Al-Muddaththir - قرآن - هارون يحييٰ
-
1. اي (پاڻتي) ڪپڙي ويڙھڻ وارا مڙس.
-
2. کڙو ٿي پوءِ ڊيڄار.
-
3. ۽ پنھنجي پالڻھار جي وڏائي بيان ڪر.
-
4. ۽ پنھنجا ڪپڙا پاڪ رک.
-
5. ۽ پليتي کان پري رھ.
-
6. ۽ (اھڙو) احسان نه ڪر جو زيادہ عوض گھرين.
-
7. ۽ پنھنجي پالڻھار (جي حُڪم) لاءِ صبر اختيار ڪر.
-
8. پوءِ جڏھن صُور ۾ ڦوڪبو.
-
9. تڏھن اُن ڏينھن اوکو وقت ٿيندو.
-
10. ڪافرن تي اڻ سکيو (وقت) ھوندو.
-
11. مون کي ۽ جنھن کي اڪيلو پيدا ڪيم تنھن کي ڇڏي ڏي.
-
12. ۽ اُن کي گھڻو مال ڏنم.
-
13. ۽ (مجلسن ۾) حاضر ٿيڻ وارا پُٽ (به ڏنم).
-
14. ۽ ان کي پوري طرح وڌايم.
-
15. وري (به) لالچ رکندو آھي ته (کيس) وڌيڪ ڏيان.
-
16. ائين نه آھي، بيشڪ اُھو اسان جي آيتن سان جھڳڙو ڪندڙ آھي.
-
17. جلد اُن کي وڏي سختي سان تڪليف ڏيندس.
-
18. بيشڪ اُن دل ۾ سوچ ڪئي ۽ ٺھراءُ ڪيو.
-
19. پوءِ لعنت ھجيس شال ڪيئن ٺھراء ڪيائين.
-
20. وري به لعنت ھجيس شال ڪيئن ٺھراءُ ڪيائين.
-
21. وري (غور ڪري) ڏٺائين.
-
22. وري منھن ۾ شور وڌائين ۽ گھنڊ پاتائين.
-
23. وري پٺيرو ٿيو ۽ وڏائي ڪيائين.
-
24. پوءِ چيائين ته ھي (قرآن) رڳو جادو آھي جو (جادوگرن کان) ھليو اچي ٿو.
-
25. ھي (قرآن) رڳو ماڻھوءَ جو ڪلام آھي.
-
26. جلد اُن کي دوزخ ۾ وجھندس.
-
27. ۽ توکي ڪھڙي شيءَ ڄاڻايو ته دوزخ ڇا آھي.
-
28. اُھو نڪي ڪجھ (گوشت) رھائي ٿو ۽ نڪي (ھڏا) ڇڏي ٿو.
-
29. ماڻھن کي (ساڙي) ڪارو ڪندڙ آھي.
-
30. اُن تي اُڻويہ ڄڻا دربان آھن.
-
31. ۽ دوزخ جا دربان رڳو ملائڪ ڪيا اٿون، ۽ سندن ڳاڻيٽو رڳو ڪافرن لاءِ پرک ڪئي اٿون ته ڪتاب وارا يقين ڪن ۽ ايمان وارا پنھنجي ايمان ۾ وڌن ۽ ڪتاب وارا ۽ مؤمن شڪ ۾ نه پون ۽ ته جن جي دلين ۾ (منافقيءَ جي) بيماري آھي سي ۽ ڪافر چون ته ھن مثال ڏيڻ ۾ الله جو ڇا مطلب آھي، اھڙيءَ طرح الله جنھن کي گھري (تنھن کي) ڀلائيندو آھي ۽ جنھن کي گھري (تنھن کي) ھدايت ڪندو آھي، ۽ تنھنجي پالڻھار جا لشڪر اُن کانسواءِ (ٻيو) ڪونه ڄاڻندو آھي، ۽ ھيءَ (دوزخ) سڀ ڪنھن ماڻھوءَ لاءِ رڳو نصيحت آھي.
-
32. سچ چوان ٿو چنڊ جو قسم آھي.
-
33. ۽ رات جو جڏھن پٺ ڦيري.
-
34. ۽ صبح جو (قسم آھي) جڏھن روشن ٿئي.
-
35. ته بيشڪ دوزخ ھڪ وڏين شين مان آھي.
-
36. (سڀڪنھن) ماڻھو کي ڊيڄاريندڙ آھي.
-
37. اوھان مان انھي لاءِ جيڪو گھري ته (بھشت) لاءِ اڳي وڌي يا (دوزخ ۾) پٺ تي رھي.
-
38. سڀڪو جيءُ پنھنجي ڪئي ۾ ڳه پيل آھي.
-
39. پر سڄي پاسي وارا (ڇٽل آھن).
-
40. (بھشت جي) باغن ۾ ھوندا، گڏجي پڇندا.
-
41. ڏوھارين کان.
-
42. ته اوھان کي دوزخ ۾ ڪھڙي ڳالھ وڌو.
-
43. چوندا ته نڪي نمازين مان ھواسون.
-
44. ۽ نڪي مسڪينن کي کارائيندا ھواسون.
-
45. ۽ بڪواتن سان گڏ بڪوات ڪندا ڪندا ھواسون.
-
46. ۽ بدلي جي ڏينھن کي ڪوڙ ڀانئيندا ھواسون.
-
47. تان جو اسان کي موت پھتو.
-
48. پوءِ کين پارت ڪندڙن جي پارت نفعو نه ڏيندي.
-
49. پوءِ انھن کي ڇا (ٿيو) آھي جو نصيحت کان منھن موڙيندڙ (ٿيا) آھن.
-
50. ڄڻ ته اُھي ٽھندڙ گڏھ آھن.
-
51. جي شينھن کان ڀڳا ھجن.
-
52. بلڪ منجھائن ھر ھڪ مڙس گھرندو آھي ته کيس (آسمان) مان کليل ڪتاب ڏجن.
-
53. ائين نه آھي، بلڪ آخرت کان نه ٿا ڊڄن.
-
54. سچ آھي ته بيشڪ قرآن ھڪ نصيحت آھي.
-
55. پوءِ جيڪو گُھري سو اُن کي پڙھي.
-
56. ۽ الله جي گھر کانسواءِ (ان کي) ياد ڪري نه سگھندا آھن، (الله) اُھو آھي جنھن کان ڊڄڻ گھرجي ۽ اھو بخشش جو به مالڪ آھي.
شيئر ڪريو
1
Al-Fatihah
2
Al Baqara
3
Ali `Imran
4
An-Nisa
5
Al-Ma`idah
6
Al-An`am
7
Al-A`raf
8
Al-Anfal
9
At-Tawbah
10
Yunus
11
Hud
12
Yusuf
13
Ar-Ra`d
14
Ibrahim
15
Al-Hijr
16
An-Nahl
17
Al-Isra
18
Al-Kahf
19
Maryam
20
Taha
21
Al-Anbya
22
Al-Haj
23
Al-Mu`minun
24
An-Nur
25
Al-Furqan
26
Ash-Shu`ara
27
An-Naml
28
Al-Qasas
29
Al-`Ankabut
30
Ar-Rum
31
Luqman
32
As-Sajdah
33
Al-Ahzab
34
Saba
35
Faatir
36
Ya-Sin
37
As-Saffat
38
Sad
39
Az-Zumar
40
Ghafir
41
Fussilat
42
sh-Shuraa
43
Az-Zukhruf
44
Ad-Dukhan
45
Al-Jathiyah
46
Al-Ahqaf
47
Muhammad
48
Al-Fath
49
Al-Hujurat
50
Qaf
51
Adh-Dhariyat
52
At-Tur
53
An-Najm
54
Al-Qamar
55
Ar-Rahman
56
Al-Waqi`ah
57
Al-Hadid
58
Al-Mujadila
59
Al-Hashr
60
Al-Mumtahanah
61
As-Saf
62
Al-Jumu`ah
63
Al-Munafiqun
64
At-Taghabun
65
At-Talaq
66
At-Tahrim
67
Al-Mulk
68
Al-Qalam
69
Al-Haqqah
70
Al-Ma`arij
71
Nuh
72
Al-Jinn
73
Al-Muzzammil
74
Al-Muddaththir
75
Al-Qiyamah
76
Al-Insan
77
Al-Mursalat
78
An-Naba
79
An-Nazi`at
80
Abasa
81
At-Takwir
82
Al-Infitar
83
Al-Mutaffifin
84
Al-Inshiqaq
85
Al-Buruj
86
At-Tariq
87
Al-A`la
88
Al-Ghashiyah
89
Al-Fajr
90
Al-Balad
91
Ash-Shams
92
Al-Layl
93
Ad-Duhaa
94
Ash-Sharh
95
At-Tin
96
Al-`Alaq
97
Al-Qadr
98
Al-Bayyinah
99
Az-Zalzalah
100
Al-`Adiyat
101
Al-Qari`ah
102
At-Takathur
103
Al-`Asr
104
Al-Humazah
105
Al-Fil
106
Quraysh
107
Al-Ma`un
108
Al-Kawthar
109
Al-Kafirun
110
An-Nasr
111
Al-Masad
112
Al-Ikhlas
113
Al-Falaq
114
An-Nas