logo HARUN YAHYA

Al-Qari`ah - قرآن - هارون يحييٰ

  • 1. سخت ٺوڪيندڙ.
  • 2. (اُھا) سخت ٺوڪيندڙ ڇا آھي؟
  • 3. ۽ ڪنھن سمجھايئي ته (اُھا) سخت ٺوڪيندڙ ڇا آھي؟
  • 4. جنھن ڏينھن ماڻھو پکيڙيلن پتنگن جان ھوندا.
  • 5. ۽ جبل تنبيل رڱيل اُن جان ھوندا.
  • 6. پوءِ جنھن (جي عملن) جا ترارا ڳرا ٿيا.
  • 7. سو دلپسند گذران ۾ ھوندو.
  • 8. ۽ جنھن (جي عملن) جا ترارا ھلڪا ٿيا.
  • 9. تنھن (جي رھڻ) جي جاءِ ھاوِيَه آھي.
  • 10. ۽ ڪنھن سمجھايئي ته ھاويه ڇا آھي؟
  • 11. ھڪ ٻرندڙ باھ آھي.
شيئر ڪريو
Facebook
X
WhatsApp
Telegram
QR Code
QR Code