logo HARUN YAHYA

Al-Balad - قرآن - هارون يحييٰ

  • 1. ھن شھر (مڪي) جو قسم کڻان ٿو.
  • 2. ۽ تون ھن شھر ۾ (ته) رھندڙ آھين.
  • 3. ۽ ڄڻيندڙ جو (قسم کڻان ٿو) ۽ ان جو جيڪو ڄايو.
  • 4. ته بيشڪ ماڻھو کي ڏک ۾ (پوڻ لاءِ) خلقيوسون.
  • 5. (ماڻھو) ڀانئيندو آھي ڇا ته مٿس ڪوبه غالب نه ٿيندو؟
  • 6. چوي ٿو ته مون تمام گھڻو مال کپايو.
  • 7. ڀانئيندو آھي ڇا ته ڪنھن ڪونه ڏٺو اٿس؟
  • 8. کيس ٻه اکيون نه ڏنيون اٿون ڇا؟
  • 9. ۽ ڄڀ ۽ ٻه چَپ به؟
  • 10. ۽ ٻه رستا ڏيکارياسونس.
  • 11. پوءِ ڪوبه سخت لَڪ نه لنگھيو.
  • 12. ۽ ڪنھن سمجھايئي ته سخت لَڪّ ڇا آھي؟
  • 13. ٻانھو آجو ڪرڻ آھي.
  • 14. يا بُک جي ڏينھن ۾ کاڄ کارائڻ.
  • 15. مائٽي واري ڇوري ٻار کي.
  • 16. يا مٽيءَ ۾ رُلندڙ محتاج کي.
  • 17. ان کانپوءِ (اُھو) مؤمنن مان ھجي ۽ ھڪ ٻئي کي صبر جي وصيت ڪيائون ۽ (پڻ) ھڪ ٻئي کي (خلق تي) ٻاجھ ڪرڻ جي وصيت ڪيائون.
  • 18. اُھي نيڪ بخت سڄي پاسي وارا آھن.
  • 19. ۽ جن اسان جي آيتن جو انڪار ڪيو سي بدبخت کٻي وارا آھن.
  • 20. مٿن دميل باھ چوڌاري ويڙھيل (موڪلبي) آھي.
شيئر ڪريو
Facebook
X
WhatsApp
Telegram
QR Code
QR Code