logo HARUN YAHYA

An-Najm - قرآن - هارون يحييٰ

  • 1. ستاري جو قسم آھي جڏھن لھي.
  • 2. ته اوھان جو (ھي) سنگتي (محمّد) نڪي ڀُلو ۽ نڪي بي راھو ھليو.
  • 3. ۽ نڪي (نفس جي) سَڌ کان ڳالھائيندو آھي.
  • 4. ھيُ قرآن رڳو وحي آھي جو موڪليو ويندو آھي.
  • 5. اُن کي ڏاڍي سگھ واري سيکاريو آھي.
  • 6. جو زور وارو آھي، پوءِ اُھو سِڌو بيٺو.
  • 7. ۽ اُھو (آسمان جي) مٿاھين ڪناري تي ھو.
  • 8. وري ويجھو ٿيو پوءِ ھيٺ لٿو.
  • 9. پوءِ ٻن ڪمانن جيتري وِٿي ھئي يا (اُن کان به) تمام ويجھو ھو.
  • 10. پوءِ الله جي ٻانھي ڏانھن پيغام پھچايائين جيڪي پھچايائين.
  • 11. جيڪي (پيغمبر جي) دل ڏٺو سو اُن ڪوڙ نه ڄاتو.
  • 12. جيڪي (پيغمبر) ڏسندو آھي تنھن ۾ اُن سان جھڳڙو ڇو ڪندا آھيو؟
  • 13. ۽ بيشڪ اُنھيءَ (ملائڪ) کي (انھيءَ مھل) ٻيو ڀيرو (سندس اصلي صورت ۾) ڏٺو ھوائين.
  • 14. سِدۡرَةُ الۡمُنۡتَھىٰ وٽ.
  • 15. اُن وٽ رھڻ جو بھشت آھي.
  • 16. جنھن مھل سِدرة کي انھيءَ ٿي ڍڪيو جنھن ڍڪيو ٿي.
  • 17. (پيغمبر جي اک) نڪي لڙي ۽ نڪي حد کان لنگھي.
  • 18. بيشڪ ڪي وڏيون نشانيون پنھنجي پالڻھار جون ڏٺائين.
  • 19. لات ۽ عُزّىٰ کي ڏٺو اَٿوَ ڇا؟
  • 20. ۽ پوئين ٽين منات کي به؟
  • 21. ڇا اوھان لاءِ پٽ آھن ۽ الله لاءِ ڌيئرون.
  • 22. اِھو ورھاڱو اُنھيءَ مھل بي انصافيءَ وارو آھي.
  • 23. اھي (سڀ) رڳا نالا آھن جي اوھان پاڻ ۽ اوھان جي پِين ڏاڏن مُقرّر ڪيا آھن الله اُن (جي ثابتيءَ) جو ڪو دليل نازل نه ڪيو آھي، (ھيُ) رڳو گمان تي ھلندا آھن ۽ جيڪي (سندن) جيءَ سَڌ ڪندا آھن (تنھن تي به)، ۽ بيشڪ سندن پالڻھار کان وٽن ھدايت آئي آھي.
  • 24. ماڻھو جيڪا سڌ ڪندو آھي سا کيس ملندي ڇا؟
  • 25. پوءِ ھو جَڳ ۽ ھيُ جَڳ الله جو آھي.
  • 26. ۽ آسمانن ۾ ڪيترائي ملائڪ آھن جن جي پارت ذري جيترو به نفعو نه ڪندي پر الله جي موڪل ڏيڻ کانپوءِ جنھن لاءِ گھري ۽ راضي ٿئي.
  • 27. بيشڪ جيڪي آخرت کي نه مڃيندا آھن سي ملائڪن تي ڌيئرن جا نالا رکندا آھن.
  • 28. ۽ کين ان (ڳالھ) جي ڪا خبر نه آھي، رُڳو گمان تي ھلندا آھن، ۽ بيشڪ گمان حقيقت جي سڃاڻڻ ۾ ڪجھ به نفعو نه ڏيندو آھي.
  • 29. پوءِ (اي پيغمبر) انھيءَ کان منھن موڙ جنھن اسان جي ياد ڪرڻ کان مُنھن ڦيرايو ۽ دنيا جي حياتيءَ کانسواءِ (ٻيو) ڪي نه گھريائين.
  • 30. اھا سندن علم جي پڄاڻي آھي، بيشڪ تنھنجو پالڻھار اُنھيءَ کي چڱيءَ طرح ڄاڻندڙ آھي جيڪو سندس واٽ کان ڀُلو ۽ جيڪو سڌي رستي ھليو تنھنکي (به) اُھو چڱي طرح ڄاڻندڙ آھي.
  • 31. ۽ جيڪي آسمانن ۾ آھي ۽ جيڪي زمين ۾ آھي سو الله جو آھي ته جن بڇڙا ڪم ڪيا تن کي انھن ڪمن جي ڪري نيٺ سزا ڏئي ۽ جن چڱايون ڪيون تن کي ڀلائيءَ جو بدلو ڏئي.
  • 32. جيڪي ننڍن گناھن کانسواءِ وڏن گناھن ۽ بي حيائيءَ کان پاڻ کي بچائيندا آھن، بيشڪ تنھنجو پالڻھار (اُنھن لاءِ) وڏي بخشش وارو آھي، اُھو اوھان کي وڌيڪ ڄاڻندڙ آھي جڏھن اوھان کي زمين مان پيدا ڪيائين ۽ جڏھن اوھين پنھنجي مائن جي پيٽن ۾ ٻار ھئؤ، تنھنڪري اوھين پاڻ کي نه ساراھيو، الله انھيءَ کي چڱي طرح ڄاڻندڙ آھي جيڪو پرھيزگار ٿيو.
  • 33. (اي پيغمبر) ڇا پوءِ ڏٺو اٿئي انھي کي جيڪو ڦريو.
  • 34. ۽ ٿورو (مال) ڏنائين ۽ سخت دل ٿيو.
  • 35. وٽس ڳجھ جي خبر آھي ڇا جو ڄڻڪ اُھو (سڀ ڪجھ) اکين سان ڏسندو آھي.
  • 36. اُنھيءَ جي خبر کيس نه ڏني وئي ڇا جيڪي موسىٰ جي صحيفن ۾ (لکيل) آھي.
  • 37. ۽ (جيڪي) ابراھيم (جي صحيفن ۾ آھي) جنھن (الله جي حَقن کي) پورو ڪيو.
  • 38. (ھيُ حُڪم) ته ڪو بار کڻندڙ ڪنھن ٻئي (جي گناھ) جو بار نه کڻندو.
  • 39. ۽ ته ماڻھوءَ کي رڳو اُھائي (ڪمائي) ملندي جيڪا ڪيائين.
  • 40. ۽ ته سندس ڪمائي جلد ڏٺي ويندي.
  • 41. وري کيس تمام پورو بدلو (انھي ڪمائي موجب) ڏنو ويندو.
  • 42. ۽ ته تنھنجي پالڻھار ڏانھن موٽڻ آھي.
  • 43. ۽ ته اُن کلايو ۽ رئاريو.
  • 44. ۽ ته اُن ماريو ۽ جياريو.
  • 45. ۽ ته اُن (الله) نر ۽ مادي جوڙو جوڙو بڻايو.
  • 46. منيءَ جي ھڪ ڦڙي مان جڏھن (ڳڀيرڻ ۾) ھاريو وڃي.
  • 47. ۽ ته اُن تي اُھو ٻيو (ڀيرو) پيدا ڪرڻ لازم آھي.
  • 48. ۽ ته اُن آسودو ڪيو ۽ موڙي ڏنائين.
  • 49. ۽ ته اُھو ئي شِعۡرىٰ تاري جو پالڻھار آھي.
  • 50. ۽ ته اُن پھرين عاد کي ناس ڪيو.
  • 51. ۽ ثمود کي (به) پوءِ انھن مان (ڪنھين کي) باقي نه ڇڏيائين.
  • 52. ۽ اُن کان اڳ نُوح جي قوم کي به ھلاڪ ڪيائين، ڇوته اُھي ڏاڍا ظالم ۽ تمام حد کان لنگھيل ھوا.
  • 53. ۽ (شھر) اونڌي ڪيل کي ھيٺ اُڇليائين.
  • 54. پوءِ اُن کي ڍڪيو جنھن ڍڪيو.
  • 55. پوءِ اي ماڻھو پنھنجي پالڻھار جي نعمتن مان ڪھڙيءَ ۾ شڪ ٿو ڪرين.
  • 56. ھي (پيغمبر) اڳين ڊيڄاريندڙن (جي جنس) مان (ھڪ) ڊيڄاريندڙ آھي.
  • 57. ويجھي اچڻ واري (قيامت) ويجھي آھي.
  • 58. اُن کي الله کانسواءِ ڪو ظاھر ڪرڻ وارو ڪونھي.
  • 59. ھن ڳالھ کان تعجب ڪندا آھيو ڇا؟
  • 60. ۽ کلندا آھيو ۽ نه رئندا آھيو.
  • 61. ۽ اوھين راند ڪندڙ آھيو.
  • 62. پوءِ الله کي سجدو ڪريو ۽ عبادت ڪريو.
شيئر ڪريو
Facebook
X
WhatsApp
Telegram
QR Code
QR Code