HARUN YAHYA
Sindhi / سنڌي ، सिन्ध
SD
قرآن
Al-Haqqah
1. قيامت.
2. ڇا آھي (اھا) قيامت.
3. ۽ ڪھڙي شيءِ توکي ڄاڻايو ته قيامت ڇا آھي؟
4. ثمود ۽ عاد (قوم) قيامت کي ڪُوڙ ڄاتو.
5. پوءِ ثمود (قوم) سي ته ھڪڙي رڙ سان ناس ڪيا ويا.
6. ۽ عاد سي ھڪ بيحد سخت واءُ سان ناس ڪيا ويا.
7. (الله) اُن (واءُ) کي ست راتيون ۽ اٺ ڏينھن لڳولڳ مٿن کڙو ڪيو پوءِ قوم کي اُن (زمين) ۾ ڪريل ڏسين ھا ڄڻ ته اُھي ڀتي کجيءَ جا ٿُڙ آھن.
8. پوءِ انھن کي ڪجھ بچيل ڏسين ٿو ڇا؟
9. ۽ فرعون ۽ جيڪي اُن کان اڳ ھوا ۽ ناس ڪيل شھرن وارا (به) گناھ (جا ڪم) ڪري آيا.
10. ۽ پنھنجي پالڻھار جي رسول جي نافرماني ڪيائون تنھنڪري (الله) وڏي پڪڙ سان کين پڪڙيو.
11. بيشڪ جڏھن پاڻي حد کان لنگھي ويو (تڏھن) اسان اوھان کي ھلندڙ ٻيڙيءَ ۾ چاڙهيو.
12. ھن ڪري ته اُن (ڳالھ) کي اوھان لاءِ يادگيري ڪريون ۽ ان کي ڪو ياد رکڻ وارو ڪَنُّ ياد رکي.
13. پوءِ جڏھن صُور ۾ ھڪڙي ڦوڪ ڦوڪبي.
14. ۽ زمين ۽ جبل کنيا ويندا پوءِ ھڪ ڀيرو انھن کي ڪٽيو ويندو.
15. پوءِ اُن ڏينھن قيامت قائم ٿيندي.
16. ۽ آسمان ڦاٽندو پوءِ اُھو اُن ڏينھن ڍلو ٿيل ھوندو.
17. ۽ ملائڪ آسمان جي ڪنارن تي ھوندا، ۽ تنھنجي پالڻھار جو تخت اُن ڏينھن اٺ ملائڪ پنھنجي مٿان کڻندا.
18. اُن ڏينھن اوھان کي (الله جي) آڏو ڪيو ويندو اوھان جي ڪا ڳالھ ڳجھي لڪي نه رھندي.
19. پوءِ جنھن کي سندس اعمالنامون سندس سڄي ھٿ ۾ ڏنو ويو سو چوندو ته وٺو منھنجو اعمالنامو پڙھو.
20. بيشڪ مون يقين رکيو ھو ته آءٌ پنھنجي حساب کي پھچندس.
21. اُھو چڱي گذران ۾ ھوندو.
22. مٿاھين بھشت ۾.
23. جنھن جا ميوا ويجھا ھوندا.
24. (چئبن ته) وڻنديءَ تي کائو ۽ پيئو انھيءَ ڪري جو گذريل ڏينھن ۾ اڳي موڪليو ھيؤ.
25. ۽ جنھن کي سندس اعمالنامون سندس کٻي ھٿ ۾ ڏنو ويو، سو چوندو ھاءِ ارمان جيڪر منھنجو اعمالنامون مون کي نه ملي ھا.
26. نه ڄاڻان ھا ته منھنجو حساب ڇا آھي؟
27. ھاءِ ارمان جيڪر موت نبيريندڙ ھجي ھا.
28. منھنجي مال مون کي (ڪو) فائدو نه ڏنو.
29. مون کان منھنجي بادشاھت چٽ ٿي.
30. (ملائڪن کي چئبو ته) پڪڙيوس پوءِ ڳچيءَ ۾ ڳٽ ٻڌوس.
31. وري دوزخ ۾ وجھوس.
32. وري اھڙي زنجير ۾ قابو ڪريوس جنھن جي ڊيگھ ستر گز ھجي.
33. ڇو ته اُھو (ماڻھو) الله وڏي کي نه مڃيندو ھو.
34. ۽ نڪي (ٻـين کي) مسڪينن جي کارائڻ تي تاڪيد ڪندو ھو.
35. تنھنڪري اُن جو اڄ ھت ڪو دوست ڪونھي.
36. ۽ نڪي اُن جو ڦٽن جي روڳ کانسواءِ ٻيو ڪو کاڌو آھي.
37. (جو) ڏوھارين کانسواءِ (ٻيو) ڪو ان کي نه کارائيندو.
38. پوءِ جيڪي ڏسو ٿا اُن جو قسم کڻان ٿو.
39. ۽ جيڪي نه ٿا ڏسو تنھن جو (به).
40. ته بيشڪ ھي (قرآن) ھڪ سڳوري قاصد جو سنيھو آھي.
41. ۽ اُھو ڪنھن شاعر جو ڪلام نه آھي، اوھين ٿورڙو يقين رکو ٿا.
42. ۽ نڪي ڪنھن ڳجھ بڪندڙ جو ڪلام آھي، ٿوري نصيحت وٺو ٿا.
43. (ھيءُ) جھانن جي پالڻھار کان نازل ٿيل آھي.
44. ۽ جيڪڏھن (پيغمبر) اسان تي ڪي ڳالھيون (پاڻون) ٺاھي ھا.
45. ته ضرور سڄي ھٿ کان کيس پڪڙيون ھا.
46. وري سندس دل جي رڳ وڍي ڇڏيون ھا.
47. پوءِ اوھان مان ڪو ھڪڙو (اسان جي عذاب کي) کانئس جھلڻ وارو نه آھي.
48. ۽ بيشڪ ھي (قرآن) پرھيزگارن لاءِ نصيحت آھي.
49. ۽ بيشڪ اسين ڄاڻون ٿا ته ڪي اوھان مان ڪوڙ ڀانئيندڙ آھن.
50. ۽ بيشڪ ھي (قرآن) ڪافرن لاءِ ارمان (جو سبب) آھي.
51. ۽ بيشڪ ھي (قرآن) پورو سَچو آھي.
52. تنھنڪري تون پنھنجي وڏي پالڻھار جي نالي کي پاڪائيءَ سان ياد ڪر.
شيئر ڪريو
1. Al-Fatihah
2. Al Baqara
3. Ali `Imran
4. An-Nisa
5. Al-Ma`idah
6. Al-An`am
7. Al-A`raf
8. Al-Anfal
9. At-Tawbah
10. Yunus
11. Hud
12. Yusuf
13. Ar-Ra`d
14. Ibrahim
15. Al-Hijr
16. An-Nahl
17. Al-Isra
18. Al-Kahf
19. Maryam
20. Taha
21. Al-Anbya
22. Al-Haj
23. Al-Mu`minun
24. An-Nur
25. Al-Furqan
26. Ash-Shu`ara
27. An-Naml
28. Al-Qasas
29. Al-`Ankabut
30. Ar-Rum
31. Luqman
32. As-Sajdah
33. Al-Ahzab
34. Saba
35. Faatir
36. Ya-Sin
37. As-Saffat
38. Sad
39. Az-Zumar
40. Ghafir
41. Fussilat
42. sh-Shuraa
43. Az-Zukhruf
44. Ad-Dukhan
45. Al-Jathiyah
46. Al-Ahqaf
47. Muhammad
48. Al-Fath
49. Al-Hujurat
50. Qaf
51. Adh-Dhariyat
52. At-Tur
53. An-Najm
54. Al-Qamar
55. Ar-Rahman
56. Al-Waqi`ah
57. Al-Hadid
58. Al-Mujadila
59. Al-Hashr
60. Al-Mumtahanah
61. As-Saf
62. Al-Jumu`ah
63. Al-Munafiqun
64. At-Taghabun
65. At-Talaq
66. At-Tahrim
67. Al-Mulk
68. Al-Qalam
69. Al-Haqqah
70. Al-Ma`arij
71. Nuh
72. Al-Jinn
73. Al-Muzzammil
74. Al-Muddaththir
75. Al-Qiyamah
76. Al-Insan
77. Al-Mursalat
78. An-Naba
79. An-Nazi`at
80. Abasa
81. At-Takwir
82. Al-Infitar
83. Al-Mutaffifin
84. Al-Inshiqaq
85. Al-Buruj
86. At-Tariq
87. Al-A`la
88. Al-Ghashiyah
89. Al-Fajr
90. Al-Balad
91. Ash-Shams
92. Al-Layl
93. Ad-Duhaa
94. Ash-Sharh
95. At-Tin
96. Al-`Alaq
97. Al-Qadr
98. Al-Bayyinah
99. Az-Zalzalah
100. Al-`Adiyat
101. Al-Qari`ah
102. At-Takathur
103. Al-`Asr
104. Al-Humazah
105. Al-Fil
106. Quraysh
107. Al-Ma`un
108. Al-Kawthar
109. Al-Kafirun
110. An-Nasr
111. Al-Masad
112. Al-Ikhlas
113. Al-Falaq
114. An-Nas