51. Adh-Dhariyat - قُرآن
- 1. قسم آھي اُڏائڻ وارن (وائن) جو (خاڪ کي) اُڏائڻ.
- 2. پوءِ (پاڻي جي) بار کڻڻ وارن (ڪڪرن) جو قسم آھي.
- 3. پوءِ آسانيءَ سان ھلندڙين (ٻيڙين) جو قسم آھي.
- 4. پوءِ ڪم وراھڻ وارن (ملائڪن) جو قسم آھي.
- 5. ته بيشڪ جيڪو اوھان سان انجام ڪجي ٿو سو سچ آھي.
- 6. ۽ بيشڪ (عملن جو) بدلو ضرور ٿيڻو آھي.
- 7. واٽن واري آسمان جو قسم آھي.
- 8. ته (اوھين) پاڻ ۾ تڪرار واريء ھڪ ڳالھ ۾ (پيل) آھيو.
- 9. قرآن کان اُھو ڦيرايو ويندو آھي جيڪو (ازل) ۾ ڦيرايل آھي.
- 10. اُنھن ڪوڙ ھڻندڙن کي لعنت ڪئي ويئي.
- 11. جيڪي اَڻ ڄاڻائي ۾ وسارڻ وارا آھن.
- 12. پُڇندا آھن ته قيامت جو ڏينھن ڪڏھن ٿيندو؟
- 13. (ھائو) اُنھي ڏينھن جو اُنھن کي باھ ۾ عذاب ڪبو.
- 14. (چئبو ته ھيُ) پنھنجو عذاب چکو، ھيُ اُھو آھي جنھن کي اوھين جلد گھرندا ھئو.
- 15. بيشڪ پرھيزگار باغن ۽ چشمن ۾ ھوندا.
- 16. جيڪي سندن پالڻھار کين ڏنو سو وٺڻ وارا ھوندا، بيشڪ اُھي ھن کان اڳ چڱائي ڪندڙ ھوا.
- 17. رات جو ٿورو سمھندا ھوا.
- 18. ۽ اُھي اَسرن جو بخشش گھرندا ھوا.
- 19. ۽ سندن مالن ۾ سوال ڪندڙ ۽ نه سوال ڪندڙ مُحتاج جو حصّو ھو.
- 20. ۽ يقين ڪندڙن لاءِ زمين ۾ نشانيون آھن.
- 21. ۽ اوھان جي جندن ۾ به، پوءِ نٿا ڏسو ڇا؟
- 22. ۽ اوھان جي روزي آسمان ۾ آھي ۽ اُھو (به) جنھنجو اوھان کي انجام ڏجي ٿو.
- 23. پوءِ آسمان ۽ زمين جي پالڻھار جو قسم آھي ته اھا خبر سچي آھي جھڙي طرح اوھين ڳالھائيندا آھيو.
- 24. اِبراھيم جي سڳورن مھمانن جي خبر تو وٽ (نه) آئي آھي ڇا؟
- 25. جڏھن اُھي وٽس آيا تڏھن سلام چيائين، ھن (به) سلام چيو، (دل ۾ ڄاتائين ته ھي) اوپرا ماڻھو آھن.
- 26. پوءِ پنھنجي گھر وارن ڏانھن تکو ھليو ۽ ٿلھو گابو (پچائي) آندائين.
- 27. پوءِ اھو انھن کي ويجھو ڪيائين چيائين ته ڇونه ٿا کائو؟
- 28. پوءِ کائن دل ۾ ڊپ رکيائين، چيائون ته نه ڊڄ، ۽ اُن کي ھڪ داناءَ نينگر جي مبارڪ ڏنائون.
- 29. پوءِ سنديس زال دانھن ڪندي سامھون آئي پوءِ پنھنجو منھن ڪٽيائين ۽ چيائين ته ٻڍڙي سنڍ (ڄڻيندي ڇا؟).
- 30. چيائون ته ائين ئي تنھنجي پالڻھار فرمايو آھي، ڇوته اُھو حِڪمت وارو ڄاڻندڙ آھي.
- 31. (ابراھيم) چيو ته اي قاصدؤ اوھان جو ڪھڙو غرض آھي.
- 32. چيائون ته بيشڪ اسين ھڪڙي ڏوھاري قوم ڏانھن موڪليا ويا آھيون.
- 33. ته مٿن پڪي مٽيءَ جون گليليون وسايون.
- 34. جي حد کان لنگھندڙن لاءِ تنھنجي پالڻھار وٽ نشان ڪيل آھن.
- 35. پوءِ مؤمنن مان اتي جيڪو ھو تنھن کي ٻاھر ڪڍيوسون.
- 36. پوءِ اُتي مسلمانن جي ھڪ گھر کانسواءِ (ٻيو ڪو گھر) نه ڏٺوسون.
- 37. ۽ جيڪي ڏکوئيندڙ عذاب کان ڊڄندا آھن تن لاءِ اُتي (عبرت لاءِ) نشاني ڇڏي سون.
- 38. ۽ مُوسىٰ (جي قصّي) ۾ (به عِبرت آھي) جڏھن کيس پڌري دليل سان فرعون ڏانھن موڪليوسون.
- 39. پوءِ ھن پنھنجي لشڪر سميت منھن موڙيو چيائين ته (ھي) جادوگر يا چريو آھي.
- 40. تنھنڪري اُن کي ۽ سندس لشڪر کي پڪڙيوسون پوءِ اُن کي ملامت وارو ڪري سمنڊ ۾ اُڇليوسون.
- 41. ۽ عاد جي (قصي) ۾ (به عبرت آھي) جڏھن اھڙو بي برڪتو واءُ موڪليوسون.
- 42. جو جنھن شيء تي اچي پھچي تنھن کي ڳريل ھڏي وانگر ڪرڻ کانسواءِ نه ڇڏي.
- 43. ۽ ثمود (جي قصّي) ۾ (به عبرت آھي) جڏھن کين چيو ويو ته ھڪ مُدت تائين مزا ماڻيو.
- 44. پوءِ پنھنجي پالڻھار جي حُڪم (مڃڻ) کان ھٺ ڪيائون تنھنڪري سندن ڏسندي کين (ھڪ) سخت ڪڙڪي ورتو.
- 45. پوءِ نڪي اُٿي سگھيا ۽ نڪي وير وٺڻ وارا ھوا.
- 46. ۽ (ھن کان) اڳ نوح جي قوم (کي ھلاڪ ڪيوسون) بيشڪ اُھي بدڪار ماڻھو ھوا.
- 47. ۽ آسمان کي (پنھنجيءَ) قوت سان بڻايوسون ۽ بيشڪ اسين سگھارا آھيون.
- 48. ۽ زمين کي پکيڙيوسون جو چڱا پکيڙيندڙ آھيون.
- 49. ۽ سڀڪنھن شيءَ مان جوڙو جوڙو بڻايوسون ته مانَ اوھين نصيحت وٺو.
- 50. پوءِ الله ڏانھن ڀڄو، بيشڪ آءٌ سندس طرف کان اوھان لاءِ پڌرو ڊيڄاريندڙ آھيان.
- 51. ۽ الله سان (ٻيو) ڪو معبُود نه ٺھرايو، بيشڪ آءٌ سندس پار کان اوھان لاءِ پڌرو ڊيڄاريندڙ آھيان.
- 52. اھڙي طرح جيڪي انھن کان اڳ ھوا تن وٽ ڪوبه پيغمبر نه آيو پر چيائون ته جادوگر يا چريو آھي.
- 53. ان (چوڻ) جي ھڪ ٻئي کي وصيت ڪندا آيا آھن ڇا؟ (نه!) بلڪ اُھي نافرمان قوم آھن.
- 54. تنھنڪري (اي پيغمبر) کائن منھن موڙ ھاڻي تون ميار وارو نه آھين.
- 55. ۽ سمجھاڻي ڏيندو رھ ڇوته سمجھائڻ مؤمنن کي نفعو ڏيندو آھي.
- 56. ۽ جِنّن ۽ ماڻھن کي رڳو پنھنجي عبادت لاءِ پيدا ڪيوسون.
- 57. نڪي کائن ڪا روزي ٿو گھران ۽ نڪي گھران ٿو ته مون کي کارائين.
- 58. بيشڪ الله ئي روزي ڏيندڙ آھي جو تمام سگھارو زبردست آھي.
- 59. پوءِ بيشڪ جن ظلم ڪيو تن لاءِ سندن يارن جي سزا جھڙو عذاب (جو ڀاڱو) آھي پوءِ مون کان جلد (عذاب) نه گُھرن.
- 60. پوءِ ڪافرن لاءِ اُن سندن ڏينھن کان خرابي آھي جنھن جو کين وعدو ڏنو وڃي ٿو.