HARUN YAHYA
Sindhi / سنڌي ، सिन्ध
SD
قرآن
An-Naba
1. ڪھڙيءَ ڳالھ بابت ھڪ ٻئي کان پڇن ٿا.
2. (ھائو!) ھڪڙي اھڙي وڏي واقعي بابت.
3. جنھن (جي ٿيڻ) ۾ اُھي (پاڻ ۾) مختلف آھن.
4. ائين (سندن خيالن وانگر) نه آھي سگھوئي ڄاڻندا.
5. وري (به چئون ٿا) ته ائين نه آھي سگھوئي ڄاڻندا.
6. زمين کي وڇاڻو نه ڪيو اٿون ڇا؟
7. ۽ جبلن کي ميخون؟
8. ۽ اوھان کي جوڙو جوڙو (نر ۽ مادي) بڻايوسون.
9. ۽ اوھان جي ننڊ کي فرحت بڻايوسون.
10. ۽ رات کي ڍَڪ ڪيوسون.
11. ۽ ڏينھن کي گذران (جو وقت) ڪيوسون.
12. ۽ اوھان جي مٿون ست مُحڪم (آسمان) بڻاياسون.
13. ۽ ھڪ چمڪندڙ ڏيئو (سج) بڻايوسون.
14. ۽ ڪڪرن مان پلٽندڙ پاڻي وسايوسون.
15. ته اُن سان اَن ۽ سَلا ڄمايون.
16. ۽ گھاٽاباغ (به).
17. بيشڪ فيصلي جو ڏينھن ھڪ مقرر مھل آھي.
18. جنھن ڏينھن صُور ۾ ڦوڪبو ته اوھين ٽوليون ٽوليون ٿي ايندؤ.
19. ۽ آسمان کولبو پوءِ دروازا ٿي پوندو.
20. ۽ جبل ھلائبا پوءِ رُڃ وانگر ٿيندا.
21. بيشڪ دوزخ انتظار ڪڍڻ وارو آھي.
22. جو ھٺيلن جو رھڻ جو ھنڌ آھي.
23. منجھس ڪيئي ڊگھيون مُدتون رھندا.
24. اُن ۾ نڪا ٿڌائي ۽ نڪا پيڻ جي شيءِ چکندا.
25. تتي پاڻي ۽ روڳ کانسواءِ.
26. (اھو سندن) پورو پورو بدلو آھي.
27. ڇوته اُھي حساب ڏيڻ جي اُميد نه رکندا ھوا.
28. ۽ اسان جي حُڪمن کي بلڪل ڪوڙ ڀائيندا ھوا.
29. ۽ سڀ شيءِ کي لکي ڳڻي ڇڏيو اٿون.
30. پوءِ (چئبن ته مزو) چکو جو عذاب کانسواءِ اوھان تي (ٻيو) ڪي (به) نه وڌائينداسون.
31. بيشڪ پرھيزگارن لاءِ ڪاميابي آھي.
32. جو باغ ۽ ڊاکون.
33. ۽ ھم عمر نوجوان زالون.
34. ۽ شراب جا ڇلڪندڙ پيالا (به).
35. اتي نڪا اجائي بڪ ۽ نڪو ڪوڙ ٻڌندا.
36. (اھو پورو) بدلو تنھنجي پالڻھار کان (انعام) عطا ڪيل حساب روءِ آھي.
37. جو آسمانن ۽ زمين جو ۽ جيڪي ٻنھي جي وچ ۾ آھي تن جو پالڻھار ٻاجھارو آھي اُن (جي ھيبت) کان ڪوبه ورندي ڏئي نه سگھندو.
38. جنھن ڏينھن روح ۽ (سڀئي) ملائڪ صفون ٻڌي بيھندا (تنھن ڏينھن) جنھن کي ٻاجھاري (الله) موڪل ڏني ھوندي ۽ پوري ڳالھ ڳالھائي ھوندائين تنھن کانسواءِ (ٻيو ڪي به) نه ڳالھائيندا.
39. اِھو ڏينھن سچ پچ (ٿيڻو) آھي، تنھنڪري جيڪو گھري سو پنھنجي پالڻھار ڏانھن (پنھنجي) رھڻ جو ھنڌ ٺاھي.
40. بيشڪ اسان اوھان کي ويجھي عذاب (اچڻ) کان ڊيڄاري چڪاسون، جنھن ڏينھن آدمي اُھو ڏسندو جيڪي سندس ٻنھي ھٿن اڳي ڪري موڪليو ۽ ڪافر چوندو ته ھاءِ ارمان جيڪر آءٌ مٽي ھجان ھا.
شيئر ڪريو
1. Al-Fatihah
2. Al Baqara
3. Ali `Imran
4. An-Nisa
5. Al-Ma`idah
6. Al-An`am
7. Al-A`raf
8. Al-Anfal
9. At-Tawbah
10. Yunus
11. Hud
12. Yusuf
13. Ar-Ra`d
14. Ibrahim
15. Al-Hijr
16. An-Nahl
17. Al-Isra
18. Al-Kahf
19. Maryam
20. Taha
21. Al-Anbya
22. Al-Haj
23. Al-Mu`minun
24. An-Nur
25. Al-Furqan
26. Ash-Shu`ara
27. An-Naml
28. Al-Qasas
29. Al-`Ankabut
30. Ar-Rum
31. Luqman
32. As-Sajdah
33. Al-Ahzab
34. Saba
35. Faatir
36. Ya-Sin
37. As-Saffat
38. Sad
39. Az-Zumar
40. Ghafir
41. Fussilat
42. sh-Shuraa
43. Az-Zukhruf
44. Ad-Dukhan
45. Al-Jathiyah
46. Al-Ahqaf
47. Muhammad
48. Al-Fath
49. Al-Hujurat
50. Qaf
51. Adh-Dhariyat
52. At-Tur
53. An-Najm
54. Al-Qamar
55. Ar-Rahman
56. Al-Waqi`ah
57. Al-Hadid
58. Al-Mujadila
59. Al-Hashr
60. Al-Mumtahanah
61. As-Saf
62. Al-Jumu`ah
63. Al-Munafiqun
64. At-Taghabun
65. At-Talaq
66. At-Tahrim
67. Al-Mulk
68. Al-Qalam
69. Al-Haqqah
70. Al-Ma`arij
71. Nuh
72. Al-Jinn
73. Al-Muzzammil
74. Al-Muddaththir
75. Al-Qiyamah
76. Al-Insan
77. Al-Mursalat
78. An-Naba
79. An-Nazi`at
80. Abasa
81. At-Takwir
82. Al-Infitar
83. Al-Mutaffifin
84. Al-Inshiqaq
85. Al-Buruj
86. At-Tariq
87. Al-A`la
88. Al-Ghashiyah
89. Al-Fajr
90. Al-Balad
91. Ash-Shams
92. Al-Layl
93. Ad-Duhaa
94. Ash-Sharh
95. At-Tin
96. Al-`Alaq
97. Al-Qadr
98. Al-Bayyinah
99. Az-Zalzalah
100. Al-`Adiyat
101. Al-Qari`ah
102. At-Takathur
103. Al-`Asr
104. Al-Humazah
105. Al-Fil
106. Quraysh
107. Al-Ma`un
108. Al-Kawthar
109. Al-Kafirun
110. An-Nasr
111. Al-Masad
112. Al-Ikhlas
113. Al-Falaq
114. An-Nas