85. Al-Buruj - قُرآن
- 1. بُرجن واري آسمان جو قسم آھي.
- 2. ۽ وعدي ڪيل ڏينھن جو قسم آھي.
- 3. ۽ حاضر ٿيڻ واري ۽ جنھن وٽ حاضر ڪيو وڃي تنھن جو قسم آھي.
- 4. ته کاھين وارا ماريا وڃن.
- 5. جا باھ گھڻي ٻَل واري ھئي.
- 6. جڏھن اُھي اُنھن باھ جي (کاھين) تي ويٺل ھوا.
- 7. ۽ جيڪي اُنھن مسلمانن سان (ظلم) ٿي ڪيو تنھن کي روبرو ڏسڻ وارا ھوا.
- 8. ۽ انھن ھن کانسواءِ (ٻيءَ) ڪنھن ڳالھ جو وير نه ٿي ورتو ته انھن اُنھيءَ غالب ساراھيل الله تي ايمان آندو ھو.
- 9. جنھن کي آسمانن ۽ زمين جي بادشاھي آھي، ۽ الله سڀ شيءَ جي خبر رکندڙ آھي.
- 10. بيشڪ جن (ماڻھن) مؤمنن ۽ مؤمنياڻين کي ايذايو وري توبه نه ڪيائون تن لاءِ دوزخ جو عذاب آھي ۽ اُنھن لاءِ سڙڻ جو عذاب (به) آھي.
- 11. بيشڪ جن ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪيا تن لاءِ اھڙا باغ آھن جن جي ھيٺان واھيون پيون وھن، اھا وڏي مراد ماڻڻ آھي.
- 12. بيشڪ تنھنجي پالڻھار جي پڪڙ بلڪل سخت آھي.
- 13. بيشڪ اُھو پھريون دفعو بڻائي ٿو ۽ وري ٻيھر موٽائيندو.
- 14. ۽ اُھو بخشڻھار پيار رکندڙ آھي.
- 15. (جو) عرش جو مالڪ تمام وڏي شان وارو آھي.
- 16. جيڪي گھري سو ڪرڻ وارو ئي آھي.
- 17. تو وٽ لشڪرن جي خبر (نه) آئي آھي ڇا؟
- 18. (يعني) فرعون ۽ ثمود جي.
- 19. بلڪ ڪافر ڪوڙ ڀانئڻ ۾ (لڳا پيا) آھن.
- 20. ۽ الله سندن چؤڦير گھيرو ڪندڙ آھي.
- 21. بلڪ ھي سڳورو قرآن آھي.
- 22. حفاظت ڪيل تختي ۾ لکيل آھي.