logo HARUN YAHYA

Ar-Rahman - قرآن - هارون يحييٰ

  • 1. ٻاجھاري (الله).
  • 2. قرآن سيکاريو.
  • 3. ماڻھو کي پيدا ڪيائين.
  • 4. ان کي پڌرو ڳالھائڻ سيکاريائين.
  • 5. سج ۽ چنڊ پوري حساب تي ھلندا آھن.
  • 6. ۽ وليون ۽ وڻ (الله کي) سجدو ڪندا آھن.
  • 7. ۽ آسمان کي بلند ڪيائين ۽ انصاف جي ترازي رکيائين.
  • 8. ھن لاءِ ته تور ۾ حد کان نه لنگھو.
  • 9. ۽ انصاف سان پورو توريندا رھو ۽ تور ۾ کوٽ نه ڪريو.
  • 10. ماڻھن لاءِ زمين کي پکيڙيائين.
  • 11. منجھس (ھر جنس) جو ميوو ۽ چپڙين واريون کجيون آھن.
  • 12. ۽ بُھ وارو اَنُّ ۽ سرھاڻيون (به اُن ۾) آھن.
  • 13. پوءِ (اي جنّؤ ۽ ماڻھو) پنھنجي رب جي ڪھڙين نعمتن جو انڪار ڪندؤ.
  • 14. ماڻھوءَ کي ٽِڪر جھڙي وڄندڙ مٽيءَ مان پيدا ڪيائين.
  • 15. ۽ جنّ کي باھ جي الانبي مان بڻايائين.
  • 16. پوءِ (اي جنّؤ ۽ ماڻھو) پنھنجي پالڻھار جي ڪھڙين نعمتن جو انڪار ڪندؤ.
  • 17. جو ٻنھي اوڀرن جو پالڻھار آھي ۽ ٻنھي اولھن جو پالڻھار آھي.
  • 18. پوءِ (اي جنّؤ ۽ ماڻھو) پنھنجي پالڻھار جي ڪھڙين نعمتن جو انڪار ڪندؤ.
  • 19. ٻن دريائن (کاري ۽ مٺيءَ) کي وھايائين جو پاڻ ۾ گڏجي ٿا وھن.
  • 20. انھن ٻنھي جي وچ ۾ اوٽ آھي جو ھڪ ٻئي تي زيادتي نه ڪندا آھن.
  • 21. پوءِ (اي جنّؤ ۽ ماڻھو) پنھنجي پالڻھار جي ڪھڙين نعمتن جو انڪار ڪندؤ.
  • 22. انھن ٻنھي مان موتي ۽ مرجان نڪرندا آھن.
  • 23. پوءِ (اي جنّو ۽ ماڻھو) پنھنجي پالڻھار جي ڪھڙين نعمتن جو انڪار ڪندؤ.
  • 24. ۽ سمنڊ ۾ ھلندڙ جھاز (سڙھ کنيل) جبلن وانگر اُچا الله جا آھن.
  • 25. پوءِ (اي جنّو ۽ ماڻھؤ) پنھنجي پالڻھار جي ڪھڙين نعمتن جو انڪار ڪندؤ.
  • 26. جيڪو به زمين تي آھي سو سڀ ناس ٿيندو.
  • 27. ۽ (اي پيغمبر) تنھنجي پالڻھار جي ذات باقي رھندي جو عزت وارو ۽ نعمتن وارو آھي.
  • 28. پوءِ (اي جنّؤ ۽ ماڻھؤ) پنھنجي پالڻھار جي ڪھڙين نعمتن جو انڪار ڪندؤ.
  • 29. جيڪو به آسمانن ۽ زمين ۾ آھي سو سڀڪو الله کان گھرندو آھي، سڀڪنھن ڏينھن اُھو ڪم ۾ آھي.
  • 30. پوءِ (اي جنّو ۽ ماڻھؤ) پنھنجي پالڻھار جي ڪھڙين نعمتن جو انڪار ڪندؤ.
  • 31. اي جنّو ۽ ماڻھؤ (اسين واندا ٿي) اوھان ڏانھن جلد متوجه ٿينداسون.
  • 32. پوءِ (اي جنّؤ ۽ ماڻھؤ) پنھنجي پالڻھار جي ڪھڙين نعمتن جو انڪار ڪندؤ.
  • 33. اي جِنّن ۽ ماڻھن جي ٽولي جيڪڏھن اوھين آسمانن ۽ زمين جي پاسن کان ٻاھر نڪري سگھندا آھيو ته نڪرو، وڏي ھمت کانسواءِ ٻي طرح نڪري نه سگھندؤ.
  • 34. پوءِ (اي جنّؤ ۽ ماڻھؤ) پنھنجي پالڻھار جي ڪھڙين نعمتن جو انڪار ڪندؤ.
  • 35. اوھان تي باھ جو اُلنبو ۽ دُونھون موڪلبو جو مقابلو ڪري نه سگھندؤ.
  • 36. پوءِ (اي جنّؤ ۽ ماڻھؤ) پنھنجي پالڻھار جي ڪھڙين نعمتن جو انڪار ڪندؤ.
  • 37. پوءِ جڏھن آسمان ڦاٽندو تڏھن اڌوڙ وانگر گلابي ٿيندو.
  • 38. پوءِ (اي جنّؤ ۽ ماڻھؤ) پنھنجي پالڻھار جي ڪھڙين نعمتن جو انڪار ڪندؤ.
  • 39. پوءِ اُن ڏينھن نڪي ماڻھو ۽ نڪي جن پنھنجي گناھ بابت پُڇبا.
  • 40. پوءِ (اي جنّؤ ۽ ماڻھؤ) پنھنجي پالڻھار جي ڪھڙن نعمتن جو انڪار ڪندؤ.
  • 41. ڏوھاري پنھنجي شڪلين مان پيا سڃاتا ويندا ۽ پوءِ ڄُنڊن ۽ پيرن مان پڪڙبا.
  • 42. پوءِ (اي جنّؤ ۽ ماڻھؤ) پنھنجي پالڻھار جي ڪھڙين نعمتن جو انڪار ڪندؤ.
  • 43. (چئبو ته) ھي اُھو دوزخ آھي جنھن کي گنھگارن ڪوڙ ڀانيو ھو.
  • 44. انھيءَ (دوزخ) ۾ ۽ تَتي ٽھڪندڙ پاڻيءَ ۾ پيا ايندا ويندا.
  • 45. پوءِ (اي جنّؤ ۽ ماڻھؤ) پنھنجي پالڻھار جي ڪھڙين نعمتن جو انڪار ڪندؤ.
  • 46. ۽ جيڪو پنھنجي پالڻھار جي آڏو بيھڻ کان ڊنو تنھن لاءِ ٻه باغ آھن.
  • 47. پوءِ (اي جنّؤ ۽ ماڻھؤ) پنھنجي پالڻھار جي ڪھڙين نعمتن جو انڪار ڪندؤ.
  • 48. ٻئي باغ گھاٽا آھن.
  • 49. پوءِ (اي جنّؤ ۽ ماڻھؤ) پنھنجي پالڻھار جي ڪھڙين نعمتن جو انڪار ڪندؤ.
  • 50. انھن (ٻن باغن) ۾ ٻه چشما وھن ٿا.
  • 51. پوءِ (اي جنّؤ ۽ ماڻھؤ) پنھنجي پالڻھار جي ڪھڙين نعمتن جو انڪار ڪندؤ.
  • 52. انھن ٻنھي (باغن) ۾ سڀڪنھن ميوي مان ٻه ٻه جنسون آھن.
  • 53. پوءِ (اي جنّو ۽ ماڻھؤ) پنھنجي پالڻھار جي ڪھڙين نعمتن جو انڪار ڪندؤ.
  • 54. اھڙن وڇاڻن تي ٽيڪ ڏئي ويٺا ھوندا جنھن جو استر اِسۡتَبۡرق پٽ مان ھوندو، ۽ انھن ٻنھي باغن جو ميوو ويجھو ھوندو.
  • 55. پوءِ (اي جنّؤ ۽ ماڻھؤ) پنھنجي پالڻھار جي ڪھڙين نعمتن جو انڪار ڪندؤ.
  • 56. اُنھن (باغن جي ماڙين) ۾ (شرم ڪري) ھيٺ نگاھ ڪرڻ واريون (حُورون) ھونديون جن کي اُنھن کان اڳ نڪي ڪنھن ماڻھو ۽ جنّ ڇھيو آھي.
  • 57. پوءِ (اي جنّؤ ۽ ماڻھؤ) پنھنجي پالڻھار جي ڪھڙين نعمتن جو انڪار ڪندؤ.
  • 58. اُھي (حُورون) ڄڻڪ ياقُوت ۽ مَرجان آھن.
  • 59. پوءِ (اي جنّؤ ۽ ماڻھؤ) پنھنجي پالڻھار جي ڪھڙين نعمتن جو انڪار ڪندؤ.
  • 60. چڱائيءَ جو بدلو چڱائيءَ کانسواءِ ٻيو نه آھي.
  • 61. پوءِ (اي جنّؤ ۽ ماڻھؤ) پنھنجي پالڻھارجي ڪھڙين نعمتن جو انڪار ڪندؤ.
  • 62. ۽ اُنھن ٻن (باغن) کانسواءِ ٻيا ٻه باغ به آھن.
  • 63. پوءِ (اي جنّؤ ۽ ماڻھؤ) پنھنجي پالڻھار جي ڪھڙين نعمتن جو انڪار ڪندؤ.
  • 64. ٻئي ڏاڍا ساوا چھچ آھن.
  • 65. پوءِ (اي جنّؤ ۽ ماڻھؤ) پنھنجي پالڻھار جي ڪھڙين نعمتن جو انڪار ڪندؤ.
  • 66. اُنھن ٻنھي (باغن) ۾ ڦوھاري وانگر جوش سان پاڻي نڪرڻ وارا ٻه چشما ھوندا.
  • 67. پوءِ (اي جنّؤ ۽ ماڻھؤ) پنھنجي پالڻھار جي ڪھڙين نعمتن جو انڪار ڪندؤ.
  • 68. انھن ٻنھي باغن ۾ (ھر جنس جو) ميوو ۽ کجيون ۽ ڏاڙھون ھوندا.
  • 69. پوءِ (ي جنّؤ ۽ ماڻھؤ) پنھنجي پالڻھار جي ڪھڙين نعمتن جو انڪار ڪندؤ.
  • 70. انھن (باغن) ۾ سڳوريون سھڻيون زالون ھونديون.
  • 71. پوءِ (اي جنّؤ ۽ ماڻھؤ) پنھنجي پالڻار جي ڪھڙين نعمتن جو انڪار ڪندؤ.
  • 72. حُورون تنبن منجھ پردہ نشين ھونديون.
  • 73. پوءِ (اي جنّؤ ۽ ماڻھؤ) پنھنجي پالڻھار جي ڪھڙين نعمتن جو انڪار ڪندؤ.
  • 74. انھن کي انھن (بھشتين) کان اڳ نڪي ماڻھو ۽ نڪي ڪنھن جنّ ڇھيو آھي.
  • 75. پوءِ (اي جنّؤ ۽ ماڻھؤ) پنھنجي پالڻھار جي ڪھڙين نعمتن جو انڪار ڪندؤ.
  • 76. ساون وھاڻن ۽ سھڻن پٿراڻين تي ٽيڪ ڏيئي ويٺل ھوندا.
  • 77. پوءِ (اي جنّؤ ۽ ماڻھؤ) پنھنجي پالڻھار جي ڪھڙين نعمتن جو انڪار ڪندؤ.
  • 78. تنھنجي پالڻھار عزت واري جو نالو وڏي برڪت وارو آھي.
شيئر ڪريو
Facebook
X
WhatsApp
Telegram
QR Code
QR Code