Maryam - قرآن - هارون يحييٰ
-
1. ڪٓھٰيٰعٓصٓ.
-
2. تنھنجي پالڻھار جي ٻاجھ سندس ٻانھي زڪريا تي ٿيل جو (ھيءُ) ذڪر آھي.
-
3. جڏھن پنھنجي پالڻھار کي ڳجھو ٻاڏائي سڏيائين.
-
4. چيائين ته اي منھنجا پالڻھار مُنھنجا (لڱن جا) ھڏ سُست ٿيا آھن ۽ ٻُڍائيءَ کان منھنجو مٿو (اڇو) چمڪيو آھي ته اي منھنجا پالڻھار توکي سڏڻ کان نا اميد نه آھيان.
-
5. ۽ آءٌ پنھنجي پوئتان پنھنجن مائٽن کان ڊڄان ٿو ۽ منھنجي زال سنڍ آھي تنھنڪري پاڻ وٽان مون کي ڪو وارث بخش.
-
6. جو منھنجو وارث ٿئي ۽ يعقوب جي اولاد جو به وارث ٿئي، ۽ اي منھنجا پالڻھار ان کي صالح ڪر.
-
7. (چيوسون ته) اي زڪريا اسان توکي ھڪ نينگر جي مبارڪ ڏيون ٿا جنھنجو نالو يحيىٰ آھي اڳ اھڙي نالي وارو ڪونه ڪيوسون.
-
8. چيائين اي منھنجا پالڻھار مون کي ھن حالت ۾ پٽ ڪئن ٿيندو جو منھنجي زال سنڍ آھي ۽ بيشڪ آءٌ پيريءَ کان جھورائيءَ کان پھتو آھيان.
-
9. (جبرئيل) چيو ته اھڙي طرح (ٿيڻو) آھي، تنھنجي پالڻھار چيو آھي ته اِھو مون کي آسان آھي ۽ بيشڪ توکي ھن کان اڳ پيدا ڪيو اٿم ۽ تون (اصل) ڪجھ نه ھُئين.
-
10. زڪريا چيو ته اي منھنجا پالڻھار مون لاءِ ڪا نشاني ٺھراءِ، فرمايائين ته تنھنجي نشاني (ھيءَ آھي) ته ماڻھن سان ساندہ ٽي ڏينھن راتيون ڳالھائي نه سگھندين.
-
11. پوءِ محراب مان پنھنجي قوم ڏانھن نڪتو پوءِ انھن اشارو ڏنائين ته صُبح ۽ سانجھيءَ جو (الله جي) پاڪائي بيان ڪريو.
-
12. (۽ يحيىٰ ڄمي ڏھن ورھن جو ٿيو ته) چيوسون ته اي يحيىٰ ڪتاب کي مُحڪم وٺ، ۽ ٻاراڻي ۾ کيس عِلم ڏنوسون.
-
13. ۽ پاڻ وٽان کيس شفقت ۽ سُٺائي ڏني سون، ۽ (اُھو) پرھيزگار ھو.
-
14. ۽ پنھنجي ماءُ پيءُ سان نيڪي ڪرڻ وارو ھو ۽ ھٺيلو نافرمان نه ھو.
-
15. ۽ جنھن ڏينھن ڄائو ۽ جنھن ڏينھن مرندو ۽ جنھن ڏينھن جيئرو ٿي اُٿندو (تنھن ڏينھن) مٿس سلام ھجي.
-
16. ۽ مريم جو قِصّو ڪتاب ۾ ياد ڪر، جڏھن پنھنجي گھر وارن کان اوڀرندي ھنڌ پاس ڀري ٿي.
-
17. پوءِ کانئن ھڪ اوٽ ورتائين، پوءِ ڏانھنس پنھنجو ملائڪ موڪليوسون پوءِ ھو ڏسجڻ ۾ اُن لاءِ پورو ماڻھو بڻجي بيٺو.
-
18. (مريم) چيو آءٌ توکان ٻاجھاري (الله) جي سام پوان ٿي جيڪڏھن پرھيزگار آھين (ته مون کان پري ٿيءُ).
-
19. (ملائڪ) چيو ته آءٌ ته تنھنجي پالڻھار جو ھن لاءِ موڪليل آھيان ته توکي چڱو نينگر بخشيان.
-
20. (مريم) چيو ته مون کي ٻار ڪيئن ٿيندو جو مون کي ڪنھن ماڻھوءَ نه ڇُھيو آھي ۽ نڪي آءٌ بدڪار آھيان.
-
21. (ملائڪ) چيو ته اھڙي طرح (ٿيڻو) آھي، تنھنجي پالڻھار فرمايو ته اِھو مون کي سولو آھي، ۽ (ھن لاءِ) ته ان کي ماڻھن جي لاءِ پنھنجي طرف کان نشاني ۽ ٻاجھ (جو وسيلو) ڪريون، ۽ (اِھو) ڪم ٺھرايل آھي.
-
22. پوءِ اُن سان پيٽ ٿيس پوءِ اُن سان پرڀري ھنڌ الڳ ٿي.
-
23. پوءِ ويَم جي سورن کجيءَ جي ٿڙ ڏانھن نِيس، چيائين ته جيڪر ھن کان اڳ مران ھا ۽ اصل وسري ويل ھجان ھا (ته چڱو ھو).
-
24. پوءِ کيس ملائڪ ھيٺين طرف کان سڏ ڪيو ته ڏک نه ڪر بيشڪ تنھنجي پالڻھار تنھنجي ھيٺان تلاءُ پيدا ڪيو آھي.
-
25. ۽ کجيءَ جي ٿڙ کي پاڻ ڏانھن ڌوڻ ته توتي تازيون کارڪون ڇاڻي.
-
26. پوءِ کاءُ ۽ پيءُ ۽ نيڻ ٺار، پوءِ جيڪڏھن ڪنھن ماڻھوءَ کي ڏسين ته چؤ ته مون الله لاءِ روزو باسيو آھي تنھنڪري اڄ ڪنھن ماڻھوءَ سان پٽيءَ نه ڳالھائيندس.
-
27. پوءِ اُن کي پنھنجي قوم وٽ کڻي آئي، چيائون ته اي مريم بيشڪ بڇڙي شيء آندي اٿيئي.
-
28. اي ھارون جي ڀيڻ نڪي تنھنجو پيءُ بڇڙو مڙس ھو ۽ نڪي تنھنجي ماءُ ڪا بدڪار ھئي.
-
29. پوءِ ڏانھنس اشارو ڏنائين، چيائون ته جيڪو پينگھي ۾ ڇوڪر آھي تنھن سان ڪيئن ڳالھايون.
-
30. (عيسى) چيو ته آءٌ الله جو ٻانھو آھيان، مون کي ڪتاب ڏنو اٿس ۽ مون کي پيغمبر ڪيو اٿس.
-
31. ۽ جتي ھوندس اُتي مون کي برڪت وارو ڪيائين، ۽ جيسين جيئرو ھوندس تيسين مون کي نماز (پڙھڻ) ۽ زڪوٰة (ڏيڻ) جو حُڪم ڪيائين.
-
32. ۽ پنھنجي ماءُ سان چڱائي ڪندڙ (ڪيائين)، ۽ مون کي ھٺيلو ۽ بدبخت نه ڪيائين.
-
33. ۽ جنھن ڏينھن ڄائس ۽ جنھن ڏينھن مرندس ۽ جنھن ڏينھن وري جيئرو ٿي اٿندس تنھن ڏينھن مون تي سلام آھي.
-
34. اِھو (قِصّو) عيسىٰ پٽ مريم جو آھي، سچي ڳالھ آھي جنھن ۾ (ماڻھو) شڪ ڪندا آھن.
-
35. الله کي (پاڻ لاءِ) ڪو پٽ وٺڻ نه جڳائيندو آھي اُھو پاڪ آھي، جڏھن ڪو ڪم ڪندو آھي تڏھن اُن لاءِ رڳو چوندو آھي ته ٿيءُ ته ٿي پوندو آھي.
-
36. ۽ الله منھنجو پالڻھار ۽ اوھان جو پالڻھار آھي تنھنڪري سندس عبادت ڪريو، اِھا سڌي واٽ آھي.
-
37. پوءِ ڪن ٽولين پاڻ ۾ اختلاف ڪيو، پوءِ ڪافرن لاءِ وڏي ڏينھن جي آڏي ٿيڻ کان خرابي آھي.
-
38. جنھن ڏينھن اسان وٽ ايندا (تنھن ڏينھن) ڪھڙو نه چڱو ٻڌندا ۽ ڪھڙو نه چڱو ڏسندا پر ظالم اڄ پڌريءَ گمراھي ۾ آھن.
-
39. ۽ کين پشيماني جي جي ڏينھن کان ڊيڄار جنھن ڏينھن ڪم پورو ڪبو، ۽ اُھي غفلت ۾ آھن ۽ اُھي ايمان نه ٿا آڻين.
-
40. بيشڪ اسين زمين جا ۽ جيڪي مٿس آھي تنھنجا وارث آھيون ۽ اسان ڏانھن موٽايا ويندا.
-
41. ۽ ابراھيم (جو قصو) ڪتاب ۾ ياد ڪر، بيشڪ اُھو سچو پيغمبر ھو.
-
42. جڏھن پنھنجي پيءُ کي چيائين ته اي ابا جيڪو نڪي ڏسي ۽ نڪي توکان ڪجھ ٽاري تنھنجي پوڄا ڇو ڪندو آھين؟
-
43. اي ابا بيشڪ (الله جي پار کان) مون وٽ سمجھ آئي آھي جا تو وٽ نه آئي آھي تنھنڪري منھنجي تابعداري ڪر ته توکي سڌو رستو ڏيکاريان.
-
44. اي ابا شيطان کي نه پوڄ، ڇوته شيطان الله جو نافرمان آھي.
-
45. اي ابا آءٌ توتي الله جي عذاب پھچڻ کان ڊڄان ٿو متان شيطان جي سنگتي ٿئين.
-
46. (پڻس) چيو ته اي ابراھيم تون منھنجي معبودن کان ڦرڻ وارو آھين ڇا؟ جيڪڏھن نه روڪبين ته توکي ضرور پٿرن سان ماريندس ۽ گھڻي مدت مون کان پاسي ٿيءُ.
-
47. (ابراھيم) چيو ته توتي سلام ھجي، آءٌ تولاءِ پنھنجي پالڻھار کان بخشش گھرندس ڇوته اُھو مون تي مھربان آھي.
-
48. ۽ الله کانسواءِ جن کي سڏيندا آھيو تن کان ۽ اوھان کان پاسو ڪريان ٿو ۽ پنھنجي پالڻھار جي عبادت ڪندس، اُميد آھي پنھنجي پالڻھار جي عبادت ڪرڻ کان بدبخت نه ٿيندس.
-
49. پوءِ جڏھن کانئن ۽ الله کانسواءِ پوڄيندا ھوا تن کان پاسو ڪيائين (تڏھن) کيس اسحاق ۽ يعقوب عطا ڪيوسين، ۽ ھر ھڪ کي پيغمبر ڪيوسون.
-
50. ۽ کين پنھنجي ٻاجھ مان (گھڻيون شيون) عطا ڪيوسون ۽ انھن جي چڱي يادگيري بلند ڪئي سون.
-
51. ۽ ڪتاب ۾ موسىٰ (جو قصو) ياد ڪر، بيشڪ اُھو چونڊيل ھو ۽ پيغمبر نبي ھو.
-
52. ۽ طور (جبل) جي سڄي ڀر کان کيس سڏيوسون ۽ ھمراز ٿيڻ لاءِ کيس ويجھو ڪيوسون.
-
53. ۽ پنھنجي ٻاجھ سان سندس ڀاءُ ھوارون پيغمبر ڪري کيس عطا ڪيوسون.
-
54. ۽ ڪتاب ۾ اسماعيل (جو قصّو) ياد ڪر، بيشڪ اُھو انجام جو پورو ۽ پيغمبر نبي ھو.
-
55. ۽ پنھنجي گھر وارن کي نماز ۽ زڪوٰة جو حُڪم ڪندو ھو، ۽ پنھنجي پالڻھار وٽ پسند ھو.
-
56. ۽ ڪتاب ۾ ادريس (جو قصّو) ياد ڪر، بيشڪ اُھو سچو پيغمبر ھو.
-
57. ۽ وڏي مرتبي ڪري سندس مانُ مٿاھون ڪيوسون.
-
58. جن تي الله فضل ڪيو سي آدم جي اولاد منجھان پيغمبرن مان آھن، ۽ جن کي نوح سان (ٻيڙي ۾) کنيوسون، ۽ ابراھيم ۽ يعقوب جي اولاد مان، ۽ جن کي ھدايت ڪئي سون ۽ چونڊيوسون تن مان آھن، جڏھن الله جون آيتون کين پڙھي ٻڌائبيون ھيون تڏھن سجدو ڪندڙ ۽ روئيندڙ ٿي ڪري پوندا ھوا.
-
59. پوءِ سندن پوئتان ڪيترا (ندورا) پيڙھيءَ تي ويٺا (جو) نماز ڇڏي ڏنائون ۽ سڌن جي پٺيان لڳا پوءَ سگھو گمراھيءَ جي سزا لھندا.
-
60. پر جن توبه ڪئي ۽ ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪيا سي بھشت ۾ گھڙندا ۽ مٿن ڪجھ ظلم نه ڪبو.
-
61. ھميشه جا باغ آھن جن لاءِ الله پنھنجي ٻانھن سان پرپٺ انجام ڪيو آھي، بيشڪ سندس انجام پھچڻو آھي.
-
62. اُن ۾ سلامتي کانسواءِ (ٻي) ڪا بيھودي ڳالھه نه ٻڌندا، ۽ منجھس اُنھن لاءِ صُبح ۽ سانجھيءَ جو سندين روزي آھي.
-
63. اِھو بھشت اُھو آھي جو پنھنجن ٻانھن مان جيڪو پرھيزگار بڻبو تنھن کي (اُن جو) وارث ڪنداسون.
-
64. ۽ (ملائڪن چيو ته) تنھنجي پالڻھار جي حُڪم کانسواءِ نه لھندا آھيون، جيڪو اسان جي آڏو آھي ۽ جيڪي اسان جي پويان آھي ۽ جيڪي انھن جي وچ ۾ آھي تنھنجي (سڀ خبر) اُن کي آھي، ۽ تنھنجو پالڻھار وسارڻ وارو نه آھي.
-
65. آسمانن ۽ زمين ۾ جو ۽ جيڪي سندن وچ ۾ آھي تنھنجو پالڻھار آھي پوءِ سندس عبادت ڪر ۽ سندس عبادت تي صبر ڪر (يعني مُحڪم رھ)، تون اُن نالي ڪو ڄاڻندو آھين ڇا؟
-
66. ۽ ماڻھو چوندو آھي ته جڏھن مرندس (تڏھن) جيئرو ٿي ڪڍبس ڇا؟
-
67. ماڻھو ياد نه ڪندو آھي ڇا ته کيس اڳ پيدا ڪيوسون ڪجھ به نه ھو؟
-
68. پوءِ پنھنجي پالڻھار جو قسم آھي ته انھن کي ۽ شيطانن کي کڙو ڪنداسون وري دوزخ جي چوڌاري کين گوڏن ڀر حاضر ڪنداسون.
-
69. وري سڀ ڪنھن ٽوليءَ مان اھڙن ماڻھن کي ڌار ڪنداسون جن انھن مان ٻاجھاري (الله) جي ڏاڍي نافرماني ڪئي.
-
70. وري جيڪي انھن ۾ گھڙڻ جوڳا آھن تن کي اسين چڱو ڄاڻندا آھيون.
-
71. ۽ اوھان مان ڪو اھڙو ڪونھي جو اُن تي پھچڻ وارو نه آھي، تنھنجي پروردگار تي اھو انجام لازم مُقرّر آھي.
-
72. وري پرھيزگارن کي بچائينداسون ۽ ظالمن کي منجھس گوڏن ڀر ڪرندڙ ڇڏينداسون.
-
73. ۽ جڏھن اسان جون پڌريون آيتون انھن کي پڙھي ٻڌائبيون آھن (تڏھن) ڪافر مؤمنن کي چوندا آھن ته ٻنھي ٽولين مان ڪھڙي (ٽولي) مانَ جي ڪري ڀلي ۽ صحبت جي ڪري ڏاڍي چڱي آھي.
-
74. ۽ کانئن اڳ ڪيترائي جُڳ ناس ڪياسون جو اُھي سامان ۽ ڏيک جي ڪري ڏاڍا چڱا ھئا.
-
75. چؤ ته جيڪو گمراھيءَ ۾ آھي تنھن کي الله وڌيڪ وڌائيندو آھي، تان جو جيڪو انجام يا ته عذاب جو (ساڻن) ڪيو ويو سو جڏھن ڏسندا، تڏھن ھو ڄاڻندا ته بڇڙي مانَ وارو ۽ لشڪر جي ڪري ڏاڍو ھيڻو ڪير آھي.
-
76. ۽ الله ھدايت وارن کي ھدايت وڌيڪ ڪندو آھي، ۽ سدا رھندڙ چڱايون ثواب ڪري ڀليون ۽ موٽڻ ڪري چڱيون تنھنجي پالڻھار وٽ آھن.
-
77. (اي پيغمبر) اُنھي کي نه ڏٺو اٿيئي ڇا جنھن اسان جي آيتن کي نه مڃيو ۽ چيائين ته مون کي مال ۽ اولاد ضرور ڏنو ويندو؟
-
78. (اُھو) ڳجھ ڄاڻندو آھي ڇا يا الله وٽان ڪو انجام ورتو اٿس.
-
79. ائين نه آھي، جيڪي چوندو آھي سو سگھوئي لکنداسون ۽ اُن لاءِ ڊگھو عذاب وڌائينداسون.
-
80. ۽ جيڪي چوي ٿو سو کانئس کسينداسون ۽ اسان وٽ ھيڪلو ايندو.
-
81. ۽ الله کانسواءِ ٻيا معبود ھن لاءِ ورتا اٿن ته اُنھن لاءِ مانَ جو سبب ٿين.
-
82. ائين نه آھي، سندين پوڄا جو انڪار ڪندا ۽ اُنھن جا دشمن (۽ مخالف) ٿيندا.
-
83. (اي پيغمبر) نه ڏٺو اٿيئي ڇا ته شيطانن کي ڪافرن تي موڪليوسون ته (اُھي) کين لوڏا ڏيئي ڌُوڻين؟
-
84. پوءِ مٿن تڪڙ نه ڪر، انھن لاءِ پوري ڳڻ ڳڻيندا آھيون.
-
85. اُن ڏينھن پرھيزگارن کي مھمانن وانگر ٻاجھاري (الله) وٽ کڙو ڪنداسون.
-
86. ۽ ڏوھين کي دوزخ ڏانھن اُڃو روانو ڪنداسون.
-
87. جنھن الله وٽان انجام ورتو تنھن کانسواءِ (ٻيا ڪي) شفاعت ڪري نه سگھندا.
-
88. ۽ چوندا آھن ته الله پاڻ لاءِ اولاد ورتو آھي.
-
89. (چئبن ته) بيشڪ اوھان بڇڙي شيء آندي.
-
90. اِنھي (چوڻ) کان اِجھو آسمان ڦاٽندا ۽ زمين ڦاٽندي ۽ جبل ذرا ذرا ٿي ڪرندا.
-
91. اُنھي سببان جو (انھن) الله لاءِ پُٽ (بڻائي) سڏيا.
-
92. ۽ الله کي اولاد وٺڻ نه جڳائيندو آھي.
-
93. جيڪي آسمانن ۽ زمين ۾ آھي سي سڀ الله وٽ ٻانھا ٿي ايندا.
-
94. بيشڪ الله کين ڳڻيو آھي ۽ سندن ڳاڻاٽو ڳڻيو اٿس.
-
95. ۽ قيامت جي ڏينھن انھن مان ھر ھڪ وٽس ھيڪلو ايندو.
-
96. بيشڪ جن ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪيا تن لاءِ سگھو الله محبّت پيدا ڪندو.
-
97. پوءِ اُھو (قرآن) تنھنجي زبان تي رڳو ھن لاءِ آسان ڪيوسون ته (تون) ساڻس پرھيزگارن کي خوشخبري ڏئين ۽ ان سان جھيڙا گر قوم کي ڊيڄارين.
-
98. ۽ کانئن اڳ گھڻا جُڳ ناس ڪياسون، منجائن ڪنھن ھڪ جو پتو لھين ٿو ڇا يا سندس ڀڻڪ ٻڌين ٿو ڇا؟
شيئر ڪريو
1
Al-Fatihah
2
Al Baqara
3
Ali `Imran
4
An-Nisa
5
Al-Ma`idah
6
Al-An`am
7
Al-A`raf
8
Al-Anfal
9
At-Tawbah
10
Yunus
11
Hud
12
Yusuf
13
Ar-Ra`d
14
Ibrahim
15
Al-Hijr
16
An-Nahl
17
Al-Isra
18
Al-Kahf
19
Maryam
20
Taha
21
Al-Anbya
22
Al-Haj
23
Al-Mu`minun
24
An-Nur
25
Al-Furqan
26
Ash-Shu`ara
27
An-Naml
28
Al-Qasas
29
Al-`Ankabut
30
Ar-Rum
31
Luqman
32
As-Sajdah
33
Al-Ahzab
34
Saba
35
Faatir
36
Ya-Sin
37
As-Saffat
38
Sad
39
Az-Zumar
40
Ghafir
41
Fussilat
42
sh-Shuraa
43
Az-Zukhruf
44
Ad-Dukhan
45
Al-Jathiyah
46
Al-Ahqaf
47
Muhammad
48
Al-Fath
49
Al-Hujurat
50
Qaf
51
Adh-Dhariyat
52
At-Tur
53
An-Najm
54
Al-Qamar
55
Ar-Rahman
56
Al-Waqi`ah
57
Al-Hadid
58
Al-Mujadila
59
Al-Hashr
60
Al-Mumtahanah
61
As-Saf
62
Al-Jumu`ah
63
Al-Munafiqun
64
At-Taghabun
65
At-Talaq
66
At-Tahrim
67
Al-Mulk
68
Al-Qalam
69
Al-Haqqah
70
Al-Ma`arij
71
Nuh
72
Al-Jinn
73
Al-Muzzammil
74
Al-Muddaththir
75
Al-Qiyamah
76
Al-Insan
77
Al-Mursalat
78
An-Naba
79
An-Nazi`at
80
Abasa
81
At-Takwir
82
Al-Infitar
83
Al-Mutaffifin
84
Al-Inshiqaq
85
Al-Buruj
86
At-Tariq
87
Al-A`la
88
Al-Ghashiyah
89
Al-Fajr
90
Al-Balad
91
Ash-Shams
92
Al-Layl
93
Ad-Duhaa
94
Ash-Sharh
95
At-Tin
96
Al-`Alaq
97
Al-Qadr
98
Al-Bayyinah
99
Az-Zalzalah
100
Al-`Adiyat
101
Al-Qari`ah
102
At-Takathur
103
Al-`Asr
104
Al-Humazah
105
Al-Fil
106
Quraysh
107
Al-Ma`un
108
Al-Kawthar
109
Al-Kafirun
110
An-Nasr
111
Al-Masad
112
Al-Ikhlas
113
Al-Falaq
114
An-Nas