logo HARUN YAHYA

At-Tin - قرآن - هارون يحييٰ

  • 1. انجير ۽ زيتون جو قسم آھي.
  • 2. ۽ طُور سينا جو.
  • 3. ۽ ھِن اَمن واري شھر (مڪي) جو.
  • 4. ته بيشڪ ماڻھوءَ کي تمام سھڻي نموني پيدا ڪيوسون.
  • 5. وري سڀني ھيٺاھين کان ھيٺ موٽايوسونس.
  • 6. پر جن ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪيا تن لاءِ اَڻ کُٽ اجر آھي.
  • 7. پوءِ (اي ماڻھو) ھن (نصيحت) پڄاڻا ڪھڙي شيءِ توکي عملن جي بدلي ملڻ بابت منڪر بڻائي ٿي؟
  • 8. حاڪمن جو وڏو حاڪم الله نه آھي ڇا؟
شيئر ڪريو
Facebook
X
WhatsApp
Telegram
QR Code
QR Code