17. Al-Isra - قُرآن
- 1. اھو (الله) پاڪ آھي جنھن پنھنجي ٻانھي (ﷴ ﷺ) کي ھڪڙي رات (جي اندر) تعظيم واري مسجد مان اُنھي مَسجد اَقصىٰ تائين جنھن جي چوڌاري برڪت رکي سون ھن لاءِ سير ڪرايو ته کيس پنھنجيون نشانيون ڏيکاريون، بيشڪ اُھو ئي ٻڌندڙ ڏسندڙ آھي.
- 2. ۽ مُوسىٰؑ کي ڪتاب (توريت) ڏنوسون ۽ ان کي بني اسرائيلن لاءِ ھدايت ڪرڻ وارو ڪيوسون (۽ چيوسون) ته مون کان سواءِ (ٻيو) ڪو ڀرجھلو نه وٺو.
- 3. اي (ان قوم جو) اولاد جن کي نوح سان گڏ (ٻيڙي ۾) چاڙھيوسون، بيشڪ اھو شاڪر ٻانھو ھو.
- 4. ۽ بني اسرائيلن ڏانھن ڪتاب ۾ (ھيءُ حُڪم) موڪليوسون ته اوھين مُلڪ ۾ ٻه ڀيرا فساد ضرور ڪندؤ ۽ اوھين وڏي وڏائي سان ضرور ھٺيلائي ڪندؤ.
- 5. پوءِ جڏھن ٻنھي مان پھريون انجام (فساد جو) ايندو (تڏھن) اوھان تي پنھنجا ڏاڍا سورھ ٻانھان کڙا ڪنداسون جي شھرن جي وچ ۾ ڪاھي پوندا، ۽ اھو انجام (پورو) ٿيڻو آھي.
- 6. وري اوھان کي ھڪ ڀيرو مٿن غلبو ڏينداسون ۽ مال ۽ اولاد سان اوھان کي (لڳولڳ) وڌائينداسون ۽ اوھان کي لشڪر ڪري گھڻا ڪنداسون.
- 7. جيڪڏھن اوھين چڱائي ڪندؤ ته (اُھا چڱائي) پاڻ لاءِ ڪندؤ، ۽ جيڪڏھن اوھين بڇڙائي ڪندؤ ته پاڻ لاءِ، پوءِ جڏھن ٻيو انجام (فساد جو) پھچندو ته ٻيا اوھان جا منھن ارھا ڪندا ۽ اھڙي طرح مسجد ۾ گھڙندا جھڙي طرح ان ۾ پھريون ڀيرو گھڙيا ھوا ۽ جنھن تي غالب ٿيندا تنھن کي چڱي طرح اجاڙيندا.