logo HARUN YAHYA

Al-Qiyamah - قرآن - هارون يحييٰ

  • 1. قيامت جي ڏينھن جو قسم کڻان ٿو.
  • 2. ۽ ملامت ڪرڻ واري نفس جو قسم ٿو کڻان (ته قيامت ۾ سڀ اُٿندا).
  • 3. ماڻھو ڀائيندو آھي ڇا ته سندس ھڏا ڪڏھن گڏ نه ڪنداسون.
  • 4. ھائو! سنديس آڱرين جي ڏوڏين جي سڌي ڪرڻ تي وسوارا آھيون.
  • 5. بلڪ ماڻھو ھي گھرندو آھي ته پنھنجي اڳ (جي وقت) لاءِ گناھ ڪري.
  • 6. پڇي ٿو ته قيامت جو ڏينھن ڪڏھن ٿيندو؟
  • 7. پوءِ جڏھن اکيون ڦاٽي وينديون.
  • 8. ۽ چنڊ گرھبو.
  • 9. ۽ سج ۽ چنڊ (ھڪ جاءِ) گڏ ڪبا.
  • 10. (تڏھن) چوندو ماڻھو ته ڀڄڻ جي واھ ڪٿي آھي؟
  • 11. نه نه! ڪا واھ ڪانھي.
  • 12. تنھنجي پالڻھار وٽ اُن ڏينھن ٽڪاءُ جو ھنڌ آھي.
  • 13. اُن ڏينھن ماڻھوءَ کي (انھيءَ بابت) خبردار ڪبو جيڪي اڳي موڪليو ھوائين ۽ پوئتي رھايائين.
  • 14. بلڪ ماڻھو پنھنجي لاءِ (پاڻ) ھڪ حُجت آھي.
  • 15. توڻيڪ پنھنجا بھانا پيش پيو ڪري.
  • 16. (اي پيغمبر وحي جي) قرآن پڙھڻ مھل پنھنجي زبان کي (ھن لاءِ) نه چور ته اُھو جلدي (ياد ڪري) وٺين.
  • 17. ڇوته (تنھنجي سيني ۾) قرآن جو گڏ ڪرڻ ۽ اُن جو پڙھڻ (آسان ڪرڻ) اسان جي ذمي آھي.
  • 18. پوءِ جڏھن قرآن (ملائڪ کان) پڙھايون تڏھن (پنھنجي دل) اُنجي پڙھڻ جي پٺيان لڳاءِ.
  • 19. وري بيشڪ اُنجو پڌرو ڪرڻ اسان جي ذمي آھي.
  • 20. نه نه! بلڪ (اي ڪافرؤ) دنيا کي دوست رکندا آھيو.
  • 21. ۽ آخرت کي ڇڏيندا آھيو.
  • 22. ڪي مُنھن اُن ڏينھن سرھا ھوندا.
  • 23. پنھنجي پالڻھار ڏانھن ڏسندڙ ھوندا.
  • 24. ۽ ڪي مُنھن اُن ڏينھن ڪارا ٿيل ھوندا.
  • 25. ڀانئيندا ته ساڻن پٺيءَ توڙ معاملو ڪيو ويندؤ.
  • 26. نه نه! جڏھن (ساھ) نِڙ گھٽ تي پھچندو.
  • 27. ۽ چيو ويندو ته ڪو، ڦيڻو رکڻ وارو آھي.
  • 28. ۽ ڀانئيندو ته (ھاڻي روح جي) جُدا ٿيڻ (جو) وقت اچي ويو.
  • 29. ۽ ھڪ پِني ٻئي پِنيءَ سان وچڙندي.
  • 30. اُن ڏينھن تنھنجي پالڻھار وٽ ھلڻو آھي.
  • 31. پوءِ نڪي (الله جي ڪلام کي) سچو ڪيائين ۽ نڪي نماز پڙھيائين.
  • 32. پر ڪوڙ ڀانيائين ۽ منھن موڙيائين.
  • 33. وري پنھنجي گھر وارن ڏانھن آڪڙجي ھليو.
  • 34. توتي خرابي ھجي پوءِ توتي خرابي ھجي.
  • 35. وري (ٻيھر چوان ٿو ته) توتي خرابي ھجي.
  • 36. ماڻھو (ايئن) ڀانئي ٿو ڇا ته (کيس) بيڪار ڇڏي ڏبو.
  • 37. (اھو) منيءَ جو ٽيپو نه ھو ڇا جو (ماءُ جي ڳڀيرڻ ۾) اڇليو ٿي ويو.
  • 38. وري (رت ۾) دڳ ھو پوءِ الله (اُن کي) بڻايو ۽ اُن کي سئين لڱين ڪيائين.
  • 39. پوءِ منيءَ مان ٻه جنسون نَر ۽ مادي بڻايائين.
  • 40. اھو الله ھن (ڳالھ) تي وس وارو نه آھي ڇا جو مُئن کي جياري؟
شيئر ڪريو
Facebook
X
WhatsApp
Telegram
QR Code
QR Code