• 1. جڏھن قيامت ايندي.

  • 2. جنھنجي اچڻ ۾ ڪو ڪوڙ نه آھي.

  • 3. ڪن کي جھڪي ڪرڻ واري ۽ ڪن کي مٿاھين ڪرڻ واري.

  • 4. جڏھن زمين سخت ڌوڏبي.

  • 5. ۽ جبل پوري طرح ڀڃي پڻي ڪيا ويندا.

  • 6. پوءِ اُڏاريل دُز وانگر ٿيندا.

  • 7. ۽ اوھين تڏھن ٽي ٽوليون ٿيندؤ.

  • 8. پوءِ سڄي پاسي وارا، سڄي پاسي وارا ڪھڙا ته چڱا ھوندا.

  • 9. ۽ کٻي پاسي وارا، کٻي پاسي وارا ڪھڙا (ته) بدحال ھوندا؟

  • 10. ۽ (چڱاين ۾) اڳرائي ڪرڻ وارا اڳي ٿيڻ وارا.

  • 11. اھي (ئي) مقرب آھن.

  • 12. نعمتن وارن باغن ۾ ھوندا.

  • 13. گھڻا پھرين مان.

  • 14. ۽ ٿورا پوين مان.

  • 15. (سون سان) اُڻيل تخت تي.

  • 16. ھڪ ٻئي جي آمھون سامھون ٿي مٿن ٽيڪ ڏئي ويٺل ھوندا.

  • 17. ھميشه رھڻ وارا نينگر وٽن پيا ايندا ويندا.

  • 18. آبخورن ۽ ڪوزن سان ۽ وھندڙ شراب مان (ڀريل) پيالا (آڻيندن).

  • 19. (اھڙو صاف) جنھن کان نڪي مٿي ۾ سور پوندن ۽ نڪي بيھوش ھوندا.

  • 20. ۽ (پڻ ھر جنس جو) ميوو جتان وڻندن.

  • 21. ۽ پکين جو گوشت جنھن قسم مان (پيو) گھرين.

  • 22. ۽ وڏين اکين وارون حورون.

  • 23. (ڄڻڪ) ڍڪيل موتين جھڙيون.

  • 24. جيڪي ڪمايو ھوائون تنھنجي بدلي ۾.

  • 25. اتي نڪا اجائي بَڪ نڪا گناھ جھڙي ڳالھ ٻڌندا.

  • 26. پر ھر ڪو سلام سلام پيو چوندو.

  • 27. ۽ سڄي پاسي وارا، سڄي پاسي وارا ڪھڙي حال ھوندا.

  • 28. لاسڙين ٻيرين ۾.

  • 29. ۽ ڀريل ڦردار ڪيوڙن ۾.

  • 30. ۽ ڊگھن پاڇن ۾.

  • 31. ۽ (ھيٺ) ڪرندڙ پاڻي ۾.

  • 32. ۽ گھڻن ميون ۾.

  • 33. نڪي کُٽندا ۽ نڪي (کائن) جھلبا.

  • 34. ۽ اُچا وڇاڻا.

  • 35. بيشڪ اسان حورن کي ھڪ نموني تي پيدا ڪيو آھي.

  • 36. پوءِ کين ڪنواريون بڻايوسون.

  • 37. مڙسن کي وڻندڙ ھڪ جيڏيون.

  • 38. سڄي پاسي وارن لاءِ.

  • 39. گھڻي جماعت پھرين مان آھي.

  • 40. ۽ گھڻي جماعت پوين مان آھي.

  • 41. ۽ کٻي پاسي وارا، کٻي پاسي وارا ڪھڙا بدحال ھوندا.

  • 42. ڪوسي جھولي ۽ تَتي پاڻيءَ ۾ ھوندا.

  • 43. ۽ ڪاري دونھين جي پاڇي ۾ ھوندا.

  • 44. جو نڪي ٿڌو ھوندو ۽ نڪي سھائيندڙ.

  • 45. بيشڪ اُھي ھن کان اڳ (دُنيا ۾) سُک ۾ پيل ھوا.

  • 46. ۽ وڏي گناھ (شرڪ) تي ضد ڪندا ھوا.

  • 47. ۽ چوندا ھوا ته، جڏھن مرنداسون ۽ مٽي ۽ ھڏا ٿينداسون (تڏھن) اسين وري (قبرن مان) اُٿاريا وينداسون ڇا؟

  • 48. يا اسان جا پھريان پيءُ ڏاڏا.

  • 49. (اي پيغمبر) چؤ ته بيشڪ اڳيان ۽ پويان.

  • 50. ھڪ مقرّر ڪيل ڏينھن جي وقت تي ضرور گڏ ڪيا ويندا.

  • 51. وري بيشڪ اوھين اي گمراھو ڪوڙ ڀائيندڙؤ.

  • 52. ضرور اوھين ٿوھر جي وڻ مان کائيندؤ.

  • 53. پوءِ منجھانئس پيٽن کي ڀريندؤ.

  • 54. پوءِ مٿانئس تَتل پاڻيءَ مان پيئندؤ.

  • 55. پوءِ اُڃايل اُٺن جي پيئڻ وانگر پيئندؤ.

  • 56. قيامت جي ڏينھن اِھا سندن مھماني آھي.

  • 57. اسان اوھان کي پيدا ڪيو پوءِ (وري جيارڻ کي) ڇونه سچ ڀائيندا آھيو.

  • 58. ڀلا ڏسو ته سھي ته جيڪا مني وجھندا آھيو.

  • 59. تنھن مان اوھين خلقيو ٿا ڇا؟ يا اسين خلقڻ وارا آھيون؟

  • 60. اسان اوھان ۾ موت مقرّر ڪيو آھي ۽ اسين عاجز نه آھيون.

  • 61. ته اوھان جھڙن کي مٽائي پيدا ڪريون ۽ اوھان کي اھڙي (شڪل) ۾ پيدا ڪريون جنھن کي ڄاڻندا ئي ئي نه ھجو.

  • 62. ۽ بيشڪ پھرين پيدائش ڄاڻي چڪؤ پوءِ ڇونه ٿا نصيحت وٺو؟

  • 63. ڏسو ته سھي جيڪي اوھين پوکيندا آھيو.

  • 64. سو اوھين ڄمائيندا آھيو ڇا يا اسين ڄمائيندا آھيون؟

  • 65. جيڪڏھن گھُرون ته اُن کي ناس ڪري ڇڏيون پوءِ اوھين حيرت ۾ رھجي وڃو.

  • 66. (۽ پيا چئو) ته بيشڪ اسين ٽوٽي ۾ پئجي وياسون.

  • 67. بلڪ اسين بي نصيب آھيون.

  • 68. ڀلا ڏسو ته سھي جيڪو پاڻي پيئندا آھيو.

  • 69. اُھو اوھين ڪڪرن مان ھيٺ لاھيندا آھيو ڇا يا اسين ھيٺ لاھيندا آھيون؟

  • 70. جيڪڏھن گھُرون ته اُن کي کارو ڪري ڇڏيون پوءِ ڇونه شڪرانو ڪندا آھيو؟

  • 71. ڀلا ڏسو ته سھي ته جا باھ ٻاريندا آھيو.

  • 72. تنھن جي وڻ کي اوھان پيدا ڪيو آھيو آھي ڇا؟ يا اسين پيدا ڪندڙ آھيون.

  • 73. اسان اُن (وڻ) کي نصيحت وٺڻ لاءِ ۽ مسافرن جي فائدي لاءِ پيدا ڪيو آھي.

  • 74. تنھنڪري پنھنجي وڏي پالڻھار جي نالي کي پاڪائي سان ياد ڪر.

  • 75. پوءِ تارن جي ڪِرڻ جي جاءِ جو قسم کڻان ٿو.

  • 76. ۽ جيڪڏھن ڄاڻو ته بيشڪ اُھو قسم وڏو آھي.

  • 77. بيشڪ اھو سڳورو قرآن آھي.

  • 78. لڪل ڪتاب ۾ لکيل آھي.

  • 79. پاڪائيءَ وارن کانسواءِ ٻيو ڪو اُن کي ھٿ نه لائيندو آھي.

  • 80. جھانن جي پالڻھار وٽان نازل ڪيل آھي.

  • 81. پوءِ اوھين ھن ڳالھ (جي مڃڻ) ۾ سُستي ڪرڻ وارا آھيو ڇا.

  • 82. ۽ اُن کي ڪوڙ ڀانئين پنھنجو حصّو ڪريو ٿا.

  • 83. پوءِ جنھن مھل (ڪنھنجو) ساھ نر گھٽ وٽ پھچي.

  • 84. ۽ اوھين انھيءَ مھل پيا ٿا ڏسو.

  • 85. ۽ اسين اوھان جي به نسبت اُن ڏانھن تمام ويجھا آھيون پر اوھين نه ڏسندا آھيو.

  • 86. پوءِ جيڪڏھن (اوھين خدا جي حُڪم ۾) لاچار ٿيل نه آھيو.

  • 87. ته جيڪڏھن سچا آھيو ته روح کي ڇو نه موٽايو.

  • 88. پوءِ جيڪڏھن (مئل الله جي) ويجھن ٻانھن مان ھوندو.

  • 89. ته اُن لاءِ خوشي ۽ سُرھاڻ ۽ نعمت وارو باغ آھي.

  • 90. ۽ جيڪڏھن سڄي پاسي وارن مان ھوندو.

  • 91. ته سڄي پاسي وارن مان توکي سلامتي آھي.

  • 92. پر جيڪڏھن اُھو ڪُوڙ ڀانئيندڙن گمراھن مان ھوندو.

  • 93. ته (اُن لاءِ) تَتل پاڻي مھماني.

  • 94. ۽ دوزخ ۾ گھيڙڻ آھي.

  • 95. بيشڪ ھي خبر پوري يقيني آھي.

  • 96. تنھنڪري پنھنجي پالڻھار وڏي جي نالي کي پاڪائيءَ سان ياد ڪر.