• 1. انجير ۽ زيتون جو قسم آھي.

  • 2. ۽ طُور سينا جو.

  • 3. ۽ ھِن اَمن واري شھر (مڪي) جو.

  • 4. ته بيشڪ ماڻھوءَ کي تمام سھڻي نموني پيدا ڪيوسون.

  • 5. وري سڀني ھيٺاھين کان ھيٺ موٽايوسونس.

  • 6. پر جن ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪيا تن لاءِ اَڻ کُٽ اجر آھي.

  • 7. پوءِ (اي ماڻھو) ھن (نصيحت) پڄاڻا ڪھڙي شيءِ توکي عملن جي بدلي ملڻ بابت منڪر بڻائي ٿي؟

  • 8. حاڪمن جو وڏو حاڪم الله نه آھي ڇا؟