7. Al-A`raf - قُرآن
- 1. الٓمّٓصٓ.
- 2. (اي پيغمبر ھيء) ڪتاب توڏانھن لاٿو ويو ته ساڻس (ماڻھن) کي ڊيڄارين تنھنڪري ان بابت تنھنجي سيني ۾ ڪا اوکائي ٿيڻ نه گھرجي ۽ مؤمنن لاءِ نصيحت آھي.
- 3. جيڪي اوھان ڏانھن اوھان جي پالڻھار کان لاٿو ويو تنھن جي پيروي ڪريو ۽ اُن (الله) کانسواءِ ٻـين دوستن جي پيروي نه ڪريو، اوھان (تمام) ٿوري نصيحت وٺندا آھيو.
- 4. ۽ گھڻا ئي ڳوٺ ھئا جي ويران ڪياسون پوءِ (يا) راتوواہ (سمھڻ مھل) اُنھن کي اسان جو عذاب پُھتو يا اُھي منجھند جو ننڊ ڪرڻ وارا ھوا.
- 5. پوءِ جڏھن کين اسان جو عذاب پھتو (تڏھن) سندن پڪار ھن چوڻ کانسواءِ نه ھئي ته اسين پاڻ تي ظلم ڪندا ھواسون.
- 6. پوءِ جن ڏانھن پيغمبر موڪليا ويا تن کان (به) ضرور پُڇنداسون ۽ پيغمبرن کان (به) ضرور پُڇنداسون.
- 7. پوءِ (سندن ڪرتوت) مٿن علم سان بيان ڪنداسون ۽ اسين پري نه ھواسون.
- 8. ۽ اُن ڏينھن (عملن جي) تور سچ آھي، پوءِ جن جا تراڙا ڳرا ٿيا سي ئي ڇُٽل آھن.