logo HARUN YAHYA

Ash-Shams - قرآن - هارون يحييٰ

  • 1. سج ۽ اُن جي سوجھري جو قسم آھي.
  • 2. ۽ چنڊ جوقسم آھي جڏھن ان جي پوئتان اچي.
  • 3. ۽ ڏينھن جو (قسم آھي) جڏھن سج کي روشن ڪري.
  • 4. ۽ رات جو (قسم آھي) جڏھن سج کي ڍڪي.
  • 5. ۽ آسمان جو ۽ اُن جو (قسم آھي) جنھن اُن کي بڻايو.
  • 6. ۽ زمين جو ۽ اُنجو (قسم آھي) جنھن اُن کي پکيڙيو.
  • 7. ۽ (ماڻھوءَ جي) جيءُ جو ۽ اُنجو (قسم آھي) جنھن اُن کي جوڙي برابر ڪيو.
  • 8. پوءِ سندس بدڪاري ۽ سندس پرھيزگاريءَ (جي سڃاڻ) اندر ۾ وڌائينس.
  • 9. جنھن اُن (نفس) کي (بدڪاريءَ کان) پاڪ ڪيو سو بيشڪ ڇٽو.
  • 10. ۽ جنھن اُن کي (گناھن ۾) پوري ڇڏيو سو بيشڪ ٽوٽي وارو ٿيو.
  • 11. (قوم) ثمود پنھنجي سرڪشيءَ سببان (پيغمبر کي) ڪوڙو ڀانيو.
  • 12. جڏھن منجھانئن بلڪل نڀاڳو اُٿيو.
  • 13. پوءِ الله جي پيغمبر کين چيو ته الله جي ڏاچي ۽ اُن جي پاڻي پيڻ کي آڏو نه ٿيو.
  • 14. پوءِ پيغمبر کي ڪوڙو ڀانيائون پوءِ ڏاچيءَ جو کُچون ڪپيائون، پوءِ سندن گناھن سببان سندن پالڻھار مٿن عذاب پلٽيو پوءِ اُن (سزا) کي (سڀني) تي ھڪ جھڙو ڪري ڇڏيائين.
  • 15. ۽ (الله) اُن (سزا) جي پڇاڙيءَ کان نه ٿو ڊڄي.
شيئر ڪريو
Facebook
X
WhatsApp
Telegram
QR Code
QR Code