Az-Zukhruf - قرآن - هارون يحييٰ
-
1. حٰمٓ.
-
2. پڌري ڪتاب جو قسم آھي.
-
3. ته بيشڪ اسان ھن (ڪتاب) کي عربيءَ (ٻوليءَ ۾) قرآن ڪيو آھي ته مانَ اوھين سمجھو.
-
4. ۽ بيشڪ اُھو (ڪتاب) لَوح مَحۡفوظ ۾ اسان وٽ (لکيل) آھي بيشڪ (اُھو ڪتاب) وڏي مرتبي وارو حڪمت وارو آھي.
-
5. اوھان کان نصيحت کي ھن ڪري مُنھن موڙي جھلينداسون ڇا ته اوھين حد کان لنگھيل قوم آھيو.
-
6. ۽ اڳين (قومن) ۾ گھڻائي پيغمبر موڪلياسون.
-
7. ۽ وٽن ڪوبه پيغمبر نه ٿي آيو مگر ساڻس ٺـٺوليون ٿي ڪيائون.
-
8. پوءِ اُنھن (قريشن) کان سگھ ۾ تمام ڏاڍن (عاد ۽ ثمود) کي (جو کائن بلڪل سگھارا ھوا) ناس ڪياسون ۽ اڳين جي حالت (اڳين بيان ۾) گذري چڪي آھي.
-
9. ۽ جيڪڏھن کائن پُڇين ٿه آسمانن ۽ زمين کي ڪنھن بڻايو ته ضرور چوندا ته انھن کي غالب ڄاڻندڙ (الله) بڻايو.
-
10. (اُنھيءَ الله) جنھن اوھان لاءِ زمين کي وڇاڻو بڻايو ۽ اوھان لاءِ منجھس رستا بڻايا ته مانَ اوھين سِڌو رستو لھو.
-
11. ۽ (اُنھيءَ الله) جنھن آسمان مان اندازي سان پاڻي وسايو، پوءِ اُن (پاڻيءَ) سان ويران ڳوٺ آباد ڪياسون، اھڙي طرح اوھان کي (قبرن مان) ڪڍيو ويندو.
-
12. ۽ (اُنھيءَ الله) جنھن ھر قسم جا جانور بڻايائين ۽ اوھان لاءِ ٻيڙيون ۽ اُھي جانور بڻايائين جن تي (اوھين) چڙھو.
-
13. ته اُنھن جي پُٺين تي سِڌا ٿي ويھو وري جڏھن مٿن سنوان ٿي ويھو (تڏھن) پنھنجي پالڻھار جي نعمت ياد ڪريو ۽ چئو ته اُھو (الله) پاڪ آھي جنھن ھيءُ اسان کي نِوائي ڏنو ۽ (اسين) اُن جي نوائڻ جي (ڪڏھن) طاقت رکندڙ نه ھواسون.
-
14. ۽ بيشڪ اسين پنھنجي پالڻھار ڏانھن موٽڻ وارا آھيون.
-
15. ۽ الله لاءِ سندس ٻانھن مان اولاد مقرر ڪيائون، بيشڪ ماڻھو پڌرو بي شُڪر آھي.
-
16. (الله) پنھنجي مخلوق مان (پاڻ لاءِ) ڌيئرون اختيار ڪيون ڇا ۽ اوھان کي پٽن سان چونڊيو اٿس (ڇا)؟
-
17. ۽ جڏھن منجھائن ڪنھنکي اُنھيءَ شيءَ (يعني ڌيءُ جي ڄمڻ) جي خبر ڏجي جيڪا ٻاجھاري (الله) لاءِ مثال بيان ڪئي اٿس (تڏھن) سندن منھن ڪاراٽجي ويندو آھي ۽ اُھو ڏک ڀريو ھوندو آھي.
-
18. جيڪو ڳھن ۾ پالجي ٿو ۽ اُھو جھڳڙي ۾ (پنھنجي ڳالھ کي) پڌرو ڪرڻ وارو نه آھي.
-
19. ۽ ملائڪن کي (الله جون) ڌيئرون مُقرّر ڪيون اٿن جي (پاڻ) الله جا ٻانھا آھن، (اھي) سندن پيدا ٿيڻ وقت حاضر ھوا ڇا؟ سندين (اھا) شاھدي سِگھو لکبي ۽ (ھُو قيامت ۾) پُڇيا ويندا.
-
20. ۽ چوندا آھن ته جيڪڏھن ٻاجھارو (الله) گھري ھا ته انھن (ملائڪن) جي عبادت نه ڪريون ھا کين ھن (ڳالھ) جي ڪا ڄاڻپ نه آھي، اُھي رڳو اٽڪل ھڻندا آھن.
-
21. کين ھن (قرآن) کان اڳ ڪو ڪتاب ڏنو اٿون ڇا جو اُنھن اُن کي چنبڙي ورتو آھي.
-
22. (نه!) بلڪ چوندا آھن ته بيشڪ اسان پنھنجن ابن ڏاڏن کي ھڪ مذھب تي ڏٺو ۽ بيشڪ اسين سندن پيرن تي رستي لھڻ وارا آھيون.
-
23. ۽ اھڙي طرح توکان اڳ ڪنھن ڳوٺ ۾ ڪو ڊيڄاريندڙ نه موڪليوسون پر اُن جي آسودن (ماڻھن) چيو ته اسان پنھنجا پيءُ ڏاڏا ھڪ دين تي ڏٺا ۽ بيشڪ اسين انھن (ئي) جي پيرن تي پيروي ڪندڙ آھيون.
-
24. (پيغمبر کين) چيو ته (پنھنجن ابن ڏاڏن جي پيروي ڪندؤ) ڇا؟ جيتوڻيڪ اوھان وٽ اُھو (دين) آندو اٿم جنھن (دين) تي اوھان پنھنجن پين ڏاڏن کي ڏٺو تنھن کان وڌيڪ سڌو رستو ڏيکارڻ وارو آھي، چيائون ته جنھن شيء سان اوھان کي موڪليو ويو آھي تنھنجا اسين مُنڪر آھيون.
-
25. پوءِ کائن بدلو ورتوسون پوءِ ڏس ته ڪوڙن جي پڇاڙي ڪئن ٿي.
-
26. ۽ (ياد ڪر) جڏھن ابراھيم پنھنجي پيءُ ۽ پنھنجي قوم کي چيو ته جنھن شيء کي (اوھين) پوڄيندا آھيو تنھن کان بيشڪ آءٌ بيزار آھيان.
-
27. پر جنھن مون کي پيدا ڪيو سو بيشڪ مون کي سگھوئي ھدايت ڪندو.
-
28. ۽ الله سندس اولاد ۾ اِھا (توحيد جي ڪلمي جي) ڳالھ ھميشه رھائي ته مانَ اُھي (ڪافر) موٽن.
-
29. بلڪ مان انھن ۽ سندن ابن ڏاڏن کي آسودو ڪيو تان جو وٽن سچّو دين ۽ پڌرو پيغمبر (ﷺ) آيو.
-
30. ۽ جنھن مھل سچو دين وٽن آيو (تنھن مھل) چيائون ته ھيءَ جادو آھي ۽ بيشڪ اسين اُن جا مُنڪر آھيون.
-
31. ۽ چيائون ته (ھنن) ٻن ڳوٺن وارن مان ڪنھن سردار مڙس تي ھيءُ قرآن ڇونه نازل ڪيو ويو.
-
32. اِھي تنھنجي پالڻھار جي رحمت وراھيندا آھن ڇا؟ اسان سندن گذران سندن وچ ۾ دنيا جي حياتيءَ ۾ وراھيو آھي ۽ اُنھن مان ھڪڙن کي ٻـين کان وڏي مرتبي وارو ڪيوسون ته ھڪڙا ٻـين کي فرمانبردار ڪري وٺن، ۽ جيڪو (دنيا جو مال) گڏ ڪندا آھن تنھن کان تنھنجي پالڻھار جي رحمت ڀلي آھي.
-
33. ۽ جيڪڏھن ائين نه ھجي ھا ته (متان) ماڻھو ھڪ ٽولي (ڪفر جي) ٿي وڃن جيڪي ٻاجھاري (الله) جو انڪار ڪندا آھن تن لاءِ سندن گھرن جون ڇتيون ۽ ڏاڪڻيون جن تي چڙھن سي روپيون ڪريون ھا.
-
34. ۽ سندن گھرن جا دروازا ۽ تخت جن تي ٽيڪ ڏيئي ويھن (سي به روپا ڪريون ھا).
-
35. ۽ اِھو سڀ رڳو دنيا جي حياتيءَ جو (ٿورو) آسودو رھڻ آھي، ۽ تنھنجي پروردگار وٽ آخرت پرھيزگارن لاءِ آھي.
-
36. ۽ جيڪو ٻاجھاري (الله) جي ياد ڪرڻ کان غافل رھندو آھي تنھن لاءِ ھڪ شيطان مقرر ڪندا آھيون جو اُھو اُن جو سنگتي ھوندو آھي.
-
37. ۽ بيشڪ اُھي شيطان سڌي واٽ کان اُنھن کي جھليندا آھن ۽ (ماڻھو پاڻ کي) ڀانئيندا آھن ته اُھي ھدايت وارا آھن.
-
38. تانجو جڏھن اسان وٽ ايندو (تڏھن پنھنجيءَ سنگتي شيطان کي) چوندو ته ھيء افسوس (جيڪر) منھنجي ۽ تنھنجي وچ ۾ اوڀر ۽ اولھ جيتري ڏورائي ھجي ھا پوءِ بڇڙو سنگتي آھين (تون).
-
39. ۽ ھرگز نه نفعو ڏيندي اوھان کي اڄ اھا سڌ جڏھن ظُلم ڪيو اوھان تحقيق اوھان عذاب ۾ شريڪ ٿيڻ وارا آھيو.
-
40. (اي پيغمبر) تون ٻوڙن کي ٻڌائي ٿو سگھين ڇا يا انڌن کي ۽ اُھو جيڪو پڌريءَ گُمراھيءَ ۾ آھي تنھن کي ھدايت ڪري سگھين ٿو ڇا؟
-
41. پوءِ جيڪڏھن توکي (ھن جھان مان) نيون ته بيشڪ اسين (اتي ئي) کائن بدلو وٺڻ وارا آھيون.
-
42. يا جيڪو کين انجام ڏنو اٿون سو توکي ڏيکاريون ته به بيشڪ اسين مٿن وسوارا آھيون.
-
43. تنھن ڪري جيڪي توڏانھن وحي ڪيو ويو تنھن کي تون چنبڙي وٺ، بيشڪ تون سڌيءَ واٽ تي آھين.
-
44. ۽ بيشڪ اِھو (قرآن) تولاءِ ۽ تنھنجي قوم لاءِ نصيحت آھي، ۽ (اوھين) سگھوئي پڇيا ويندؤ.
-
45. ۽ پنھنجن پيغمبرن مان جيڪي توکان اڳ موڪليا ھواسون تن جو (احوال) پُڇ، ته ٻاجھاري (الله) کانسواءِ (ڪي) ٻيا معبود بڻايا ھواسون ڇا جن جي پوڄا ڪئي وڃي؟
-
46. ۽ بيشڪ مُوسىٰ کي پنھنجين نشانين سان فرعون ۽ سندس سردارن ڏانھن موڪليوسون پوءِ چيائين ته بيشڪ آءٌ جھانن جي پالڻھار جو موڪليل آھيان.
-
47. پوءِ جنھن مھل وٽن اسان جي نشانين سان آيو (تنھن مھل) اوچتو اُھي اُنھن (معجزن) کان کلندا رھيا.
-
48. ۽ ڪابه نشاني کين نه ٿي ڏيکاري سون پر اِھا (نشاني) اُن جي اڳين کان تمام وڏي ھئي، ۽ کين عذاب سان پڪڙيوسون ته مانَ اُھي (ڪفر کان) موٽن.
-
49. ۽ چيائون ته اي جادوگر پنھنجي پالڻھار کان اسان لاءِ اُنھيءَ (وسيلي) سان دُعا گھر جنھن جو توسان انجام ڪيو اٿس، ته بيشڪ اسين ھدايت وارا ٿينداسون.
-
50. پوءِ جنھن مھل کائن عذاب لاٿوسون اوچتو اُنھن عھد ڀڳو.
-
51. ۽ فرعون پنھنجي قوم ۾ پڙھو ڏنو چيائين ته اي منھنجي قوم مِصۡر جي بادشاھي منھنجي نه آھي ڇا؟ ۽ ھي نھرون منھنجي (ماڙين جي) ھيٺان (نه) وھنديون آھن (ڇا؟) اوھين نه ڏسندا آھيو ڇا؟
-
52. (نه!) بلڪ آءٌ ھن (مُوسى) کان ڀَلو آھيان جو اُھو خوار آھي، ۽ چٽو ڳالھائي به نه ٿو سگھي.
-
53. پوءِ مٿس سون جا ڪنگڻ ڇونه لاٿا ويا يا ساڻس گڏ ٿي ملائڪ ڇونه آيا؟
-
54. پوءِ پنھنجي قوم کي بي عقل ڪيائين تنھنڪري سندس فرمانبرداري ڪيائون، بيشڪ اُھي بي دين قوم ھوا.
-
55. پوءِ جڏھن اسان کي ڪاوڙايائون (تڏھن) کائن وير ورتوسون پوءِ اُنھن سڀني کي ٻوڙيوسون.
-
56. پوءِ کين (ڪافرن جو) اڳواڻ ۽ پوين لاءِ آکاڻي ڪيوسون.
-
57. ۽ جڏھن مريم جي پُٽ جو قصّو بيان ڪيو ويو (تڏھن) اُمالڪ اُن (قِصّي) کان تنھنجي قوم لُڙ مچائيندي آھي.
-
58. ۽ (اُھي) چوندا آھن ته اسان جا معبُود ڀلا آھن يا عيسى؟ اِھو مثال توسان رڳو جھيڙي لاءِ بيان ڪندا آھن، بلڪ اُھي جھيڙاڪ قوم آھن.
-
59. عيسىٰ رڳو ٻانھو آھي جنھن تي ٻاجھ ڪئي اٿون ۽ بني اسرائيلن لاءِ کيس (ھڪ) عبرت ڪئي سون.
-
60. ۽ جيڪڏھن گھرون ھا ته اوھان جي بدران زمين ۾ ملائڪن کي نائب ڪريون ھا.
-
61. ۽ بيشڪ عيسىٰ قيامت جي ھڪ نشاني آھي پوءِ اوھين قيامت ۾ شڪ نه ڪريو ۽ (اي پيغمبر چؤ ته) منھنجي تابعداري ڪريو (جو) اِھا سِڌي واٽ آھي.
-
62. ۽ اوھان کي شيطان نه جھلي، ڇوته اھو اوھان جو پڌرو ويري آھي.
-
63. ۽ جنھن مھل عيسىٰ چٽن معجزن سان آيو (تنھن مھل) چيائين ته اوھان وٽ حڪمت آندي اٿم ۽ (آيو آھيان) ته جن ڳالھين ۾ اختلاف ڪند آھيو تن مان ڪي اوھان لاءِ بيان ڪريان، پوءِ الله کان ڊڄو ۽ منھنجو چيو مڃيو.
-
64. بيشڪ الله ئي منھنجو پالڻھار ۽ اوھان جو پالڻھار آھي تنھنڪري سنديس عبادت ڪريو، اِھا سِڌي واٽ آھي.
-
65. پوءِ ٽولين پاڻ ۾ اختلاف ڪيو، تنھنڪري ڏکوئيندڙ ڏينھن جي عذاب کان ظالمن لاءِ خرابي آھي.
-
66. (اُھي) رڳو قيامت (جي اچڻ) جو انتظار ڪندا آھن ته اوچتو وٽن اچي ۽ اُھي بي خبر ھجن.
-
67. اُنھيءَ ڏينھن پرھيزگارن کانسواءِ (ٻيا) سڀئي دوست ھڪ ٻئي جا دشمن ھوندا.
-
68. (چيو ويندو ته) اي منھنجا (اُھي) ٻانھا اڄ اوھان کي نڪي ڀؤ آھي نڪي اوھين غمگين ٿيو.
-
69. جن اسان جي آيتن تي ايمان آندو ۽ مُسلمان ھوا.
-
70. (چيو ويندو ته) اوھين ۽ اوھان جون زالون بھشت ۾ خُوش ٿي گھِڙو.
-
71. مٿن سون جون رڪيبيون ۽ آبخورا ڦيرائبا، ۽ جيڪي دليون گھرنديون ۽ (جنھن جي ڏسڻ کان) اکيون ٺرنديون سو منجھس ھوندو، اوھين منجھس سدائين رھندؤ.
-
72. ۽ ھي اُھو بھشت آھي جنھن جو اوھان کي انھي سببان وارث ڪيو ويو جو اوھين (چڱا) ڪم ڪندا ھيؤ.
-
73. منجھس اوھان لاءِ گھڻا ميوا آھن جن منجھان پيا ٿا کائو.
-
74. بيشڪ ڏوھي دوزخ جي عذاب ۾ سدائين رھڻ وارا آھن.
-
75. کائن عذاب ھلڪو نه ڪبو ۽ اُھي منجھس نا اُميد (ٿي) رھندا.
-
76. ۽ مٿن ظلم نه ڪيوسون پر اُھي پاڻ ظالم ھوا.
-
77. ۽ (دوزخ جي دربان کي) سڏيندا ته اي مالڪ جڳائي ته تنھنجو پالڻھار اسان تي (موت جو) حڪم ڪري (ته عذاب کان ڇُٽون، مالڪ) چوندو ته بيشڪ اوھين ھميشه رھڻ وارا آھيو.
-
78. بيشڪ اوھان وٽ سچو دين آندوسون پر اوھان مان گھڻا سچي ڳالھ کي ناپسند ڪرڻ وارا آھن.
-
79. (ڪافرن به) ڪنھن ڪم جي رِٿ رٿي آھي ڇا؟ پوءِ بيشڪ اسين به پڪي رِٿ رٿيندا آھيون.
-
80. ڀائيندا آھن ڇا ته اسين سندن ڳجھيون ڳالھيون ۽ سندن صلاحون نه ٻڌندا آھيون؟ ھائو (ٻڌندا آھيون) ۽ اسان جا موڪليل ملائڪ وٽن لکندا آھن.
-
81. (تون) چؤ ته جيڪڏھن ٻاجھاري (الله) کي ڪو وياءُ ھجي، ته آءٌ (سڀ کان) پھرين (اُن جي) عبادت ڪندڙ ھجان.
-
82. (اِھي) جيڪي بيان ڪندا آھن تنھن کان آسمانن ۽ زمين جو پالڻھار عرش جو مالڪ پاڪ آھي.
-
83. پوءِ کين ڇڏ ته (ايسين ڪوڙين ڳالھين ۾) بڪ ڪن ۽ راند ڪن جيسين پنھنجي اُنھي ڏينھن کي ملن جنھنجو کين انجام ڏجي ٿو.
-
84. ۽ (الله) اُھو آھي جيڪو آسمانن ۾ معبود آھي ۽ زمين ۾ (به) معبود آھي، ۽ اُھو حڪمت وارو ڄاڻندڙ آھي.
-
85. ۽ اُھو وڏي برڪت وارو آھي جنھن جي آسمانن ۽ زمين جي ۽ جيڪي اُنھن جي وچ ۾ آھي تنھن جي بادشاھت آھي، ۽ وٽس ئي قيامت (جي اچڻ) جي خبر آھي، ۽ ڏانھنس موٽائبؤ.
-
86. ۽ (ڪافر) جن (بُتن) کي الله کانسواءِ سڏيندا آھن سي شفاعت ڪري نه سگھندا آھن پر اُھي جن (دين جي) سچي شاھدي ڏني ھوندي ۽ اُھي (اُن جي حقيقت) ڄاڻندا آھن (اُھي شفاعت ڪندا).
-
87. ۽ جيڪڏھن کائن پڇين ته کين ڪنھن خلقيو ته ضرور چوندا ته الله (خلقيو آھي) پوءِ ڪيڏانھن ڦيرايا ويندا آھن.
-
88. ۽ (قسم آھي) پيغمبر جي انھي چوڻ تي ته اي منھنجا پالڻھار بيشڪ ھيءَ اھڙي قوم آھن جو (ڪنھن طرح) ايمان نه ٿا آڻين.
-
89. پوءِ کائن مُنھن موڙ ۽ (موڪلائيءَ جو) سلام چؤ، پوءِ سگھوئي ڄاڻندا.
شيئر ڪريو
1
Al-Fatihah
2
Al Baqara
3
Ali `Imran
4
An-Nisa
5
Al-Ma`idah
6
Al-An`am
7
Al-A`raf
8
Al-Anfal
9
At-Tawbah
10
Yunus
11
Hud
12
Yusuf
13
Ar-Ra`d
14
Ibrahim
15
Al-Hijr
16
An-Nahl
17
Al-Isra
18
Al-Kahf
19
Maryam
20
Taha
21
Al-Anbya
22
Al-Haj
23
Al-Mu`minun
24
An-Nur
25
Al-Furqan
26
Ash-Shu`ara
27
An-Naml
28
Al-Qasas
29
Al-`Ankabut
30
Ar-Rum
31
Luqman
32
As-Sajdah
33
Al-Ahzab
34
Saba
35
Faatir
36
Ya-Sin
37
As-Saffat
38
Sad
39
Az-Zumar
40
Ghafir
41
Fussilat
42
sh-Shuraa
43
Az-Zukhruf
44
Ad-Dukhan
45
Al-Jathiyah
46
Al-Ahqaf
47
Muhammad
48
Al-Fath
49
Al-Hujurat
50
Qaf
51
Adh-Dhariyat
52
At-Tur
53
An-Najm
54
Al-Qamar
55
Ar-Rahman
56
Al-Waqi`ah
57
Al-Hadid
58
Al-Mujadila
59
Al-Hashr
60
Al-Mumtahanah
61
As-Saf
62
Al-Jumu`ah
63
Al-Munafiqun
64
At-Taghabun
65
At-Talaq
66
At-Tahrim
67
Al-Mulk
68
Al-Qalam
69
Al-Haqqah
70
Al-Ma`arij
71
Nuh
72
Al-Jinn
73
Al-Muzzammil
74
Al-Muddaththir
75
Al-Qiyamah
76
Al-Insan
77
Al-Mursalat
78
An-Naba
79
An-Nazi`at
80
Abasa
81
At-Takwir
82
Al-Infitar
83
Al-Mutaffifin
84
Al-Inshiqaq
85
Al-Buruj
86
At-Tariq
87
Al-A`la
88
Al-Ghashiyah
89
Al-Fajr
90
Al-Balad
91
Ash-Shams
92
Al-Layl
93
Ad-Duhaa
94
Ash-Sharh
95
At-Tin
96
Al-`Alaq
97
Al-Qadr
98
Al-Bayyinah
99
Az-Zalzalah
100
Al-`Adiyat
101
Al-Qari`ah
102
At-Takathur
103
Al-`Asr
104
Al-Humazah
105
Al-Fil
106
Quraysh
107
Al-Ma`un
108
Al-Kawthar
109
Al-Kafirun
110
An-Nasr
111
Al-Masad
112
Al-Ikhlas
113
Al-Falaq
114
An-Nas