Al-Waqi`ah - قرآن - هارون يحييٰ
-
1. جڏھن قيامت ايندي.
-
2. جنھنجي اچڻ ۾ ڪو ڪوڙ نه آھي.
-
3. ڪن کي جھڪي ڪرڻ واري ۽ ڪن کي مٿاھين ڪرڻ واري.
-
4. جڏھن زمين سخت ڌوڏبي.
-
5. ۽ جبل پوري طرح ڀڃي پڻي ڪيا ويندا.
-
6. پوءِ اُڏاريل دُز وانگر ٿيندا.
-
7. ۽ اوھين تڏھن ٽي ٽوليون ٿيندؤ.
-
8. پوءِ سڄي پاسي وارا، سڄي پاسي وارا ڪھڙا ته چڱا ھوندا.
-
9. ۽ کٻي پاسي وارا، کٻي پاسي وارا ڪھڙا (ته) بدحال ھوندا؟
-
10. ۽ (چڱاين ۾) اڳرائي ڪرڻ وارا اڳي ٿيڻ وارا.
-
11. اھي (ئي) مقرب آھن.
-
12. نعمتن وارن باغن ۾ ھوندا.
-
13. گھڻا پھرين مان.
-
14. ۽ ٿورا پوين مان.
-
15. (سون سان) اُڻيل تخت تي.
-
16. ھڪ ٻئي جي آمھون سامھون ٿي مٿن ٽيڪ ڏئي ويٺل ھوندا.
-
17. ھميشه رھڻ وارا نينگر وٽن پيا ايندا ويندا.
-
18. آبخورن ۽ ڪوزن سان ۽ وھندڙ شراب مان (ڀريل) پيالا (آڻيندن).
-
19. (اھڙو صاف) جنھن کان نڪي مٿي ۾ سور پوندن ۽ نڪي بيھوش ھوندا.
-
20. ۽ (پڻ ھر جنس جو) ميوو جتان وڻندن.
-
21. ۽ پکين جو گوشت جنھن قسم مان (پيو) گھرين.
-
22. ۽ وڏين اکين وارون حورون.
-
23. (ڄڻڪ) ڍڪيل موتين جھڙيون.
-
24. جيڪي ڪمايو ھوائون تنھنجي بدلي ۾.
-
25. اتي نڪا اجائي بَڪ نڪا گناھ جھڙي ڳالھ ٻڌندا.
-
26. پر ھر ڪو سلام سلام پيو چوندو.
-
27. ۽ سڄي پاسي وارا، سڄي پاسي وارا ڪھڙي حال ھوندا.
-
28. لاسڙين ٻيرين ۾.
-
29. ۽ ڀريل ڦردار ڪيوڙن ۾.
-
30. ۽ ڊگھن پاڇن ۾.
-
31. ۽ (ھيٺ) ڪرندڙ پاڻي ۾.
-
32. ۽ گھڻن ميون ۾.
-
33. نڪي کُٽندا ۽ نڪي (کائن) جھلبا.
-
34. ۽ اُچا وڇاڻا.
-
35. بيشڪ اسان حورن کي ھڪ نموني تي پيدا ڪيو آھي.
-
36. پوءِ کين ڪنواريون بڻايوسون.
-
37. مڙسن کي وڻندڙ ھڪ جيڏيون.
-
38. سڄي پاسي وارن لاءِ.
-
39. گھڻي جماعت پھرين مان آھي.
-
40. ۽ گھڻي جماعت پوين مان آھي.
-
41. ۽ کٻي پاسي وارا، کٻي پاسي وارا ڪھڙا بدحال ھوندا.
-
42. ڪوسي جھولي ۽ تَتي پاڻيءَ ۾ ھوندا.
-
43. ۽ ڪاري دونھين جي پاڇي ۾ ھوندا.
-
44. جو نڪي ٿڌو ھوندو ۽ نڪي سھائيندڙ.
-
45. بيشڪ اُھي ھن کان اڳ (دُنيا ۾) سُک ۾ پيل ھوا.
-
46. ۽ وڏي گناھ (شرڪ) تي ضد ڪندا ھوا.
-
47. ۽ چوندا ھوا ته، جڏھن مرنداسون ۽ مٽي ۽ ھڏا ٿينداسون (تڏھن) اسين وري (قبرن مان) اُٿاريا وينداسون ڇا؟
-
48. يا اسان جا پھريان پيءُ ڏاڏا.
-
49. (اي پيغمبر) چؤ ته بيشڪ اڳيان ۽ پويان.
-
50. ھڪ مقرّر ڪيل ڏينھن جي وقت تي ضرور گڏ ڪيا ويندا.
-
51. وري بيشڪ اوھين اي گمراھو ڪوڙ ڀائيندڙؤ.
-
52. ضرور اوھين ٿوھر جي وڻ مان کائيندؤ.
-
53. پوءِ منجھانئس پيٽن کي ڀريندؤ.
-
54. پوءِ مٿانئس تَتل پاڻيءَ مان پيئندؤ.
-
55. پوءِ اُڃايل اُٺن جي پيئڻ وانگر پيئندؤ.
-
56. قيامت جي ڏينھن اِھا سندن مھماني آھي.
-
57. اسان اوھان کي پيدا ڪيو پوءِ (وري جيارڻ کي) ڇونه سچ ڀائيندا آھيو.
-
58. ڀلا ڏسو ته سھي ته جيڪا مني وجھندا آھيو.
-
59. تنھن مان اوھين خلقيو ٿا ڇا؟ يا اسين خلقڻ وارا آھيون؟
-
60. اسان اوھان ۾ موت مقرّر ڪيو آھي ۽ اسين عاجز نه آھيون.
-
61. ته اوھان جھڙن کي مٽائي پيدا ڪريون ۽ اوھان کي اھڙي (شڪل) ۾ پيدا ڪريون جنھن کي ڄاڻندا ئي ئي نه ھجو.
-
62. ۽ بيشڪ پھرين پيدائش ڄاڻي چڪؤ پوءِ ڇونه ٿا نصيحت وٺو؟
-
63. ڏسو ته سھي جيڪي اوھين پوکيندا آھيو.
-
64. سو اوھين ڄمائيندا آھيو ڇا يا اسين ڄمائيندا آھيون؟
-
65. جيڪڏھن گھُرون ته اُن کي ناس ڪري ڇڏيون پوءِ اوھين حيرت ۾ رھجي وڃو.
-
66. (۽ پيا چئو) ته بيشڪ اسين ٽوٽي ۾ پئجي وياسون.
-
67. بلڪ اسين بي نصيب آھيون.
-
68. ڀلا ڏسو ته سھي جيڪو پاڻي پيئندا آھيو.
-
69. اُھو اوھين ڪڪرن مان ھيٺ لاھيندا آھيو ڇا يا اسين ھيٺ لاھيندا آھيون؟
-
70. جيڪڏھن گھُرون ته اُن کي کارو ڪري ڇڏيون پوءِ ڇونه شڪرانو ڪندا آھيو؟
-
71. ڀلا ڏسو ته سھي ته جا باھ ٻاريندا آھيو.
-
72. تنھن جي وڻ کي اوھان پيدا ڪيو آھيو آھي ڇا؟ يا اسين پيدا ڪندڙ آھيون.
-
73. اسان اُن (وڻ) کي نصيحت وٺڻ لاءِ ۽ مسافرن جي فائدي لاءِ پيدا ڪيو آھي.
-
74. تنھنڪري پنھنجي وڏي پالڻھار جي نالي کي پاڪائي سان ياد ڪر.
-
75. پوءِ تارن جي ڪِرڻ جي جاءِ جو قسم کڻان ٿو.
-
76. ۽ جيڪڏھن ڄاڻو ته بيشڪ اُھو قسم وڏو آھي.
-
77. بيشڪ اھو سڳورو قرآن آھي.
-
78. لڪل ڪتاب ۾ لکيل آھي.
-
79. پاڪائيءَ وارن کانسواءِ ٻيو ڪو اُن کي ھٿ نه لائيندو آھي.
-
80. جھانن جي پالڻھار وٽان نازل ڪيل آھي.
-
81. پوءِ اوھين ھن ڳالھ (جي مڃڻ) ۾ سُستي ڪرڻ وارا آھيو ڇا.
-
82. ۽ اُن کي ڪوڙ ڀانئين پنھنجو حصّو ڪريو ٿا.
-
83. پوءِ جنھن مھل (ڪنھنجو) ساھ نر گھٽ وٽ پھچي.
-
84. ۽ اوھين انھيءَ مھل پيا ٿا ڏسو.
-
85. ۽ اسين اوھان جي به نسبت اُن ڏانھن تمام ويجھا آھيون پر اوھين نه ڏسندا آھيو.
-
86. پوءِ جيڪڏھن (اوھين خدا جي حُڪم ۾) لاچار ٿيل نه آھيو.
-
87. ته جيڪڏھن سچا آھيو ته روح کي ڇو نه موٽايو.
-
88. پوءِ جيڪڏھن (مئل الله جي) ويجھن ٻانھن مان ھوندو.
-
89. ته اُن لاءِ خوشي ۽ سُرھاڻ ۽ نعمت وارو باغ آھي.
-
90. ۽ جيڪڏھن سڄي پاسي وارن مان ھوندو.
-
91. ته سڄي پاسي وارن مان توکي سلامتي آھي.
-
92. پر جيڪڏھن اُھو ڪُوڙ ڀانئيندڙن گمراھن مان ھوندو.
-
93. ته (اُن لاءِ) تَتل پاڻي مھماني.
-
94. ۽ دوزخ ۾ گھيڙڻ آھي.
-
95. بيشڪ ھي خبر پوري يقيني آھي.
-
96. تنھنڪري پنھنجي پالڻھار وڏي جي نالي کي پاڪائيءَ سان ياد ڪر.
شيئر ڪريو
1
Al-Fatihah
2
Al Baqara
3
Ali `Imran
4
An-Nisa
5
Al-Ma`idah
6
Al-An`am
7
Al-A`raf
8
Al-Anfal
9
At-Tawbah
10
Yunus
11
Hud
12
Yusuf
13
Ar-Ra`d
14
Ibrahim
15
Al-Hijr
16
An-Nahl
17
Al-Isra
18
Al-Kahf
19
Maryam
20
Taha
21
Al-Anbya
22
Al-Haj
23
Al-Mu`minun
24
An-Nur
25
Al-Furqan
26
Ash-Shu`ara
27
An-Naml
28
Al-Qasas
29
Al-`Ankabut
30
Ar-Rum
31
Luqman
32
As-Sajdah
33
Al-Ahzab
34
Saba
35
Faatir
36
Ya-Sin
37
As-Saffat
38
Sad
39
Az-Zumar
40
Ghafir
41
Fussilat
42
sh-Shuraa
43
Az-Zukhruf
44
Ad-Dukhan
45
Al-Jathiyah
46
Al-Ahqaf
47
Muhammad
48
Al-Fath
49
Al-Hujurat
50
Qaf
51
Adh-Dhariyat
52
At-Tur
53
An-Najm
54
Al-Qamar
55
Ar-Rahman
56
Al-Waqi`ah
57
Al-Hadid
58
Al-Mujadila
59
Al-Hashr
60
Al-Mumtahanah
61
As-Saf
62
Al-Jumu`ah
63
Al-Munafiqun
64
At-Taghabun
65
At-Talaq
66
At-Tahrim
67
Al-Mulk
68
Al-Qalam
69
Al-Haqqah
70
Al-Ma`arij
71
Nuh
72
Al-Jinn
73
Al-Muzzammil
74
Al-Muddaththir
75
Al-Qiyamah
76
Al-Insan
77
Al-Mursalat
78
An-Naba
79
An-Nazi`at
80
Abasa
81
At-Takwir
82
Al-Infitar
83
Al-Mutaffifin
84
Al-Inshiqaq
85
Al-Buruj
86
At-Tariq
87
Al-A`la
88
Al-Ghashiyah
89
Al-Fajr
90
Al-Balad
91
Ash-Shams
92
Al-Layl
93
Ad-Duhaa
94
Ash-Sharh
95
At-Tin
96
Al-`Alaq
97
Al-Qadr
98
Al-Bayyinah
99
Az-Zalzalah
100
Al-`Adiyat
101
Al-Qari`ah
102
At-Takathur
103
Al-`Asr
104
Al-Humazah
105
Al-Fil
106
Quraysh
107
Al-Ma`un
108
Al-Kawthar
109
Al-Kafirun
110
An-Nasr
111
Al-Masad
112
Al-Ikhlas
113
Al-Falaq
114
An-Nas