن جي نڪرڻ جو اوھان ڪو گمان نه ڪندا ھئو ۽ اُھي ڀائيندا ھوا ته الله (جي عذاب) کان سندن قلعا کين بچائڻ وارا ھوندا پوءِ (اُتان) وٽن الله (جو عذاب) پھتو جتان ڄاڻندا ئي نه ھوا ۽ سندن دلين ۾ اھڙي دھشت وڌائين جو پنھنجن ھٿن سان ۽ مُسلمانن جي ھٿن سان پنھنجن گھرن کي (پاڻ) ڊاھڻ لڳا، تنھنڪري اي اکين وارؤ عبرت وٺو.