At-Talaq - قرآن - هارون يحييٰ
-
1. اي پيغمبر (پنھنجي اُمت کي چؤ ته اوھين) جڏھن زالن کي طلاق ڏيڻ جو ارادو ڪريو تڏھن کين عِدت (جي شروع) ۾ طلاق ڏيو ۽ عِدَّت ڳڻيو، ۽ پنھنجي پالڻھار الله کان ڊڄو، کين سندن گھرن مان (عِدّت جي مُدّت ۾) پڌري بي حيائي جي ڪرڻ کانسواءِ نه ڪڍو ۽ (جڳائي ته) اُھي (پاڻ به) نه نڪرن، اھي الله جون (مُقرّر ڪيل) حدون آھن، ۽ جيڪو الله جون حدون (لتاڙي) لنگھندو تنھن بيشڪ پنھنجي جيءُ تي ظلم ڪيو، ڪوبه نه ڄاڻندو آھي ته اُن (طلاق ڏيڻ) کانپوءِ (متان) الله ڪو ٻيو رستو پيدا ڪري.
-
2. پوءِ جڏھن (طلاق واريون) پنھنجي مُدّت کي پھچن تڏھن چڱي طرح سان کين رکو يا چڱي طرح سان کين ڇڏي ڏيو ۽ پاڻ مان ٻه معتبر شاھد ڪريو ۽ الله لڳ شاھدي پوري ڏيو، انھيءَ (حُڪم) سان انھيءَ کي نصيحت ڏجي ٿي جيڪو الله ۽ قيامت جي ڏينھن کي مڃيندو ھجي ۽ جيڪو الله کان ڊڄندو تنھن جي نڪرڻ جي (الله) ڪا واھ ڪندو.
-
3. ۽ کيس اُتاھون روزي ڏيندو جتان گمان ئي نه ھوندس، ۽ جيڪو الله تي ڀروسو ڪندو تنھن کي الله ڪافي آھي، بيشڪ الله پنھنجي ڪم کي پورو ڪندڙ آھي، بيشڪ الله سڀڪنھن شيءِ جو اندازو ڪيو آھي.
-
4. ۽ اوھان جي (طلاق ڏنل) زالن مان جيڪي حيض کان نااُميد ٿيون ھجن (تن جي عِدّت بابت) جيڪڏھن شڪ ۾ پيا آھيو ته انھن جي عِدّت ٽي مھينا آھي ۽ جيڪي اڃا حيض واريون نه ٿيون آھن (تن جي به)، ۽ پيٽ وارين زالن جي عِدّت اِھا آھي جو ٻار ڄڻين، ۽ جيڪو الله کان ڊڄندو تنھن لاءِ الله سندس ڪم ۾ آساني ڪندو.
-
5. اھو الله جو حُڪم آھي جو اوھان ڏانھن ڏانھن نازل ڪيائين، ۽ جيڪو الله کان ڊڄندو تنھن جون مدايون الله کانئن ميٽيندو ۽ ان کي اجر وڌيڪ ڏيندو.
-
6. جتي پنھنجي وس آھر (اوھين) ٽڪندا آھيو تتي انھن کي (عدت جا ڏينھن) ٽڪايو ۽ کين ھن لاءِ نه ايذايو ته انھن کي تنگ ڪريو، ۽ جيڪڏھن پيٽ سان ھجن ته جيسين پنھنجو ٻار ڄڻين (تيسين) کين خرچ ڏيو، پوءِ جيڪڏھن اوھان جي حُڪم موجب (اُھي ٻار کي) کير پيارين ته کين سندن مزوري ڏيو، ۽ ھلي چليءَ موجب پاڻ ۾ صلاح ڪريو، ۽ جيڪڏھن پاڻ ۾ سختي ڪريو ته اُن کي ٻي (ڪا) کير پياري.
-
7. جڳائي ته وس وارو پنھنجي وس آھي خرچ ڪري، ۽ جنھن تي روزي تنگ ڪئي ويئي آھي تنھن کي جڳائي ته جيڪي الله کيس ڏنو آھي تنھن مان خرچ ڪري، ڪنھن کي الله تڪليف نه ڏيندو آھي پر (اوتري قدر) جيتري قدر کيس الله ڏنو آھي، سگھوئي الله ڏکيائيءَ کانپوءِ سکيائي ظاھر ڪندو.
-
8. ۽ (اھڙا) گھڻائي ڳوٺ (ھوا) جن پنھنجي پالڻھار جي حُڪم ۽ سندس پيغمبرن (جي حڪم) کان نافرماني ڪئي پوءِ سخت عذاب سان انھن کي پڪڙيوسون ۽ سخت عذاب سان کين عذاب ڪيوسون.
-
9. پوءِ انھن (ڳوٺ وارن) پنھنجي ڪم جي سزا چکي ۽ انھن جي ڪم جي پڇاڙي خراب ٿي.
-
10. انھن لاءِ الله سخت عذاب تيار ڪيو آھي تنھنڪري اي عقل وارا مؤمنؤ الله کان ڊڄو، بيشڪ الله اوھان ڏانھن ھڪ نصيحت موڪلي آھي.
-
11. جو رسول آھي جو اوھان تي الله جون پڌريون آيتون (ھن لاءِ) پڙھندو آھي ته جن ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪيا تن کي اونداھين کان سوجھري ڏانھن ڪڍي، ۽ جيڪو الله تي ايمان آڻيندو ۽ چڱا ڪم ڪندو تنھن کي اھڙن باغن ۾ داخل ڪندو جن جي ھيٺان واھيون وھنديون آھن اُتي ھميشه رھندا، بيشڪ اُن جي روزي چڱي طرح ٺاھي آھي.
-
12. الله اُھو آھي جنھن ستن آسمانن کي بڻايو ۽ اوتريون زمينون به، اُنھن جي وچ ۾ اُن جو حُڪم نازل ٿيندو آھي ته ڄاڻو ته الله سڀڪنھن شيءَ تي وس وارو آھي ۽ ته الله عِلم سان سڀڪنھن شيءِ کي وڪوڙيو آھي.
شيئر ڪريو
1
Al-Fatihah
2
Al Baqara
3
Ali `Imran
4
An-Nisa
5
Al-Ma`idah
6
Al-An`am
7
Al-A`raf
8
Al-Anfal
9
At-Tawbah
10
Yunus
11
Hud
12
Yusuf
13
Ar-Ra`d
14
Ibrahim
15
Al-Hijr
16
An-Nahl
17
Al-Isra
18
Al-Kahf
19
Maryam
20
Taha
21
Al-Anbya
22
Al-Haj
23
Al-Mu`minun
24
An-Nur
25
Al-Furqan
26
Ash-Shu`ara
27
An-Naml
28
Al-Qasas
29
Al-`Ankabut
30
Ar-Rum
31
Luqman
32
As-Sajdah
33
Al-Ahzab
34
Saba
35
Faatir
36
Ya-Sin
37
As-Saffat
38
Sad
39
Az-Zumar
40
Ghafir
41
Fussilat
42
sh-Shuraa
43
Az-Zukhruf
44
Ad-Dukhan
45
Al-Jathiyah
46
Al-Ahqaf
47
Muhammad
48
Al-Fath
49
Al-Hujurat
50
Qaf
51
Adh-Dhariyat
52
At-Tur
53
An-Najm
54
Al-Qamar
55
Ar-Rahman
56
Al-Waqi`ah
57
Al-Hadid
58
Al-Mujadila
59
Al-Hashr
60
Al-Mumtahanah
61
As-Saf
62
Al-Jumu`ah
63
Al-Munafiqun
64
At-Taghabun
65
At-Talaq
66
At-Tahrim
67
Al-Mulk
68
Al-Qalam
69
Al-Haqqah
70
Al-Ma`arij
71
Nuh
72
Al-Jinn
73
Al-Muzzammil
74
Al-Muddaththir
75
Al-Qiyamah
76
Al-Insan
77
Al-Mursalat
78
An-Naba
79
An-Nazi`at
80
Abasa
81
At-Takwir
82
Al-Infitar
83
Al-Mutaffifin
84
Al-Inshiqaq
85
Al-Buruj
86
At-Tariq
87
Al-A`la
88
Al-Ghashiyah
89
Al-Fajr
90
Al-Balad
91
Ash-Shams
92
Al-Layl
93
Ad-Duhaa
94
Ash-Sharh
95
At-Tin
96
Al-`Alaq
97
Al-Qadr
98
Al-Bayyinah
99
Az-Zalzalah
100
Al-`Adiyat
101
Al-Qari`ah
102
At-Takathur
103
Al-`Asr
104
Al-Humazah
105
Al-Fil
106
Quraysh
107
Al-Ma`un
108
Al-Kawthar
109
Al-Kafirun
110
An-Nasr
111
Al-Masad
112
Al-Ikhlas
113
Al-Falaq
114
An-Nas