15. ۽ ماڻھوءَ کي پنھنجي ماءُ پيءُ سان چڱائي ڪرڻ جو حُڪم ڪيوسون، (جو) اوکائيءَ سان سنديس ماءُ کيس (پيٽ ۾) کنيو آھي ۽ اوکائيءَ سان کيس ڄڻيو آھي، ۽ اُنجو (پيٽ ۾) کڻڻ ۽ اُن جو (کير کان) ڇڏائڻ ٽيھ مھينا آھي، تان جو جڏھن پنھنجيءَ جواني کي پُھتو ۽ چاليھن ورھن کي پھتو (تڏھن) چوندو آھي ته اي منھنجا پالڻھار مون کي توفيق ڏي ته تنھنجي انھيءَ نعمت جو شڪر ڪريان جيڪا مون تي ۽ منھنجي ماءُ پيءُ تي انعام ڪئي اٿيئي ۽ ته (اھڙا) چڱا ڪم ڪريان جن کان راضي رھين ۽ منھنجي اولاد مون لاءِ سُڌار، بيشڪ آءٌ توڏانھن موٽيس ۽ بيشڪ آءٌ مسلمانن منجھان آھيان.