At-Tahrim - قرآن - هارون يحييٰ
-
1. اي پيغمبر جنھن شيءِ کي الله تولاءِ حلال ڪيو آھي سا ڇو ٿو حرام ڪرين؟ پنھنجين زالن جو راضپو گھرين ٿو، ۽ الله بخشڻھار مھربان آھي.
-
2. بيشڪ الله اوھان لاءِ اوھان جي قسمن جو کولڻ درست ڪيو آھي، ۽ الله اوھان جو سائين آھي، ۽ اُھو ڄاڻندڙ حِڪمت وارو آھي.
-
3. ۽ (ياد ڪر) جڏھن پيغمبر پنھنجين زالن مان ڪنھن ھڪڙي کي ڪا ڳالھ ڳجھي چئي، پوءِ جڏھن اُن (ڳالھ) کي اُن (بي بيءَ) پڌرو ڪيو ۽ الله پيغمبر کي اُن (ڳجھي ڳالھ جي پڌري ڪرڻ) تي واقف ڪيو (تڏھن) پيغمبر ڪُجھ اُھا (ڳالھ بي بيءَ کي) ڄاڻائي ڪجھ چوڻ کان ٽارو ڪيائين، پوءِ جڏھن اُن (بي بيءَ) کي ڳجھيءَ ڳالھ (جي پڌري ڪرڻ) کان واقف ڪيائين (تڏھن) اُن (بي بي) چيو ته اھا توکي ڪنھن ڄاڻائي، (پيغمبر) فرمايو ته مون کي (الله) ڄاڻندڙ خبر رکندڙ خبر ڏني.
-
4. (اي پيغمبر جون زالون) جيڪڏھن اوھين ٻئي الله وٽ توبه ڪنديون ته بيشڪ اوھان جي دلين لاڙو ڪيو آھي، ۽ جيڪڏھن پيغمبر (جي ايذائڻ تي ٻئي گڏجي ڏاڍ ڪنديون ته بيشڪ الله سندس ڀرجھلو آھي ۽ جبرئيل ۽ سُڌريل مؤمن (به)، ۽ ھن کانپوءِ ملائڪ (به) مددگار آھن.
-
5. جيڪڏھن پيغمبر اوھان کي طلاق ڏيندو ته اميد آھي ته سندس پالڻھار اوھان کان چڱيون زالون فرمانبردار مؤمنياڻيون نماز پڙھڻ واريون توبه ڪرڻ واريون عبادت ڪرڻ واريون رنيلان ۽ ڪنواريون (ٻيون) ان کي عوض ۾ ڏيندو.
-
6. اي ايمان وارؤ پاڻ کي پنھنجي گھر جي ڀاتين کي انھيءَ باھ کان بچايو جنھن جو ٻارڻ ماڻھو ۽ پھڻ ھوندا جنھن (باھ) تي سخت طبع زبردست ملائڪ (مُقرر) آھن جيڪي (الله) کين فرمايو آھي تنھن ۾ الله جي نافرماني نه ڪندا آھن ۽ جيڪي کين حُڪم ڪبو آھي سو ڪندا آھن.
-
7. (ان ڏينھن چئبو ته) اي ڪافرؤ اڄ بھانو (پيش) نه ڪريو، جيڪي ڪندا ھئو رڳو تَنھنجي اوھان کي سزا ڏجي ٿي.
-
8. اي ايمان وارؤ الله وٽ توبه ڪريو سچي توبه، اوھان جي پالڻھار ۾ اميد آھي ته اوھان جون مدايون اوھان کان ميٽيندو ۽ اوھان کي (اھڙن) باغن ۾ داخل ڪندو جن جي ھيٺان واھيون وھنديون آھن جنھن ڏينھن جو الله پيغمبر کي ۽ جن ساڻس ايمان آندو آھي تن کي خوار نه ڪندو، سندن (ايماني) نُور سندن اڳيان ۽ سندن سڄن پاسن ۾ ڊوڙندو چوندا (ته) اي اسان جا پالڻھار اسان لاءِ اسان جو نُور ڀرپور ڪر ۽ اسان کي بخش، بيشڪ تون سڀڪنھن شيءَ تي وس وارو آھين.
-
9. اي پيغمبر ڪافرن ۽ منافقن سان لڙائي ڪر ۽ مٿن سختي ڪر، ۽ سندن جاءِ دوزخ آھي، ۽ اُھو ھنڌ بڇڙو آھي.
-
10. الله نُوح جي زال ۽ لُوط جي زال جو ھڪ مثال ڪافرن لاءِ بيان ڪري ٿو، (اُھي) اسان جي ٻن صالحن ٻانھن (جي نڪاح) ھيٺ ھيون پوءِ اُنھن زالن ٻنھي سان خيانت ڪئي ۽ پوءِ اُھي ٻئي (پنھنجين) زالن کان الله جو عذاب ڪجھ به ٽاري نه سگھيا (انھن کي) چئبو ته باھ ۾ گھڙندڙن سان گڏ گھڙو.
-
11. ۽ الله مؤمنن لاءِ فرعون جي زال جو ھڪ مثال بيان ڪري ٿو، جڏھن چيائين ته اي منھنجا پالڻھار پاڻ وٽ بھشت ۾ مون لاءِ ڪو گھر ٺاھ ۽ فرعون ۽ سندس ڪم کان مون کي بچاءِ ۽ ظالمن جي ٽوليءَ کان (پڻ) مون کي بچاءِ.
-
12. ۽ مَرۡيم ڌِيءُ عِمۡران جي جنھن پنھنجي اُگھڙ کي بچايو پوءِ اُن (جي رحم) ۾ پنھنجو رُوح ڦوڪيوسون ۽ پنھنجي پالڻھار جي حُڪمن ۽ سندس ڪتابن کي سچ ڄاتو ھوائين ۽ فرمانبردارن مان ھُئي.
شيئر ڪريو
1
Al-Fatihah
2
Al Baqara
3
Ali `Imran
4
An-Nisa
5
Al-Ma`idah
6
Al-An`am
7
Al-A`raf
8
Al-Anfal
9
At-Tawbah
10
Yunus
11
Hud
12
Yusuf
13
Ar-Ra`d
14
Ibrahim
15
Al-Hijr
16
An-Nahl
17
Al-Isra
18
Al-Kahf
19
Maryam
20
Taha
21
Al-Anbya
22
Al-Haj
23
Al-Mu`minun
24
An-Nur
25
Al-Furqan
26
Ash-Shu`ara
27
An-Naml
28
Al-Qasas
29
Al-`Ankabut
30
Ar-Rum
31
Luqman
32
As-Sajdah
33
Al-Ahzab
34
Saba
35
Faatir
36
Ya-Sin
37
As-Saffat
38
Sad
39
Az-Zumar
40
Ghafir
41
Fussilat
42
sh-Shuraa
43
Az-Zukhruf
44
Ad-Dukhan
45
Al-Jathiyah
46
Al-Ahqaf
47
Muhammad
48
Al-Fath
49
Al-Hujurat
50
Qaf
51
Adh-Dhariyat
52
At-Tur
53
An-Najm
54
Al-Qamar
55
Ar-Rahman
56
Al-Waqi`ah
57
Al-Hadid
58
Al-Mujadila
59
Al-Hashr
60
Al-Mumtahanah
61
As-Saf
62
Al-Jumu`ah
63
Al-Munafiqun
64
At-Taghabun
65
At-Talaq
66
At-Tahrim
67
Al-Mulk
68
Al-Qalam
69
Al-Haqqah
70
Al-Ma`arij
71
Nuh
72
Al-Jinn
73
Al-Muzzammil
74
Al-Muddaththir
75
Al-Qiyamah
76
Al-Insan
77
Al-Mursalat
78
An-Naba
79
An-Nazi`at
80
Abasa
81
At-Takwir
82
Al-Infitar
83
Al-Mutaffifin
84
Al-Inshiqaq
85
Al-Buruj
86
At-Tariq
87
Al-A`la
88
Al-Ghashiyah
89
Al-Fajr
90
Al-Balad
91
Ash-Shams
92
Al-Layl
93
Ad-Duhaa
94
Ash-Sharh
95
At-Tin
96
Al-`Alaq
97
Al-Qadr
98
Al-Bayyinah
99
Az-Zalzalah
100
Al-`Adiyat
101
Al-Qari`ah
102
At-Takathur
103
Al-`Asr
104
Al-Humazah
105
Al-Fil
106
Quraysh
107
Al-Ma`un
108
Al-Kawthar
109
Al-Kafirun
110
An-Nasr
111
Al-Masad
112
Al-Ikhlas
113
Al-Falaq
114
An-Nas