logo HARUN YAHYA

At-Takathur - قرآن - هارون يحييٰ

  • 1. (اي ماڻھو) پاڻ ۾ گھڻائي (تي مرڪڻ) اوھان کي ويسلو ڪيو.
  • 2. تان جو قبرن کي ڏٺوَ.
  • 3. ائين نه آھي سگھوئي ڄاڻندؤ.
  • 4. وري (چئون ٿا ته) سگھوئي ڄاڻندؤ.
  • 5. نه نه! جيڪڏھن پڪي ويساھ سان ڄاڻو ھا (ته ويسلو نه ويھو ھا).
  • 6. قسم آھي ته ضرور دوزخ کي ڏسندؤ.
  • 7. وري به ان کي يقين واريءَ اک سان ضرور ڏسندؤ.
  • 8. وري اُن ڏينھن نعمتن بابت اوھان کان ضرور پڇبو.
شيئر ڪريو
Facebook
X
WhatsApp
Telegram
QR Code
QR Code