logo HARUN YAHYA

An-Naba - قرآن - هارون يحييٰ

  • 1. ڪھڙيءَ ڳالھ بابت ھڪ ٻئي کان پڇن ٿا.
  • 2. (ھائو!) ھڪڙي اھڙي وڏي واقعي بابت.
  • 3. جنھن (جي ٿيڻ) ۾ اُھي (پاڻ ۾) مختلف آھن.
  • 4. ائين (سندن خيالن وانگر) نه آھي سگھوئي ڄاڻندا.
  • 5. وري (به چئون ٿا) ته ائين نه آھي سگھوئي ڄاڻندا.
  • 6. زمين کي وڇاڻو نه ڪيو اٿون ڇا؟
  • 7. ۽ جبلن کي ميخون؟
  • 8. ۽ اوھان کي جوڙو جوڙو (نر ۽ مادي) بڻايوسون.
  • 9. ۽ اوھان جي ننڊ کي فرحت بڻايوسون.
  • 10. ۽ رات کي ڍَڪ ڪيوسون.
  • 11. ۽ ڏينھن کي گذران (جو وقت) ڪيوسون.
  • 12. ۽ اوھان جي مٿون ست مُحڪم (آسمان) بڻاياسون.
  • 13. ۽ ھڪ چمڪندڙ ڏيئو (سج) بڻايوسون.
  • 14. ۽ ڪڪرن مان پلٽندڙ پاڻي وسايوسون.
  • 15. ته اُن سان اَن ۽ سَلا ڄمايون.
  • 16. ۽ گھاٽاباغ (به).
  • 17. بيشڪ فيصلي جو ڏينھن ھڪ مقرر مھل آھي.
  • 18. جنھن ڏينھن صُور ۾ ڦوڪبو ته اوھين ٽوليون ٽوليون ٿي ايندؤ.
  • 19. ۽ آسمان کولبو پوءِ دروازا ٿي پوندو.
  • 20. ۽ جبل ھلائبا پوءِ رُڃ وانگر ٿيندا.
  • 21. بيشڪ دوزخ انتظار ڪڍڻ وارو آھي.
  • 22. جو ھٺيلن جو رھڻ جو ھنڌ آھي.
  • 23. منجھس ڪيئي ڊگھيون مُدتون رھندا.
  • 24. اُن ۾ نڪا ٿڌائي ۽ نڪا پيڻ جي شيءِ چکندا.
  • 25. تتي پاڻي ۽ روڳ کانسواءِ.
  • 26. (اھو سندن) پورو پورو بدلو آھي.
  • 27. ڇوته اُھي حساب ڏيڻ جي اُميد نه رکندا ھوا.
  • 28. ۽ اسان جي حُڪمن کي بلڪل ڪوڙ ڀائيندا ھوا.
  • 29. ۽ سڀ شيءِ کي لکي ڳڻي ڇڏيو اٿون.
  • 30. پوءِ (چئبن ته مزو) چکو جو عذاب کانسواءِ اوھان تي (ٻيو) ڪي (به) نه وڌائينداسون.
  • 31. بيشڪ پرھيزگارن لاءِ ڪاميابي آھي.
  • 32. جو باغ ۽ ڊاکون.
  • 33. ۽ ھم عمر نوجوان زالون.
  • 34. ۽ شراب جا ڇلڪندڙ پيالا (به).
  • 35. اتي نڪا اجائي بڪ ۽ نڪو ڪوڙ ٻڌندا.
  • 36. (اھو پورو) بدلو تنھنجي پالڻھار کان (انعام) عطا ڪيل حساب روءِ آھي.
  • 37. جو آسمانن ۽ زمين جو ۽ جيڪي ٻنھي جي وچ ۾ آھي تن جو پالڻھار ٻاجھارو آھي اُن (جي ھيبت) کان ڪوبه ورندي ڏئي نه سگھندو.
  • 38. جنھن ڏينھن روح ۽ (سڀئي) ملائڪ صفون ٻڌي بيھندا (تنھن ڏينھن) جنھن کي ٻاجھاري (الله) موڪل ڏني ھوندي ۽ پوري ڳالھ ڳالھائي ھوندائين تنھن کانسواءِ (ٻيو ڪي به) نه ڳالھائيندا.
  • 39. اِھو ڏينھن سچ پچ (ٿيڻو) آھي، تنھنڪري جيڪو گھري سو پنھنجي پالڻھار ڏانھن (پنھنجي) رھڻ جو ھنڌ ٺاھي.
  • 40. بيشڪ اسان اوھان کي ويجھي عذاب (اچڻ) کان ڊيڄاري چڪاسون، جنھن ڏينھن آدمي اُھو ڏسندو جيڪي سندس ٻنھي ھٿن اڳي ڪري موڪليو ۽ ڪافر چوندو ته ھاءِ ارمان جيڪر آءٌ مٽي ھجان ھا.
شيئر ڪريو
Facebook
X
WhatsApp
Telegram
QR Code
QR Code