• 1. (پنھنجي پالڻھار وٽ) قطار ڪري صفن ٻڌڻ وارن (ملائڪن) جو قسم آھي.

  • 2. پوءِ جھڻڪ ڏيئي (شيطانن) کي ڌمڪائڻ وارن (ملائڪن) جو قسم آھي.

  • 3. پوءِ (قرآن) پڙھڻ واري جماعت جو قسم آھي.

  • 4. ته اوھان جو معبُود ھڪڙو (ئي) آھي.

  • 5. (جو اُھو) آسمانن ۽ زمين جو ۽ جيڪي اُنھن ٻنھي جي وچ ۾ آھي تنھن جو پالڻھار آھي ۽ (اُھو) اُڀرڻ (۽ لَھڻ) وارن طرفن جو (به) پالڻھار آھي.

  • 6. بيشڪ اسان دُنيا جي آسمانن کي تارن جي سونھن سان سينگاريو.

  • 7. ۽ سڀڪنھن سرڪش شيطان کان (انھيءَ) کي نگاھ رکيوسون.

  • 8. ته (شيطان) مَلَاءِ الۡاَعۡلىٰ ڏانھن ڪن ڏيئي (ڳالھيون) نه ٻڌن ۽ سڀڪنھن طرف کان (اُنھن ڏانھن) اُماڙيون اُڇلبيون آھن.

  • 9. (اُنھن جي) تڙڻ لاءِ ۽ اُنھن لاءِ ھميشه جو عذاب آھي.

  • 10. پر جنھن (چوريءَ ڪن ڏئي مَلَاءِاَعۡلىٰ جي ڳالھين مان ڪنھن ڳالھ کي) جھٽيو تنھن جي پوئتان ٻرندڙ اُماڙي پوندي آھي.

  • 11. پوءِ کانئن پُڇ ته اُھي پيدا ڪرڻ ۾ تمام مشڪل آھن ڇا يا (ذڪر ڪيل شيون) جن کي اسان بڻايو آھي؟ بيشڪ اسان کين چيڪيءَ مٽيءَ مان بڻايو.

  • 12. بلڪ (ڪافرن جي حال کان) عجب ڪيئي ۽ اُھي ٺـٺوليون ڪندا آھن.

  • 13. ۽ جڏھن سمجھائبو اٿن (تڏھن) نه سمجھندا آھن.

  • 14. ۽ جڏھن (ھو) ڪا نشاني ڏسن (تڏھن) ٺـٺوليون ڪندا آھن.

  • 15. ۽ چوندا آھن ته ھيءُ (قرآن) رڳو پڌرو جادو آھي.

  • 16. ھان جڏھن مرنداسون ۽ مٽي ۽ ھڏا ٿينداسون (تڏھن) اسين وري (جيئرا ٿي) کڙا ٿينداسون ڇا؟

  • 17. اسان جا اڳيان پيءُ ڏاڏا به (اٿاربا) ڇا؟

  • 18. چؤ ته ھائو (اُٿاربا) حالانڪ اوھين خوار ھوندؤ.

  • 19. پوءِ اُھو (کڙو ٿيڻ) رڳو ھڪ سخت جھڻڪار ھوندي پوءِ اُھي اُتي جو اُتي ڏسڻ لڳندا.

  • 20. ۽ چوندا ته ھيء ارمان اسان لاءِ ھي بدلي (وٺڻ) جو ڏينھن آھي.

  • 21. (چئبن ته) نبيري جو ڏينھن جنھن کي اوھين ڪوڙو ڀائيندا ھيؤ سو ھي آھي.

  • 22. (چئبو ته اي ملائڪو) ظالمن کي ۽ سندن سنگتين کي ۽ جن کي الله کانسواءِ پوڄيندا ھوا

  • 23. تن کي گڏ ڪريو پوءِ کين دوزخ جي واٽ ڏانھن ڏس ڏيو.

  • 24. ۽ کين ترسايو جو بيشڪ کانئن پڇبو.

  • 25. (ته) اوھان کي ڇا (ٿيو) آھي جو ھڪ ٻئي جي مدد نٿا ڪريو؟

  • 26. بلڪ اُھي اڄ ڪنڌ نوائيندڙ آھن.

  • 27. ۽ ڪي ڪن ڏانھن مھاڙ ڪري ھڪ ٻئي کان پڇڻ لڳندا.

  • 28. (ماڻھو پنھنجن سردارن کي) چوندا ته بيشڪ اوھين (گمراھ ڪرڻ لاءِ) سڄي (۽ کٻي) پاسي کان اسان وٽ ايندا ھُيؤ.

  • 29. (سردار) چوندا ته (نه!) بلڪ اوھين پاڻ مُسلمان نه ھُيؤ.

  • 30. ۽ اوھان تي اسان جو ڪو زور نه (ھلندو) ھو، بلڪ (اوھين) پاڻ حد کان لنگھيل قوم ھُيؤ.

  • 31. پوءِ اسان تي اسان جي پالڻھار جو چوڻ ثابت ٿيو ته بيش اسين (عذاب) چکندڙ ھُجون.

  • 32. پوءِ اوھان کي گمراھ ڪيوسون جو بيشڪ اسين (پاڻ) به گمراھ ھواسون.

  • 33. پوءِ بيشڪ اُھي اُنھيءَ ڏينھن عذاب ۾ ھڪ ٻئي سا گڏ شريڪ ھوندا.

  • 34. بيشڪ اسين ڏوھارين سان اھڙي طرح ڪندا آھيون.

  • 35. بيشڪ اُھي (اھڙا) ھوا جو جڏھن کين چئبو ھو ته الله کانسواءِ (ٻيو) ڪو عبادت جو لائق نه آھي (تڏھن) وڏائي ڪندا ھوا.

  • 36. ۽ چوندا ھوا ته اسان ھڪ چريي شاعر جي (چوڻ) تي پنھنجن معبودن کي ڇڏينداسون ڇا؟

  • 37. بلڪ (پيغمبر ﷴ ﷺ) سچ (يعني قرآن) آندو ۽ (سڀني) پيغمبرن کي سچو ڄاتائين.

  • 38. بيشڪ اوھين ڏکوئيندڙ عذاب (جو مزو) چکڻ وارا آھيو.

  • 39. ۽ جيڪي ڪندا ھئو تنھن کانسواءِ (ٻيو) ڪو بدلو نه ڏبؤ.

  • 40. پر الله جا خاص ٻانھا (عذاب کان بچندا).

  • 41. اُنھن لاءِ روزي مُقرّر (ٿيل) آھي.

  • 42. (قسمين) ميوا، ۽ اُھي عزت وارا آھن.

  • 43. نعمت وارن باغن ۾.

  • 44. تختن تي ھڪ ٻئي جي آمھون سامھون ويٺل ھوندا.

  • 45. وھندڙ شراب جو پيالو مٿن پيو ڦيرائبو.

  • 46. جو (بلڪل) اڇو پيئندڙن لاءِ مزيدار ھوندو.

  • 47. نڪي منجھس مٿي جي ڦيري ھوندي ۽ نڪي اُھي کانئس نشي وارا ٿيندا.

  • 48. ۽ وڏين اکين واريون ھيٺ نھاريندڙيون (زالون) وٽن ھونديون.

  • 49. ڄڻڪ اُھي (حورون) ڍَڪيل آنا آھن.

  • 50. پوءِ ڪي (ماڻھو) ڪن ڏانھن مھاڙ ڪري ڪري ھڪ ٻئي کان پڇڻ لڳندا.

  • 51. منجھانئن ڪو چوندڙ چوندو ته بيشڪ (دنيا ۾) منھنجو ھڪ سنگتي ھو.

  • 52. جو چوندو ھو ته تون (قيامت جو) مڃيندڙ ٿيو آھين ڇا؟

  • 53. ھا جڏھن مرنداسون ۽ مٽي ۽ ھڏا ٿينداسون (تڏھن) اسان کي بدلو ڏنو ويندو ڇا؟

  • 54. (وري اُھو) چوندو ته اوھين (به دوزخين کي) ڏسو ٿا ڇا؟

  • 55. پوءِ (پاڻ) جھاتي پائيندو ته اُھو (سنگتي) دوزخ جي وچ ۾ ڏسندو.

  • 56. چوندو ته الله جو قسم ته تو مونکي ذري گھٽ ھلاڪ ٿي ڪيو.

  • 57. ۽ جيڪڏھن منھنجي پالڻھار (جو مون تي) فضل نه ٿئي ھا ته بيشڪ آءٌ (به عذاب ۾) حاضر ڪيلن مان ھجان ھا.

  • 58. بيشڪ اسين نڪي (ھاڻي وري) مرڻ وارا آھيون.

  • 59. (اھو) رڳو اسان جو پھريون مرڻ ھو (جو ٿي چڪو) ۽ نڪي عذاب ڪيل آھيون.

  • 60. بيشڪ اِھا وڏي مراد ماڻڻ آھي.

  • 61. اھڙي (نعمت) لاءِ ڀلي ته عمل ڪندڙ عمل ڪن.

  • 62. ڀلا اِھا (بيان ڪيل نعمت) مھمانيءَ طور ڀلي آھي يا ٿوھر جو وڻ؟

  • 63. بيشڪ اسان اِن (وڻ) کي ظالمن جي لاءِ عذاب ٺھرايو آھي.

  • 64. بيشڪ اِھو ھڪ وڻ آھي جو دوزخ جي تري ۾ پيدا ٿيندو آھي.

  • 65. اُن جا گوشا ڄڻڪ شيطانن جون سِسيون آھن.

  • 66. پوءِ بيشڪ دوزخي اُن مان کائيندا پوءِ منجھانئس پيٽ ڀريندا.

  • 67. وري اُنھن لاءِ اُن (کاڄ) تي ٽھڪندڙ پاڻيءَ جي ملاوت ھوندي.

  • 68. وري بيشڪ کائڻ پيئڻ کانپوءِ سندن موٽڻ دوزخ ڏانھن ھوندو.

  • 69. بيشڪ اُنھن پنھنجن پيءُ ڏاڏن کي گمراھ ڏٺو.

  • 70. تنھنڪري اُھي (به) سندن پيرن تي ڊوڙن ٿا.

  • 71. ۽ بيشڪ کانئن اڳ اڳين مان گھڻا گمراھ ٿيا ھوا.

  • 72. ۽ بيشڪ منجھن ڊيڄاريندڙ موڪليا ھواسون.

  • 73. پوءِ نھار ته ڊيڄاريلن جي پڇاڙي ڪئن ٿي؟

  • 74. پر الله جا خاص ٻانھا (انھن جي پڇاڙي چڱي ٿي).

  • 75. ۽ بيشڪ نوح اسان کي سڏيو پوءِ چڱا (دُعا کي) قبول ڪندڙ آھيون.

  • 76. ۽ کيس ۽ سندس (تعلق وارن) ماڻھن کي وڏي مصيبت کان بچايوسون.

  • 77. ۽ (فقط) سندس اولاد کي ئي باقي رھندڙ ڪيوسون.

  • 78. ۽ پوين ۾ اُن لاءِ (چڱي يادگيري) ڇڏي سون.

  • 79. ساري جَڳ ۾ نوح تي شال سلام ھجي.

  • 80. بيشڪ اسين ڀلارن کي اھڙي طرح بدلو ڏيندا آھيون.

  • 81. بيشڪ اُھو اسان جي مؤمنن ٻانھن مان آھي.

  • 82. وري ٻـين کي ٻوڙيوسون.

  • 83. ۽ بيشڪ نوح جي پيروري ڪندڙن مان ابراھيم ھو.

  • 84. (ياد ڪر) جڏھن (ھو) پنھنجي پالڻھار وٽ سالم دِل سان آيو.

  • 85. (ياد ڪر) جڏھن پنھنجي پيءُ ۽ پنھنجي قوم کي چيائين ته اوھان ڇاکي پوڄيندا آھيو؟

  • 86. الله کانسواءِ ھٿرادو ٺھيل معبودن کي گھرو ٿا ڇا؟

  • 87. پوءِ جھانن جي پالڻھار بابت اوھان جو ڪھڙو گُمان آھي؟

  • 88. پوءِ تارن ۾ ھڪ ڀيرو چتائي ڏٺائين.

  • 89. پوءِ چيائين ته آءٌ بيمار ٿيندس.

  • 90. پوءِ کانئس پُٺي ڏيئي ڦِريا.

  • 91. پوءِ سندن معبودن ڏانھن منھن ڪيائين ته اوھين ڇونه ٿا کائو؟

  • 92. اوھان کي ڇا (ٿيو آھي) جو نه ٿا ڳالھايو؟

  • 93. پوءِ سڄي ھٿ (يعني زور) سان مٿن ڏاڍا ڌَڪ ھڻڻ لڳو.

  • 94. پوءِ (قوم وارا) ڏانھس ڊوڙندا سامھون آيا.

  • 95. (کين) چيائين ته جنھن کي اوھين (پاڻ) گھَڙيندا آھيو تنھن کي ڇو پوڄيندا آھيو؟

  • 96. ھن ھوندي جو الله اوھان کي ۽ جيڪي اوھين ڪريو ٿا تنھن کي پيدا ڪيو.

  • 97. (ھڪ ٻئي کي) چيائون ته ابراھيم لاءِ اڏاوت اڏيو پوءِ کيس (باھ جي) آڙاھ ۾ اُڇليو.

  • 98. پوءِ ساڻس فريب ڪرڻ جو ارادو ڪيائون پوءِ کين تمام زير ڪيوسون.

  • 99. ۽ ابراھيم چيو ته بيشڪ آءٌ پنھنجي پالڻھار ڏانھن وڃڻ وارو آھيان (اھو) سگھوئي مون کي واٽ ڏيکاريندو (جتي سندس رضا ھوندي).

  • 100. اي منھنجا پالڻھار صالحن مان (ڪو پُٽ) مون کي عطا ڪر.

  • 101. پوءِ کيس ھڪ حليمت واري نينگر جي خوشخبري ڏني سون.

  • 102. پوءِ جڏھن ساڻس گڏ ڊوڙڻ (واريءَ عمر) کي پھتو (تڏھن ابراھيم) چيو ته اي منھنجا پُٽڙا بيشڪ آءٌ ننڊ ۾ ڏسان ٿو ته آءٌ توکي ڪُھان ٿو پوءِ تون نظر ڪر ته تنھنجي دل ۾ ڇا ٿو اچي؟ چيائين ته اي مُنھنجا ابا جنھن ڪم جو توکي حُڪم ڏنو وڃي ٿو سو ڪر جيڪڏھن الله گھريو ته مون کي صبر ڪرڻ وارن مان لھندين.

  • 103. پوءِ جڏھن ٻنھي حُڪم مڃيو ۽ ابراھيم (پنھنجي) پُٽ کي پيشانيءَ ڀر ليٽايو.

  • 104. ۽ کيس سڏيوسون ته اي ابراھيم.

  • 105. بيشڪ تو خواب کي سچو ڪيو، بيشڪ اسين ڀلارن کي اھڙي طرح بدلو ڏيندا آھيون.

  • 106. بيشڪ اِھا پڌري پرک آھي.

  • 107. ۽ ذُبح جي وڏي جانور سان اُن جو عوض ڏنوسون.

  • 108. ۽ پوين ۾ (چڱي ساراھ) اُن لاءِ ڇڏي سون.

  • 109. ابراھيم تي شال سلام ھجي.

  • 110. ڀلارن کي اھڙي طرح بدلو ڏيندا آھيون.

  • 111. بيشڪ اُھو اسان جي مؤمنن ٻانھن مان آھي.

  • 112. ۽ کيس اسحٰق جي خوشخبري ڏني سون جو صالحن مان ھڪڙو نبي آھي.

  • 113. ۽ ابراھيم تي ۽ اسحٰق تي برڪت نازل ڪئي سون، ۽ ٻنھي جي اولاد مان ڪي چڱا آھن ۽ ڪي پاڻ تي پڌرو ظلم ڪندڙ آھن.

  • 114. ۽ بيشڪ موسىٰ ۽ ھارون تي احسان ڪيوسون.

  • 115. ۽ کين ۽ سندن قوم کي وڏي سختيءَ کان بچايوسون.

  • 116. ۽ کين مدد ڏني سون پوءِ اُھي غالب رھيا.

  • 117. ۽ کين پڌرو ڪتاب ڏنوسون.

  • 118. ۽ کين سِڌي رستي لاتوسون.

  • 119. ۽ پوين ۾ (چڱي ساراھ) انھن لاءِ ڇڏي سون.

  • 120. مُوسىٰ ۽ ھارون تي شال سلام ھجي.

  • 121. بيشڪ اسين ڀلارن کي اھڙيءَ طرح بدلو ڏيندا آھيون.

  • 122. بيشڪ اُھي (ٻئي) اسان جي مؤمن ٻانھن مان آھن.

  • 123. ۽ بيشڪ الياس پيغمبرن مان ھو.

  • 124. جڏھن پنھنجي قوم کي چيائين ته (الله کان) ڇونه ڊڄندا آھيو؟

  • 125. ڇو بَعل کي پوڄيندا آھيو ۽ تمام چڱي خلقيندڙ کي ڇڏيندا آھيو؟

  • 126. (جو) الله اوھان جو پالڻھار ۽ اوھان جي اڳين پِين ڏاڏن جو پالڻھار آھي.

  • 127. پوءِ کيس ڪوڙو ڀانيائون تنھنڪري اُھي بيشڪ (دوزخ ۾) حاضر ڪيل آھن.

  • 128. پر الله جا خاص ٻانھا (ڇٽل آھن).

  • 129. ۽ پوين ۾ (چڱي ساراھ) اُن لاءِ ڇڏي سون.

  • 130. الياس تي شال سلام ھجي.

  • 131. بيشڪ اسين ڀلارن کي اھڙي طرح بدلو ڏيندا آھيون.

  • 132. بيشڪ اُھو اسان جي مؤمن ٻانھن مان آھي.

  • 133. ۽ بيشڪ لُوط پيغمبرن مان ھو.

  • 134. (ياد ڪر) جڏھن اُن کي ۽ سندس مڙني گھر وارن کي بچايوسون.

  • 135. سواءِ ھڪڙي ڪراڙي زال جي جا پُٺ تي رھندڙن مان ٿي.

  • 136. وري (ھنن) ٻـين کي ھلاڪ ڪيوسون.

  • 137. ۽ بيشڪ اوھين انھن (جي ڳوٺن) وٽان صبح جو لنگھندا آھيو.

  • 138. ۽ رات جو (به) پوءِ ڇونه سمجھندا آھيو؟

  • 139. ۽ بيشڪ يُونس پيغمبرن مان ھو.

  • 140. جڏھن (ھو) ڀريل ٻيڙيءَ ڏانھن ڀڳو.

  • 141. پوءِ (ٻيڙي وارن سان) پُکو وڌائين ته (پاڻ) پُکي پيلن مان ٿيو.

  • 142. پوءِ کيس مڇي ڳھي وئي ۽ اُھو (اھڙو ڪم ڪندڙ ھو جو) ملامت جو لائق ھو.

  • 143. پوءِ اُھو جيڪڏھن تسبيح چوندڙن مان نه ھجي ھا.

  • 144. ته اُنھي ڏينھن تائين جنھن ۾ (ماڻھو) اُٿارجن اُن جي پيٽ ۾ رھي ھا.

  • 145. پوءِ کيس صاف پَٽ ۾ اُڇليوسون ۽ اُھو بيمار ھو.

  • 146. ۽ مٿس وڻ ڪدوءَ (جي قِسم) مان ڄمايوسون.

  • 147. ۽ کيس (ھڪ) لک يا (اُن کان) وڌيڪ (ماڻھن) ڏانھن موڪليوسون.

  • 148. پوءِ انھن ايمان آندو پوءِ ھڪ وقت تائين کين فائدو ڏنوسون.

  • 149. پوءِ (اي پيغمبر) اُنھن (يعني مشرڪن) کان پُڇ ته تنھنجي پالڻھار کي ڌيئر آھن ڇا يا کيس پُٽ آھنئ

  • 150. يا ملائڪن کي زالون بڻايوسون ۽ اُھي (اُن وقت) حاضر ھوا.

  • 151. خبردار ھُجو (ته) بيشڪ اُھي پنھنجي (ھٿرادو ٺھيل) ڪوڙ مان چوندا آھن.

  • 152. ته الله (اولاد کي) ڄڻيو آھي ۽ اُھي ڪوڙا آھن.

  • 153. پٽن کان ڌيئر پسند ڪيائين ڇا؟

  • 154. اوھان کي ڇا ٿيو آھي، ڪيئن نبيرو ڪندا آھيو؟

  • 155. (اوھين) ڇونه ڌيان ڪندا آھيو؟

  • 156. يا اوھان کي ڪا پڌري حُجّت آھي؟

  • 157. جيڪڏھن اوھين سچا آھيو ته پنھنجو ڪتاب آڻيو.

  • 158. ۽ (ڪافرن) الله ۽ جِنن جي وچ ۾ مائٽي مُقرر ڪئي، ۽ بيشڪ جِنن ڄاتو آھي ته اُھي (قيامت ۾ حساب لاءِ) حاضر ڪيا ويندا.

  • 159. (ڪافر) جيڪي بيان ڪندا آھن تنھن کان الله پاڪ آھي.

  • 160. پر الله جا خاص ٻانھا (انھن جو چوڻ سچو آھي).

  • 161. پوءِ (اي ڪافرؤ) بيشڪ اوھين ۽ جن (بتن) کي پوڄيندا آھيو.

  • 162. اوھين (سڀئي) اُن (يعني ڪوڙن معبُودن جي عبادت) لاءِ گمراھ ڪرڻ وارا نه آھيو.

  • 163. پر اُنھن کي جيڪو (پاڻ) دوزخ ۾ گھڙڻ وارو آھي.

  • 164. ۽ (ملائڪ چوندا آھن ته) اسان مان اھڙو آھي ئي ڪونه جنھن لاءِ (عبادت جي) ھڪ جاءِ ٺھرايل نه آھي.

  • 165. ۽ بيشڪ اسين صِف ٻَڌڻ وارا آھيون.

  • 166. ۽ بيشڪ اسين تسبيح چوڻ وارا آھيون.

  • 167. ۽ بيشڪ (عرب جا ڪافر) چوندا ھوا.

  • 168. ته جيڪڏھن اسان وٽ پھرين جو احوال ھجي ھا.

  • 169. ته ضرور الله جا خاص ٻانھا ٿيون ھا.

  • 170. وري اُن (يعني قرآن) جا مُنڪر ٿيا پوءِ سِگھوئي (ڪفر جي پڄاڻي) ڄاڻندا.

  • 171. ۽ بيشڪ پنھنجن ٻانھن پيغمبرن لاءِ اسان جو وعدو اڳي ئي ٿي چڪو..

  • 172. ته بيشڪ اُھي (اسان جا پيغمبر) ئي فتح مند آھن.

  • 173. ۽ بيشڪ اسان جو لشڪر ئي غالب آھي.

  • 174. پوءِ کانئن ھڪ وقت تائين منھن موڙ.

  • 175. ۽ کين ڏسندو رھ پوءِ اُھي به سگھوئي ڏسندا.

  • 176. (ھي ڪافر) اسان جو عذاب جلد گھرندا آھن ڇا؟

  • 177. پوءِ جڏھن سندن (گھرن جي) اڱڻن ۾ (عذاب) لھندو تڏھن ڊيڄاريلن جو صُبح بڇڙو ٿيندو.

  • 178. ۽ کانئن ھڪ وقت تائين مُنھن موڙ.

  • 179. ۽ ڏسندو رھ پوءِ اُھي به سگھوئي (نتيجو) ڏسندا.

  • 180. تنھنجو پالڻھار پاڪ آھي جيڪي (اِھي ڪافر) بيان ڪندا آھن تنھن کان (اُھو) عزّت وارو آھي.

  • 181. ۽ (الله جي) پيغمبرن تي شال سَلام ھجي.

  • 182. ۽ جھانن جي پالڻھار الله کي ئي سڀ ساراھ جڳائيندي آھي.