• 1. سج ۽ اُن جي سوجھري جو قسم آھي.

  • 2. ۽ چنڊ جوقسم آھي جڏھن ان جي پوئتان اچي.

  • 3. ۽ ڏينھن جو (قسم آھي) جڏھن سج کي روشن ڪري.

  • 4. ۽ رات جو (قسم آھي) جڏھن سج کي ڍڪي.

  • 5. ۽ آسمان جو ۽ اُن جو (قسم آھي) جنھن اُن کي بڻايو.

  • 6. ۽ زمين جو ۽ اُنجو (قسم آھي) جنھن اُن کي پکيڙيو.

  • 7. ۽ (ماڻھوءَ جي) جيءُ جو ۽ اُنجو (قسم آھي) جنھن اُن کي جوڙي برابر ڪيو.

  • 8. پوءِ سندس بدڪاري ۽ سندس پرھيزگاريءَ (جي سڃاڻ) اندر ۾ وڌائينس.

  • 9. جنھن اُن (نفس) کي (بدڪاريءَ کان) پاڪ ڪيو سو بيشڪ ڇٽو.

  • 10. ۽ جنھن اُن کي (گناھن ۾) پوري ڇڏيو سو بيشڪ ٽوٽي وارو ٿيو.

  • 11. (قوم) ثمود پنھنجي سرڪشيءَ سببان (پيغمبر کي) ڪوڙو ڀانيو.

  • 12. جڏھن منجھانئن بلڪل نڀاڳو اُٿيو.

  • 13. پوءِ الله جي پيغمبر کين چيو ته الله جي ڏاچي ۽ اُن جي پاڻي پيڻ کي آڏو نه ٿيو.

  • 14. پوءِ پيغمبر کي ڪوڙو ڀانيائون پوءِ ڏاچيءَ جو کُچون ڪپيائون، پوءِ سندن گناھن سببان سندن پالڻھار مٿن عذاب پلٽيو پوءِ اُن (سزا) کي (سڀني) تي ھڪ جھڙو ڪري ڇڏيائين.

  • 15. ۽ (الله) اُن (سزا) جي پڇاڙيءَ کان نه ٿو ڊڄي.