Fussilat - قرآن - هارون يحييٰ
-
1. حٰمٓ.
-
2. (ھن ڪتاب جو الله) ٻاجھاري مھربان وٽان نازل ٿيڻ آھي.
-
3. (ھيءُ اھڙو) ڪتاب جو سندس آيتون کولي کولي بيان ڪيون ويون آھن قُرآن عربيءَ ۾ سمجھ وارن ماڻھن لاءِ آھي.
-
4. جو خوشخبري ڏيندڙ ڊيڄاريندڙ آھي، پوءِ گھڻن (ماڻھن) مُنھن موڙيو تنھنڪري اُھي (اُن کي) ٻڌندائي نه آھن.
-
5. ۽ چوندا آھن ته جنھن ڏانھن اسان کي سڏيندو آھين تنھن کان اسان جون دليون پردي ۾ آھن ۽ اسان جي ڪَنن ۾ گھٻرائي آھي ۽ اسان جي ۽ اوھان جي وچ ۾ اوٽ آھي تنھنڪري (تون پنھنجيءَ طرح) ڪم ڪر بيشڪ اسين (پنھنجيءَ طرح) ڪم ڪرڻ وارا آھيون.
-
6. (اي پيغمبر کين) چؤ ته آءٌ (به) اوھان ئي جھڙو ماڻھو آھيان مگر مون ڏانھن وحي ڪيو ويندو آھي ته اوھان جو معبُود ھڪ خدا آھي تنھنڪري ڏانھس سڌا متوجه ٿيو ۽ کانئس بخشش گھرو، ۽ (اُنھن) مشرڪن لاءِ ويل آھي.
-
7. جيڪي زڪوٰة نه ڏيندا آھن ۽ اُھي آخرت کي (به) نه مڃيندا آھن.
-
8. بيشڪ جن ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪيا تن لاءِ اَڻ کُٽ اَجر آھي.
-
9. (اي پيغمبر کين) چؤ ته اوھين اُن (الله) جو انڪار ڪندا آھيو ڇا جنھن زمين کي ٻن ڏينھن ۾ بڻايو؟ ۽ اُن لاءِ (ٻـين کي) شريڪ بڻائيندا آھيو، اِھو الله جھانن جو پالڻھار آھي.
-
10. ۽ اُن (زمين) ۾ مٿانئس ڳرا جبل بڻايائين ۽ منجھس برڪت رکيائين ۽ چئن ڏينھن ۾ منجھس اُن (جي رھاڪن) جا قُوۡت مُقرّر ڪيائين، پڇندڙن لاءِ برابر (کولي بيان ڪيو ويو) آھي.
-
11. وري آسمان ڏانھن مُھڙ ڪيائين ۽ اُھو (اُن وقت) دُونھون ھو پوءِ اُن کي ۽ زمين کي چيائين ته سرھائيءَ سان خواھ اَرھائيءَ سان اچو، (ٻنھي) چيو ته خُوشيءَ سان آياسون.
-
12. پوءِ (ٻـين) ٻن ڏينھن ۾ اُنھن کي سَت آسمان بڻايائين ۽ سڀڪنھن آسمان ۾ اُن (جي ڪم) جو حُڪم موڪليائين، ۽ دنيا جي آسمان کي (تارن جي) ڏينئن سينگاريوسون، ۽ (شيطانن کان اُنھيءَ جي) حفاظت ڪئي سون، اِھا (الله) غالب ڄاڻندڙ جي رِٿ آھي.
-
13. پوءِ جيڪڏھن (اُھي) مُنھن موڙين ته چؤ ته اوھان کي اھڙي عذاب کان ڊيڄاريم جھڙو عاد ۽ ثَمُود جو عذاب (ھو).
-
14. جڏھن پيغمبر سندن اڳيان ۽ سندن پويان انھن وٽ آيا (پيغمبرن چيو) ته الله کانسواءِ (ٻئي) ڪنھن جي عبادت نه ڪريو، چيائون ته جيڪڏھن اسان جو پالڻھار گھري ھا ته ضرور ملائڪن کي موڪلي ھا تنھنڪري (اوھين) جنھن سان موڪليا ويا آھيو تنھنکي اسين مڃڻ وارا نه آھيون.
-
15. پوءِ عاد (وارن) زمين ۾ ناحق وڏائي ڪئي ۽ چيائون ته سگھ ۾ اسان کان وڌيڪ ڏاڍو ڪير آھي؟ نه ڏٺو اٿن ڇا ته اھو الله جنھن کين پيدا ڪيو سا کائن سگھ ۾ وڌيڪ ڏاڍو آھي، ۽ (اُھي) اسان جي نشانين جو انڪار ڪندا رھيا.
-
16. تنھنڪري نحس (يعني مُصيبت جي) ڏينھن ۾ مٿن سخت واءُ موڪليوسون ته کين دُنيا جي حياتيءَ ۾ خواريءَ وارو عذاب چکايون، ۽ بيشڪ آخرت جو عذاب ته وڌيڪ خراب ڪندڙ آھي ۽ اُنھن کي (ڪا) مدد نه ڏبي.
-
17. ۽ ثمود (قوم) سو اُنھن کي پڌرو رستو ڏيکاريوسون پوءِ ھدايت کان انڌائي کي پسند ڪيائون پوءِ خوار ڪندڙ عذاب جي ڪڙڪي کين پڪڙيو انھي ڪري جو (بڇڙا ڪم) ڪمائيندا ھوا.
-
18. ۽ جن ايمان آندو ھو ۽ پرھيزگاري ڪندا ھوا تن کي بچايوسون.
-
19. ۽ جنھن ڏينھن الله جا ويري باھ ڏانھن گڏ ڪيا ويندا پوءِ (تنھن ڏينھن) اُھي (ھڪ ٻئي جي اچڻ تائين) ترسايا ويندا.
-
20. تانجو جڏھن (اُھي مڙيئي) اُن (دوزخ) وٽ ايندا (تنھن مھل) سندن ڪَن ۽ سندن اکيون ۽ سندن کَلون جيڪي اُھي (دنيا ۾) ڪندا ھوا تنھنجي مٿان شاھدي ڏينديون.
-
21. ۽ پنھنجي کَلُن کي چوندا ته اسان تي شاھدي ڇو ڏنوَ؟ (سڀئي) چوندا ته اسان کي اُنھيءَ الله ڳالھرايو جنھن ھر شيء کي ڳالھرايو ۽ اُنھيءَ اوھان کي پھريون ڀيرو بڻايو ۽ (وري به) ڏانھس موٽائبؤ.
-
22. ۽ اوھين پنھنجن ڪَنّن ۽ پنھنجين اکين ۽ پنھنجين کَلُن جي پاڻ تي شاھدي ڏيڻ کان پردو نه ڪندا ھئؤ پر اوھان ئي ڀانيو ھو ته جيڪي ڪندا ھئو تنھن مان گھڻو (احوال) الله نه ڄاڻندو آھي.
-
23. ۽ اوھان جو اُھو گمان جيڪو پنھنجي پالڻھار جي حق ۾ (غلطيءَ سان) ڀانيو ھُئو تنھن (ھاڻي) اوھان کي ھلاڪ ڪيو تنھنڪري (اڄ) ڇيئي وارن مان ٿيؤ.
-
24. پوءِ جيڪڏھن صبر ڪندا ته (به) اُنھن جي جاءِ باھ آھي، جيڪڏھن معافي گھرندا ته (به) اُنھن کي معافي نه ملندي.
-
25. ۽ انھن لاءِ (شيطان) سنگتي مُقرّر ڪياسون پوءِ جيڪي سندن اڳيان ۽ جيڪي سندن پويان آھي تنھنکي اُنھن لاءِ (سندن سنگتين) سينگاريو ۽ (انھيءَ ڪري اُنھن ٽولين ۾ گڏجي) مٿن سزا ثابت ٿي جيڪي کائن اڳ جِنّن ۽ ماڻھن مان گذري ويا آھن، بيشڪ اُھي (سڀ) ٽوٽي وارا ھوا.
-
26. ۽ ڪافرن (ھڪ ٻئي کي) چيو ته ھن قَرآن کي نه ٻُڌو ۽ اُن (جي پڙھڻ جي وچ ۾) لُڙ مچايو ته مانَ اوھين غالب ٿيو.
-
27. پوءِ ڪافرن کي ضرور سخت سزا جو مزو چکائينداسون ۽ جيڪي تمام بڇڙو (ڪم) ڪندا ھوا تنھن جو بدلو ضرور کين ڏينداسون.
-
28. الله جي ويرين جي سزا اِھا (ئي) باھ آھي، اُنھن لاءِ اُتي ھميشه جو گھر ھوندو، انھيءَ ڪري سزا (ھوندين) جو اسان جي آيتن جو انڪار ڪندا ھوا.
-
29. ۽ ڪافر چوندا ته اي اسان جا پالڻھار جِنّن ۽ ماڻھن مان جن اسان کي گُمراھ ڪيو سي اسان کي ڏيکار ته پنھنجن پيرن جي ھيٺان ڪري لتاڙيون ته ڀلي ته (سڀ کان) ھيٺاھان ھجن.
-
30. بيشڪ جن چيو ته اسان جو پالڻھار الله آھي وري (ان ڳالھ تي) بيھڪ ورتائون تن تي (موت وقت رحمت جا) ملائڪ لھندا آھن (چوندا اَٿن) ته نه ڊڄو ۽ نڪي ڳڻتي ڪريو ۽ اُنھيءَ بھشت (جي خوشخبريءَ) سان خوش ٿيو جنھن جو اوھان کي وعدو ڏنو ويندو ھو.
-
31. اسين دُنيا جي حياتيءَ ۾ اوھان جا دوست ھواسون ۽ آخرت ۾ به (اوھان جا دوست آھيون)، ۽ جيڪي اوھان جو جيءُ خواھش ڪندو سو اوھان لاءِ منجھس آھي ۽ جيڪي اوھين گھرندؤ سو (پڻ) اوھان لاءِ منجھس آھي.
-
32. (اھا) مھماني بخشڻھار مھربان (خدا) وٽان آھي.
-
33. ۽ انھيءَ کان وڌيڪ چڱو ڳالھ ۾ ڪير آھي جنھن الله ڏانھن سڏيو ۽ (پاڻ ۾) چڱا ڪم ڪيائين ۽ چيو ته بيشڪ آءٌ مُسلمانن مان آھيان؟
-
34. ۽ نيڪي ۽ بدي پاڻ ۾ برابر نه آھن، (۽ نيڪي) جا ڏاڍي چڱي آھي تنھن سان (مدائي کي) ٽاريو، جو اُنھيءَ جي ۽ تنھنجي وچ ۾ دشمني آھي سو ڄڻڪ دوست مائٽي وارو ٿيندو.
-
35. ۽ اِھا (ڳالھ) صابرن کانسواءِ ٻئي کي حاصل نه ٿيندي آھي، ۽ نڪي وڏي نصيب واري کانسواءِ (ٻئي کي) اِھا حاصل ٿيندي آھي.
-
36. ۽ جيڪڏھن توکي شيطان کان (دل ۾) ڪا چوڪ اچي ته الله جي پناھ گھُر، ڇوته اُھو ٻڌندڙ ڄاڻندڙ آھي.
-
37. ۽ سندس (قدرت جي) نشانين مان رات ۽ ڏينھن ۽ سج ۽ چنڊ آھي، نڪي سج کي ۽ نڪي چنڊ کي سجدو ڪريو ۽ انھيءَ الله کي سجدو ڪريو جنھن انھن کي خلقيو جيڪڏھن خاص سنديس عبادت ڪندا آھيو.
-
38. پوءِ جيڪڏھن وڏائي ڪن ته (ڇا ٿيو) جيڪي تنھنجي پالڻھار وٽ آھن سي رات ۽ ڏينھن سندس تسبيحون چوندا آھن ۽ اُھي نه ٿڪبا آھن.
-
39. ۽ سندس (قدرت جي) نشانين مان ھيءُ به آھي جو زمين کي وساڻل ڏسندو آھين پوءِ جڏھن مٿس (مينھن جو) پاڻي وسايو سون (تڏھن) چري ۽ اُڀامي، بيشڪ جنھن اُنھي (زمين) کي جياريو آھي سو ضرور مُئن کي (به) جيارڻ وارو آھي، بيشڪ اُھو سڀڪنھن شيءَ تي وس وارو آھي.
-
40. بيشڪ جيڪي اسان جي آيتن ۾ ڏنگائي ڪندا آھن سي اسان کان ڳُجھا نه آھن، ڀلا جيڪو باھ ۾ وجھبو سو ڀلو آھي يا جيڪو قيامت جي ڏينھن اَمن وارو ٿي ايندو؟ جيڪي وڻيوَ سو ڪريو بيشڪ جيڪي ڪندا آھيو سو خُدا ڏسندڙ آھي.
-
41. بيشڪ جن قرآن جو (اُنھي وقت) انڪار ڪيو جڏھن وٽن آيو (سي اسان کان ڳُجھا نه آھن)، ۽ بيشڪ اُھو ڪتاب عزّت وارو آھي.
-
42. جو نڪي اُن جي اڳيان ۽ نڪي اُن جي پويان ڪُوڙ داخل ٿيندو آھي، حڪمت واري ساراھيل (الله جي پار) کان لاٿل آھي.
-
43. (اي پيغمبر) توکي اُنھيءَ کانسواءِ (ٻيو) ڪي نه چئبو آھي جيڪي توکان اڳ (ٻـين) پيغمبرن کي چيو ويو ھو، بيشڪ تنھنجو پالڻھار بخشش وارو (به) آھي ۽ ڏکوئيندڙ سزا ڏيڻ وارو (به) آھي.
-
44. ۽ جيڪڏھن اِن (ڪتاب) کي عجمي (يعني عربيءَ کان ڌارين ٻوليءَ ۾) قرآن ڪريون ھا ته ضرور (ڪافر) چون ھا ته سنديس آيتون ڇونه کولي بيان ڪيون ويون، ڀلا (قرآن) عجمي (ٻوليءَ ۾) ۽ (ٻڌڻ وارا) عربيءَ (ٻوليءَ) وارا آھن (سو ڇو)؟ (اي پيغمبر کين) چؤ ته اُھو مؤمنن لاءِ ھدايت ۽ شفا آھي، ۽ جيڪي نه مڃيندا آھن تن جي ڪَنّن ۾ گھٻرائي آھي ۽ اُھو (قرآن) مٿن انڌائي آھي، اِھي (اُنھن وانگر آھن جو) ڄڻڪ ڏورانھين ھنڌ کان سڏيا ويندا آھن.
-
45. ۽ بيشڪ مُوسىٰ کي ڪتاب ڏنوسون پوءِ منجھس اختلاف ڪيو ويو، ۽ جيڪڏھن تنھنجي پالڻھار کان حُڪم آڳاٽو نه ٿئي ھا ته سندن وچ ۾ ضرور نبيرو ڪيو وڃي ھا، ۽ بيشڪ اُھي کانئس وڏي شڪ ۾ (پيل) آھن.
-
46. جيڪو چڱا ڪم ڪندو سو پاڻ لاءِ (ڪندو) تنھن تي (ئي اُن جو نقصان) آھي، ۽ تنھنجو پالڻھار ٻانھن تي ظلم ڪرڻ وارو آھي.
-
47. قيامت (اچڻ) جي خبر الله (ئي) جي حوالي آھي، ۽ سندس ڄاڻپ ڌاران ڪي ميوا پنھنجن ڳڀين مان نه نڪرندا آھن ۽ (سندس ڄاڻپ ڌاران) ڪابه مادي نڪي ڍُڪي ٿيندي آھي ۽ نڪي ڄڻيندي آھي، ۽ اُن ڏينھن (الله) کين سڏيندو ته منھنجا شريڪ (جي اوھين مُقرّر ڪندا ھئو سي) ڪٿي آھن چوندا ته توکي خبر ڏني سون ته اسان سان ڪوبه (اُنھن جو) شاھد ڪونھي.
-
48. ۽ جن کي (ھن کان) اڳ (دنيا ۾) پوڄيندا ھوا سي کائن ڀُلجي ويندا ۽ ڀانئيندا ته کين ڪو ڇوٽڪارو ڪونھي.
-
49. ماڻھو چڱائيءَ جي سڏڻ (دُعا گھرڻ) کان نه ٿڪبو آھي، ۽ جيڪڏھن کيس (ڪا) مدائي پھچندي آھي ته پوءِ آسرو ڇِني نا اُميد ٿيندو آھي.
-
50. ۽ جيڪڏھن کيس اوکائي پھچڻ کان پوءِ پاڻ وٽان ڪا ٻاجھ چکائيندا آھيون ته ضرور چوندو آھي ته ھيءَ مون (ئي) لاءِ آھي ۽ نه ٿو ڀانيان ته قيامت قائم ٿيڻي آھي ۽ جيڪڏھن (آءٌ) پنھنجي پالڻھار ڏانھن (کڻي) موٽائبس ته بيشڪ مون لاءِ وٽس (به) ضرور چڱي حالت ھوندي، پوءِ ڪافرن جيڪي ڪيو آھي تنھن بابت کين ضرور خبردار ڪنداسون، ۽ کين سخت عذاب ضرور چکائينداسون.
-
51. ۽ جڏھن ماڻھوءَ تي فضل ڪندا آھيون (تڏھن) مُنھن ڦيرائيندو آھي ۽ پنھنجو پاسو موڙيندو آھي، ۽ جڏھن کيس ڪا اوکائي پھچندي آھي تڏھن وڏيون دعائون گھُرندو آھي.
-
52. (اي پيغمبر کين) چؤ ته اوھين ڏسو ته جيڪڏھن (قرآن) الله وٽان ھجي وري سندس انڪار ڪريو ته جيڪو وڏي ضِدّ ۾ پيل ھجي تنھن کان وڌيڪ گُمراھ ڪير آھي؟
-
53. پنھنجيون نشانيون مُلڪن ۾ سندن وجودن ۾ کين سگھوئي ڏيکاريندا سون تان جو کين پڌرو ٿيندو بيشڪ اِھو (قرآن) سچو آھي، تنھنجو پالڻھار ڪافي نه آھي ڇا جيڪو سڀڪنھن شيء تي حاضر آھي؟
-
54. خبردار بيشڪ اُھي پنھنجي پالڻھار جي ملڻ کان شڪ ۾ (پيل) آھن، خبردار اُھو ھر ڪنھن شيء کي وڪوڙيندڙ آھي.
شيئر ڪريو
1
Al-Fatihah
2
Al Baqara
3
Ali `Imran
4
An-Nisa
5
Al-Ma`idah
6
Al-An`am
7
Al-A`raf
8
Al-Anfal
9
At-Tawbah
10
Yunus
11
Hud
12
Yusuf
13
Ar-Ra`d
14
Ibrahim
15
Al-Hijr
16
An-Nahl
17
Al-Isra
18
Al-Kahf
19
Maryam
20
Taha
21
Al-Anbya
22
Al-Haj
23
Al-Mu`minun
24
An-Nur
25
Al-Furqan
26
Ash-Shu`ara
27
An-Naml
28
Al-Qasas
29
Al-`Ankabut
30
Ar-Rum
31
Luqman
32
As-Sajdah
33
Al-Ahzab
34
Saba
35
Faatir
36
Ya-Sin
37
As-Saffat
38
Sad
39
Az-Zumar
40
Ghafir
41
Fussilat
42
sh-Shuraa
43
Az-Zukhruf
44
Ad-Dukhan
45
Al-Jathiyah
46
Al-Ahqaf
47
Muhammad
48
Al-Fath
49
Al-Hujurat
50
Qaf
51
Adh-Dhariyat
52
At-Tur
53
An-Najm
54
Al-Qamar
55
Ar-Rahman
56
Al-Waqi`ah
57
Al-Hadid
58
Al-Mujadila
59
Al-Hashr
60
Al-Mumtahanah
61
As-Saf
62
Al-Jumu`ah
63
Al-Munafiqun
64
At-Taghabun
65
At-Talaq
66
At-Tahrim
67
Al-Mulk
68
Al-Qalam
69
Al-Haqqah
70
Al-Ma`arij
71
Nuh
72
Al-Jinn
73
Al-Muzzammil
74
Al-Muddaththir
75
Al-Qiyamah
76
Al-Insan
77
Al-Mursalat
78
An-Naba
79
An-Nazi`at
80
Abasa
81
At-Takwir
82
Al-Infitar
83
Al-Mutaffifin
84
Al-Inshiqaq
85
Al-Buruj
86
At-Tariq
87
Al-A`la
88
Al-Ghashiyah
89
Al-Fajr
90
Al-Balad
91
Ash-Shams
92
Al-Layl
93
Ad-Duhaa
94
Ash-Sharh
95
At-Tin
96
Al-`Alaq
97
Al-Qadr
98
Al-Bayyinah
99
Az-Zalzalah
100
Al-`Adiyat
101
Al-Qari`ah
102
At-Takathur
103
Al-`Asr
104
Al-Humazah
105
Al-Fil
106
Quraysh
107
Al-Ma`un
108
Al-Kawthar
109
Al-Kafirun
110
An-Nasr
111
Al-Masad
112
Al-Ikhlas
113
Al-Falaq
114
An-Nas