logo HARUN YAHYA

Al-Haqqah - قرآن - هارون يحييٰ

  • 1. قيامت.
  • 2. ڇا آھي (اھا) قيامت.
  • 3. ۽ ڪھڙي شيءِ توکي ڄاڻايو ته قيامت ڇا آھي؟
  • 4. ثمود ۽ عاد (قوم) قيامت کي ڪُوڙ ڄاتو.
  • 5. پوءِ ثمود (قوم) سي ته ھڪڙي رڙ سان ناس ڪيا ويا.
  • 6. ۽ عاد سي ھڪ بيحد سخت واءُ سان ناس ڪيا ويا.
  • 7. (الله) اُن (واءُ) کي ست راتيون ۽ اٺ ڏينھن لڳولڳ مٿن کڙو ڪيو پوءِ قوم کي اُن (زمين) ۾ ڪريل ڏسين ھا ڄڻ ته اُھي ڀتي کجيءَ جا ٿُڙ آھن.
  • 8. پوءِ انھن کي ڪجھ بچيل ڏسين ٿو ڇا؟
  • 9. ۽ فرعون ۽ جيڪي اُن کان اڳ ھوا ۽ ناس ڪيل شھرن وارا (به) گناھ (جا ڪم) ڪري آيا.
  • 10. ۽ پنھنجي پالڻھار جي رسول جي نافرماني ڪيائون تنھنڪري (الله) وڏي پڪڙ سان کين پڪڙيو.
  • 11. بيشڪ جڏھن پاڻي حد کان لنگھي ويو (تڏھن) اسان اوھان کي ھلندڙ ٻيڙيءَ ۾ چاڙهيو.
  • 12. ھن ڪري ته اُن (ڳالھ) کي اوھان لاءِ يادگيري ڪريون ۽ ان کي ڪو ياد رکڻ وارو ڪَنُّ ياد رکي.
  • 13. پوءِ جڏھن صُور ۾ ھڪڙي ڦوڪ ڦوڪبي.
  • 14. ۽ زمين ۽ جبل کنيا ويندا پوءِ ھڪ ڀيرو انھن کي ڪٽيو ويندو.
  • 15. پوءِ اُن ڏينھن قيامت قائم ٿيندي.
  • 16. ۽ آسمان ڦاٽندو پوءِ اُھو اُن ڏينھن ڍلو ٿيل ھوندو.
  • 17. ۽ ملائڪ آسمان جي ڪنارن تي ھوندا، ۽ تنھنجي پالڻھار جو تخت اُن ڏينھن اٺ ملائڪ پنھنجي مٿان کڻندا.
  • 18. اُن ڏينھن اوھان کي (الله جي) آڏو ڪيو ويندو اوھان جي ڪا ڳالھ ڳجھي لڪي نه رھندي.
  • 19. پوءِ جنھن کي سندس اعمالنامون سندس سڄي ھٿ ۾ ڏنو ويو سو چوندو ته وٺو منھنجو اعمالنامو پڙھو.
  • 20. بيشڪ مون يقين رکيو ھو ته آءٌ پنھنجي حساب کي پھچندس.
  • 21. اُھو چڱي گذران ۾ ھوندو.
  • 22. مٿاھين بھشت ۾.
  • 23. جنھن جا ميوا ويجھا ھوندا.
  • 24. (چئبن ته) وڻنديءَ تي کائو ۽ پيئو انھيءَ ڪري جو گذريل ڏينھن ۾ اڳي موڪليو ھيؤ.
  • 25. ۽ جنھن کي سندس اعمالنامون سندس کٻي ھٿ ۾ ڏنو ويو، سو چوندو ھاءِ ارمان جيڪر منھنجو اعمالنامون مون کي نه ملي ھا.
  • 26. نه ڄاڻان ھا ته منھنجو حساب ڇا آھي؟
  • 27. ھاءِ ارمان جيڪر موت نبيريندڙ ھجي ھا.
  • 28. منھنجي مال مون کي (ڪو) فائدو نه ڏنو.
  • 29. مون کان منھنجي بادشاھت چٽ ٿي.
  • 30. (ملائڪن کي چئبو ته) پڪڙيوس پوءِ ڳچيءَ ۾ ڳٽ ٻڌوس.
  • 31. وري دوزخ ۾ وجھوس.
  • 32. وري اھڙي زنجير ۾ قابو ڪريوس جنھن جي ڊيگھ ستر گز ھجي.
  • 33. ڇو ته اُھو (ماڻھو) الله وڏي کي نه مڃيندو ھو.
  • 34. ۽ نڪي (ٻـين کي) مسڪينن جي کارائڻ تي تاڪيد ڪندو ھو.
  • 35. تنھنڪري اُن جو اڄ ھت ڪو دوست ڪونھي.
  • 36. ۽ نڪي اُن جو ڦٽن جي روڳ کانسواءِ ٻيو ڪو کاڌو آھي.
  • 37. (جو) ڏوھارين کانسواءِ (ٻيو) ڪو ان کي نه کارائيندو.
  • 38. پوءِ جيڪي ڏسو ٿا اُن جو قسم کڻان ٿو.
  • 39. ۽ جيڪي نه ٿا ڏسو تنھن جو (به).
  • 40. ته بيشڪ ھي (قرآن) ھڪ سڳوري قاصد جو سنيھو آھي.
  • 41. ۽ اُھو ڪنھن شاعر جو ڪلام نه آھي، اوھين ٿورڙو يقين رکو ٿا.
  • 42. ۽ نڪي ڪنھن ڳجھ بڪندڙ جو ڪلام آھي، ٿوري نصيحت وٺو ٿا.
  • 43. (ھيءُ) جھانن جي پالڻھار کان نازل ٿيل آھي.
  • 44. ۽ جيڪڏھن (پيغمبر) اسان تي ڪي ڳالھيون (پاڻون) ٺاھي ھا.
  • 45. ته ضرور سڄي ھٿ کان کيس پڪڙيون ھا.
  • 46. وري سندس دل جي رڳ وڍي ڇڏيون ھا.
  • 47. پوءِ اوھان مان ڪو ھڪڙو (اسان جي عذاب کي) کانئس جھلڻ وارو نه آھي.
  • 48. ۽ بيشڪ ھي (قرآن) پرھيزگارن لاءِ نصيحت آھي.
  • 49. ۽ بيشڪ اسين ڄاڻون ٿا ته ڪي اوھان مان ڪوڙ ڀانئيندڙ آھن.
  • 50. ۽ بيشڪ ھي (قرآن) ڪافرن لاءِ ارمان (جو سبب) آھي.
  • 51. ۽ بيشڪ ھي (قرآن) پورو سَچو آھي.
  • 52. تنھنڪري تون پنھنجي وڏي پالڻھار جي نالي کي پاڪائيءَ سان ياد ڪر.
شيئر ڪريو
Facebook
X
WhatsApp
Telegram
QR Code
QR Code