Adh-Dhariyat - قرآن - هارون يحييٰ
-
1. قسم آھي اُڏائڻ وارن (وائن) جو (خاڪ کي) اُڏائڻ.
-
2. پوءِ (پاڻي جي) بار کڻڻ وارن (ڪڪرن) جو قسم آھي.
-
3. پوءِ آسانيءَ سان ھلندڙين (ٻيڙين) جو قسم آھي.
-
4. پوءِ ڪم وراھڻ وارن (ملائڪن) جو قسم آھي.
-
5. ته بيشڪ جيڪو اوھان سان انجام ڪجي ٿو سو سچ آھي.
-
6. ۽ بيشڪ (عملن جو) بدلو ضرور ٿيڻو آھي.
-
7. واٽن واري آسمان جو قسم آھي.
-
8. ته (اوھين) پاڻ ۾ تڪرار واريء ھڪ ڳالھ ۾ (پيل) آھيو.
-
9. قرآن کان اُھو ڦيرايو ويندو آھي جيڪو (ازل) ۾ ڦيرايل آھي.
-
10. اُنھن ڪوڙ ھڻندڙن کي لعنت ڪئي ويئي.
-
11. جيڪي اَڻ ڄاڻائي ۾ وسارڻ وارا آھن.
-
12. پُڇندا آھن ته قيامت جو ڏينھن ڪڏھن ٿيندو؟
-
13. (ھائو) اُنھي ڏينھن جو اُنھن کي باھ ۾ عذاب ڪبو.
-
14. (چئبو ته ھيُ) پنھنجو عذاب چکو، ھيُ اُھو آھي جنھن کي اوھين جلد گھرندا ھئو.
-
15. بيشڪ پرھيزگار باغن ۽ چشمن ۾ ھوندا.
-
16. جيڪي سندن پالڻھار کين ڏنو سو وٺڻ وارا ھوندا، بيشڪ اُھي ھن کان اڳ چڱائي ڪندڙ ھوا.
-
17. رات جو ٿورو سمھندا ھوا.
-
18. ۽ اُھي اَسرن جو بخشش گھرندا ھوا.
-
19. ۽ سندن مالن ۾ سوال ڪندڙ ۽ نه سوال ڪندڙ مُحتاج جو حصّو ھو.
-
20. ۽ يقين ڪندڙن لاءِ زمين ۾ نشانيون آھن.
-
21. ۽ اوھان جي جندن ۾ به، پوءِ نٿا ڏسو ڇا؟
-
22. ۽ اوھان جي روزي آسمان ۾ آھي ۽ اُھو (به) جنھنجو اوھان کي انجام ڏجي ٿو.
-
23. پوءِ آسمان ۽ زمين جي پالڻھار جو قسم آھي ته اھا خبر سچي آھي جھڙي طرح اوھين ڳالھائيندا آھيو.
-
24. اِبراھيم جي سڳورن مھمانن جي خبر تو وٽ (نه) آئي آھي ڇا؟
-
25. جڏھن اُھي وٽس آيا تڏھن سلام چيائين، ھن (به) سلام چيو، (دل ۾ ڄاتائين ته ھي) اوپرا ماڻھو آھن.
-
26. پوءِ پنھنجي گھر وارن ڏانھن تکو ھليو ۽ ٿلھو گابو (پچائي) آندائين.
-
27. پوءِ اھو انھن کي ويجھو ڪيائين چيائين ته ڇونه ٿا کائو؟
-
28. پوءِ کائن دل ۾ ڊپ رکيائين، چيائون ته نه ڊڄ، ۽ اُن کي ھڪ داناءَ نينگر جي مبارڪ ڏنائون.
-
29. پوءِ سنديس زال دانھن ڪندي سامھون آئي پوءِ پنھنجو منھن ڪٽيائين ۽ چيائين ته ٻڍڙي سنڍ (ڄڻيندي ڇا؟).
-
30. چيائون ته ائين ئي تنھنجي پالڻھار فرمايو آھي، ڇوته اُھو حِڪمت وارو ڄاڻندڙ آھي.
-
31. (ابراھيم) چيو ته اي قاصدؤ اوھان جو ڪھڙو غرض آھي.
-
32. چيائون ته بيشڪ اسين ھڪڙي ڏوھاري قوم ڏانھن موڪليا ويا آھيون.
-
33. ته مٿن پڪي مٽيءَ جون گليليون وسايون.
-
34. جي حد کان لنگھندڙن لاءِ تنھنجي پالڻھار وٽ نشان ڪيل آھن.
-
35. پوءِ مؤمنن مان اتي جيڪو ھو تنھن کي ٻاھر ڪڍيوسون.
-
36. پوءِ اُتي مسلمانن جي ھڪ گھر کانسواءِ (ٻيو ڪو گھر) نه ڏٺوسون.
-
37. ۽ جيڪي ڏکوئيندڙ عذاب کان ڊڄندا آھن تن لاءِ اُتي (عبرت لاءِ) نشاني ڇڏي سون.
-
38. ۽ مُوسىٰ (جي قصّي) ۾ (به عِبرت آھي) جڏھن کيس پڌري دليل سان فرعون ڏانھن موڪليوسون.
-
39. پوءِ ھن پنھنجي لشڪر سميت منھن موڙيو چيائين ته (ھي) جادوگر يا چريو آھي.
-
40. تنھنڪري اُن کي ۽ سندس لشڪر کي پڪڙيوسون پوءِ اُن کي ملامت وارو ڪري سمنڊ ۾ اُڇليوسون.
-
41. ۽ عاد جي (قصي) ۾ (به عبرت آھي) جڏھن اھڙو بي برڪتو واءُ موڪليوسون.
-
42. جو جنھن شيء تي اچي پھچي تنھن کي ڳريل ھڏي وانگر ڪرڻ کانسواءِ نه ڇڏي.
-
43. ۽ ثمود (جي قصّي) ۾ (به عبرت آھي) جڏھن کين چيو ويو ته ھڪ مُدت تائين مزا ماڻيو.
-
44. پوءِ پنھنجي پالڻھار جي حُڪم (مڃڻ) کان ھٺ ڪيائون تنھنڪري سندن ڏسندي کين (ھڪ) سخت ڪڙڪي ورتو.
-
45. پوءِ نڪي اُٿي سگھيا ۽ نڪي وير وٺڻ وارا ھوا.
-
46. ۽ (ھن کان) اڳ نوح جي قوم (کي ھلاڪ ڪيوسون) بيشڪ اُھي بدڪار ماڻھو ھوا.
-
47. ۽ آسمان کي (پنھنجيءَ) قوت سان بڻايوسون ۽ بيشڪ اسين سگھارا آھيون.
-
48. ۽ زمين کي پکيڙيوسون جو چڱا پکيڙيندڙ آھيون.
-
49. ۽ سڀڪنھن شيءَ مان جوڙو جوڙو بڻايوسون ته مانَ اوھين نصيحت وٺو.
-
50. پوءِ الله ڏانھن ڀڄو، بيشڪ آءٌ سندس طرف کان اوھان لاءِ پڌرو ڊيڄاريندڙ آھيان.
-
51. ۽ الله سان (ٻيو) ڪو معبُود نه ٺھرايو، بيشڪ آءٌ سندس پار کان اوھان لاءِ پڌرو ڊيڄاريندڙ آھيان.
-
52. اھڙي طرح جيڪي انھن کان اڳ ھوا تن وٽ ڪوبه پيغمبر نه آيو پر چيائون ته جادوگر يا چريو آھي.
-
53. ان (چوڻ) جي ھڪ ٻئي کي وصيت ڪندا آيا آھن ڇا؟ (نه!) بلڪ اُھي نافرمان قوم آھن.
-
54. تنھنڪري (اي پيغمبر) کائن منھن موڙ ھاڻي تون ميار وارو نه آھين.
-
55. ۽ سمجھاڻي ڏيندو رھ ڇوته سمجھائڻ مؤمنن کي نفعو ڏيندو آھي.
-
56. ۽ جِنّن ۽ ماڻھن کي رڳو پنھنجي عبادت لاءِ پيدا ڪيوسون.
-
57. نڪي کائن ڪا روزي ٿو گھران ۽ نڪي گھران ٿو ته مون کي کارائين.
-
58. بيشڪ الله ئي روزي ڏيندڙ آھي جو تمام سگھارو زبردست آھي.
-
59. پوءِ بيشڪ جن ظلم ڪيو تن لاءِ سندن يارن جي سزا جھڙو عذاب (جو ڀاڱو) آھي پوءِ مون کان جلد (عذاب) نه گُھرن.
-
60. پوءِ ڪافرن لاءِ اُن سندن ڏينھن کان خرابي آھي جنھن جو کين وعدو ڏنو وڃي ٿو.
شيئر ڪريو
1
Al-Fatihah
2
Al Baqara
3
Ali `Imran
4
An-Nisa
5
Al-Ma`idah
6
Al-An`am
7
Al-A`raf
8
Al-Anfal
9
At-Tawbah
10
Yunus
11
Hud
12
Yusuf
13
Ar-Ra`d
14
Ibrahim
15
Al-Hijr
16
An-Nahl
17
Al-Isra
18
Al-Kahf
19
Maryam
20
Taha
21
Al-Anbya
22
Al-Haj
23
Al-Mu`minun
24
An-Nur
25
Al-Furqan
26
Ash-Shu`ara
27
An-Naml
28
Al-Qasas
29
Al-`Ankabut
30
Ar-Rum
31
Luqman
32
As-Sajdah
33
Al-Ahzab
34
Saba
35
Faatir
36
Ya-Sin
37
As-Saffat
38
Sad
39
Az-Zumar
40
Ghafir
41
Fussilat
42
sh-Shuraa
43
Az-Zukhruf
44
Ad-Dukhan
45
Al-Jathiyah
46
Al-Ahqaf
47
Muhammad
48
Al-Fath
49
Al-Hujurat
50
Qaf
51
Adh-Dhariyat
52
At-Tur
53
An-Najm
54
Al-Qamar
55
Ar-Rahman
56
Al-Waqi`ah
57
Al-Hadid
58
Al-Mujadila
59
Al-Hashr
60
Al-Mumtahanah
61
As-Saf
62
Al-Jumu`ah
63
Al-Munafiqun
64
At-Taghabun
65
At-Talaq
66
At-Tahrim
67
Al-Mulk
68
Al-Qalam
69
Al-Haqqah
70
Al-Ma`arij
71
Nuh
72
Al-Jinn
73
Al-Muzzammil
74
Al-Muddaththir
75
Al-Qiyamah
76
Al-Insan
77
Al-Mursalat
78
An-Naba
79
An-Nazi`at
80
Abasa
81
At-Takwir
82
Al-Infitar
83
Al-Mutaffifin
84
Al-Inshiqaq
85
Al-Buruj
86
At-Tariq
87
Al-A`la
88
Al-Ghashiyah
89
Al-Fajr
90
Al-Balad
91
Ash-Shams
92
Al-Layl
93
Ad-Duhaa
94
Ash-Sharh
95
At-Tin
96
Al-`Alaq
97
Al-Qadr
98
Al-Bayyinah
99
Az-Zalzalah
100
Al-`Adiyat
101
Al-Qari`ah
102
At-Takathur
103
Al-`Asr
104
Al-Humazah
105
Al-Fil
106
Quraysh
107
Al-Ma`un
108
Al-Kawthar
109
Al-Kafirun
110
An-Nasr
111
Al-Masad
112
Al-Ikhlas
113
Al-Falaq
114
An-Nas