As-Saffat - قرآن - هارون يحييٰ
-
1. (پنھنجي پالڻھار وٽ) قطار ڪري صفن ٻڌڻ وارن (ملائڪن) جو قسم آھي.
-
2. پوءِ جھڻڪ ڏيئي (شيطانن) کي ڌمڪائڻ وارن (ملائڪن) جو قسم آھي.
-
3. پوءِ (قرآن) پڙھڻ واري جماعت جو قسم آھي.
-
4. ته اوھان جو معبُود ھڪڙو (ئي) آھي.
-
5. (جو اُھو) آسمانن ۽ زمين جو ۽ جيڪي اُنھن ٻنھي جي وچ ۾ آھي تنھن جو پالڻھار آھي ۽ (اُھو) اُڀرڻ (۽ لَھڻ) وارن طرفن جو (به) پالڻھار آھي.
-
6. بيشڪ اسان دُنيا جي آسمانن کي تارن جي سونھن سان سينگاريو.
-
7. ۽ سڀڪنھن سرڪش شيطان کان (انھيءَ) کي نگاھ رکيوسون.
-
8. ته (شيطان) مَلَاءِ الۡاَعۡلىٰ ڏانھن ڪن ڏيئي (ڳالھيون) نه ٻڌن ۽ سڀڪنھن طرف کان (اُنھن ڏانھن) اُماڙيون اُڇلبيون آھن.
-
9. (اُنھن جي) تڙڻ لاءِ ۽ اُنھن لاءِ ھميشه جو عذاب آھي.
-
10. پر جنھن (چوريءَ ڪن ڏئي مَلَاءِاَعۡلىٰ جي ڳالھين مان ڪنھن ڳالھ کي) جھٽيو تنھن جي پوئتان ٻرندڙ اُماڙي پوندي آھي.
-
11. پوءِ کانئن پُڇ ته اُھي پيدا ڪرڻ ۾ تمام مشڪل آھن ڇا يا (ذڪر ڪيل شيون) جن کي اسان بڻايو آھي؟ بيشڪ اسان کين چيڪيءَ مٽيءَ مان بڻايو.
-
12. بلڪ (ڪافرن جي حال کان) عجب ڪيئي ۽ اُھي ٺـٺوليون ڪندا آھن.
-
13. ۽ جڏھن سمجھائبو اٿن (تڏھن) نه سمجھندا آھن.
-
14. ۽ جڏھن (ھو) ڪا نشاني ڏسن (تڏھن) ٺـٺوليون ڪندا آھن.
-
15. ۽ چوندا آھن ته ھيءُ (قرآن) رڳو پڌرو جادو آھي.
-
16. ھان جڏھن مرنداسون ۽ مٽي ۽ ھڏا ٿينداسون (تڏھن) اسين وري (جيئرا ٿي) کڙا ٿينداسون ڇا؟
-
17. اسان جا اڳيان پيءُ ڏاڏا به (اٿاربا) ڇا؟
-
18. چؤ ته ھائو (اُٿاربا) حالانڪ اوھين خوار ھوندؤ.
-
19. پوءِ اُھو (کڙو ٿيڻ) رڳو ھڪ سخت جھڻڪار ھوندي پوءِ اُھي اُتي جو اُتي ڏسڻ لڳندا.
-
20. ۽ چوندا ته ھيء ارمان اسان لاءِ ھي بدلي (وٺڻ) جو ڏينھن آھي.
-
21. (چئبن ته) نبيري جو ڏينھن جنھن کي اوھين ڪوڙو ڀائيندا ھيؤ سو ھي آھي.
-
22. (چئبو ته اي ملائڪو) ظالمن کي ۽ سندن سنگتين کي ۽ جن کي الله کانسواءِ پوڄيندا ھوا
-
23. تن کي گڏ ڪريو پوءِ کين دوزخ جي واٽ ڏانھن ڏس ڏيو.
-
24. ۽ کين ترسايو جو بيشڪ کانئن پڇبو.
-
25. (ته) اوھان کي ڇا (ٿيو) آھي جو ھڪ ٻئي جي مدد نٿا ڪريو؟
-
26. بلڪ اُھي اڄ ڪنڌ نوائيندڙ آھن.
-
27. ۽ ڪي ڪن ڏانھن مھاڙ ڪري ھڪ ٻئي کان پڇڻ لڳندا.
-
28. (ماڻھو پنھنجن سردارن کي) چوندا ته بيشڪ اوھين (گمراھ ڪرڻ لاءِ) سڄي (۽ کٻي) پاسي کان اسان وٽ ايندا ھُيؤ.
-
29. (سردار) چوندا ته (نه!) بلڪ اوھين پاڻ مُسلمان نه ھُيؤ.
-
30. ۽ اوھان تي اسان جو ڪو زور نه (ھلندو) ھو، بلڪ (اوھين) پاڻ حد کان لنگھيل قوم ھُيؤ.
-
31. پوءِ اسان تي اسان جي پالڻھار جو چوڻ ثابت ٿيو ته بيش اسين (عذاب) چکندڙ ھُجون.
-
32. پوءِ اوھان کي گمراھ ڪيوسون جو بيشڪ اسين (پاڻ) به گمراھ ھواسون.
-
33. پوءِ بيشڪ اُھي اُنھيءَ ڏينھن عذاب ۾ ھڪ ٻئي سا گڏ شريڪ ھوندا.
-
34. بيشڪ اسين ڏوھارين سان اھڙي طرح ڪندا آھيون.
-
35. بيشڪ اُھي (اھڙا) ھوا جو جڏھن کين چئبو ھو ته الله کانسواءِ (ٻيو) ڪو عبادت جو لائق نه آھي (تڏھن) وڏائي ڪندا ھوا.
-
36. ۽ چوندا ھوا ته اسان ھڪ چريي شاعر جي (چوڻ) تي پنھنجن معبودن کي ڇڏينداسون ڇا؟
-
37. بلڪ (پيغمبر ﷴ ﷺ) سچ (يعني قرآن) آندو ۽ (سڀني) پيغمبرن کي سچو ڄاتائين.
-
38. بيشڪ اوھين ڏکوئيندڙ عذاب (جو مزو) چکڻ وارا آھيو.
-
39. ۽ جيڪي ڪندا ھئو تنھن کانسواءِ (ٻيو) ڪو بدلو نه ڏبؤ.
-
40. پر الله جا خاص ٻانھا (عذاب کان بچندا).
-
41. اُنھن لاءِ روزي مُقرّر (ٿيل) آھي.
-
42. (قسمين) ميوا، ۽ اُھي عزت وارا آھن.
-
43. نعمت وارن باغن ۾.
-
44. تختن تي ھڪ ٻئي جي آمھون سامھون ويٺل ھوندا.
-
45. وھندڙ شراب جو پيالو مٿن پيو ڦيرائبو.
-
46. جو (بلڪل) اڇو پيئندڙن لاءِ مزيدار ھوندو.
-
47. نڪي منجھس مٿي جي ڦيري ھوندي ۽ نڪي اُھي کانئس نشي وارا ٿيندا.
-
48. ۽ وڏين اکين واريون ھيٺ نھاريندڙيون (زالون) وٽن ھونديون.
-
49. ڄڻڪ اُھي (حورون) ڍَڪيل آنا آھن.
-
50. پوءِ ڪي (ماڻھو) ڪن ڏانھن مھاڙ ڪري ڪري ھڪ ٻئي کان پڇڻ لڳندا.
-
51. منجھانئن ڪو چوندڙ چوندو ته بيشڪ (دنيا ۾) منھنجو ھڪ سنگتي ھو.
-
52. جو چوندو ھو ته تون (قيامت جو) مڃيندڙ ٿيو آھين ڇا؟
-
53. ھا جڏھن مرنداسون ۽ مٽي ۽ ھڏا ٿينداسون (تڏھن) اسان کي بدلو ڏنو ويندو ڇا؟
-
54. (وري اُھو) چوندو ته اوھين (به دوزخين کي) ڏسو ٿا ڇا؟
-
55. پوءِ (پاڻ) جھاتي پائيندو ته اُھو (سنگتي) دوزخ جي وچ ۾ ڏسندو.
-
56. چوندو ته الله جو قسم ته تو مونکي ذري گھٽ ھلاڪ ٿي ڪيو.
-
57. ۽ جيڪڏھن منھنجي پالڻھار (جو مون تي) فضل نه ٿئي ھا ته بيشڪ آءٌ (به عذاب ۾) حاضر ڪيلن مان ھجان ھا.
-
58. بيشڪ اسين نڪي (ھاڻي وري) مرڻ وارا آھيون.
-
59. (اھو) رڳو اسان جو پھريون مرڻ ھو (جو ٿي چڪو) ۽ نڪي عذاب ڪيل آھيون.
-
60. بيشڪ اِھا وڏي مراد ماڻڻ آھي.
-
61. اھڙي (نعمت) لاءِ ڀلي ته عمل ڪندڙ عمل ڪن.
-
62. ڀلا اِھا (بيان ڪيل نعمت) مھمانيءَ طور ڀلي آھي يا ٿوھر جو وڻ؟
-
63. بيشڪ اسان اِن (وڻ) کي ظالمن جي لاءِ عذاب ٺھرايو آھي.
-
64. بيشڪ اِھو ھڪ وڻ آھي جو دوزخ جي تري ۾ پيدا ٿيندو آھي.
-
65. اُن جا گوشا ڄڻڪ شيطانن جون سِسيون آھن.
-
66. پوءِ بيشڪ دوزخي اُن مان کائيندا پوءِ منجھانئس پيٽ ڀريندا.
-
67. وري اُنھن لاءِ اُن (کاڄ) تي ٽھڪندڙ پاڻيءَ جي ملاوت ھوندي.
-
68. وري بيشڪ کائڻ پيئڻ کانپوءِ سندن موٽڻ دوزخ ڏانھن ھوندو.
-
69. بيشڪ اُنھن پنھنجن پيءُ ڏاڏن کي گمراھ ڏٺو.
-
70. تنھنڪري اُھي (به) سندن پيرن تي ڊوڙن ٿا.
-
71. ۽ بيشڪ کانئن اڳ اڳين مان گھڻا گمراھ ٿيا ھوا.
-
72. ۽ بيشڪ منجھن ڊيڄاريندڙ موڪليا ھواسون.
-
73. پوءِ نھار ته ڊيڄاريلن جي پڇاڙي ڪئن ٿي؟
-
74. پر الله جا خاص ٻانھا (انھن جي پڇاڙي چڱي ٿي).
-
75. ۽ بيشڪ نوح اسان کي سڏيو پوءِ چڱا (دُعا کي) قبول ڪندڙ آھيون.
-
76. ۽ کيس ۽ سندس (تعلق وارن) ماڻھن کي وڏي مصيبت کان بچايوسون.
-
77. ۽ (فقط) سندس اولاد کي ئي باقي رھندڙ ڪيوسون.
-
78. ۽ پوين ۾ اُن لاءِ (چڱي يادگيري) ڇڏي سون.
-
79. ساري جَڳ ۾ نوح تي شال سلام ھجي.
-
80. بيشڪ اسين ڀلارن کي اھڙي طرح بدلو ڏيندا آھيون.
-
81. بيشڪ اُھو اسان جي مؤمنن ٻانھن مان آھي.
-
82. وري ٻـين کي ٻوڙيوسون.
-
83. ۽ بيشڪ نوح جي پيروري ڪندڙن مان ابراھيم ھو.
-
84. (ياد ڪر) جڏھن (ھو) پنھنجي پالڻھار وٽ سالم دِل سان آيو.
-
85. (ياد ڪر) جڏھن پنھنجي پيءُ ۽ پنھنجي قوم کي چيائين ته اوھان ڇاکي پوڄيندا آھيو؟
-
86. الله کانسواءِ ھٿرادو ٺھيل معبودن کي گھرو ٿا ڇا؟
-
87. پوءِ جھانن جي پالڻھار بابت اوھان جو ڪھڙو گُمان آھي؟
-
88. پوءِ تارن ۾ ھڪ ڀيرو چتائي ڏٺائين.
-
89. پوءِ چيائين ته آءٌ بيمار ٿيندس.
-
90. پوءِ کانئس پُٺي ڏيئي ڦِريا.
-
91. پوءِ سندن معبودن ڏانھن منھن ڪيائين ته اوھين ڇونه ٿا کائو؟
-
92. اوھان کي ڇا (ٿيو آھي) جو نه ٿا ڳالھايو؟
-
93. پوءِ سڄي ھٿ (يعني زور) سان مٿن ڏاڍا ڌَڪ ھڻڻ لڳو.
-
94. پوءِ (قوم وارا) ڏانھس ڊوڙندا سامھون آيا.
-
95. (کين) چيائين ته جنھن کي اوھين (پاڻ) گھَڙيندا آھيو تنھن کي ڇو پوڄيندا آھيو؟
-
96. ھن ھوندي جو الله اوھان کي ۽ جيڪي اوھين ڪريو ٿا تنھن کي پيدا ڪيو.
-
97. (ھڪ ٻئي کي) چيائون ته ابراھيم لاءِ اڏاوت اڏيو پوءِ کيس (باھ جي) آڙاھ ۾ اُڇليو.
-
98. پوءِ ساڻس فريب ڪرڻ جو ارادو ڪيائون پوءِ کين تمام زير ڪيوسون.
-
99. ۽ ابراھيم چيو ته بيشڪ آءٌ پنھنجي پالڻھار ڏانھن وڃڻ وارو آھيان (اھو) سگھوئي مون کي واٽ ڏيکاريندو (جتي سندس رضا ھوندي).
-
100. اي منھنجا پالڻھار صالحن مان (ڪو پُٽ) مون کي عطا ڪر.
-
101. پوءِ کيس ھڪ حليمت واري نينگر جي خوشخبري ڏني سون.
-
102. پوءِ جڏھن ساڻس گڏ ڊوڙڻ (واريءَ عمر) کي پھتو (تڏھن ابراھيم) چيو ته اي منھنجا پُٽڙا بيشڪ آءٌ ننڊ ۾ ڏسان ٿو ته آءٌ توکي ڪُھان ٿو پوءِ تون نظر ڪر ته تنھنجي دل ۾ ڇا ٿو اچي؟ چيائين ته اي مُنھنجا ابا جنھن ڪم جو توکي حُڪم ڏنو وڃي ٿو سو ڪر جيڪڏھن الله گھريو ته مون کي صبر ڪرڻ وارن مان لھندين.
-
103. پوءِ جڏھن ٻنھي حُڪم مڃيو ۽ ابراھيم (پنھنجي) پُٽ کي پيشانيءَ ڀر ليٽايو.
-
104. ۽ کيس سڏيوسون ته اي ابراھيم.
-
105. بيشڪ تو خواب کي سچو ڪيو، بيشڪ اسين ڀلارن کي اھڙي طرح بدلو ڏيندا آھيون.
-
106. بيشڪ اِھا پڌري پرک آھي.
-
107. ۽ ذُبح جي وڏي جانور سان اُن جو عوض ڏنوسون.
-
108. ۽ پوين ۾ (چڱي ساراھ) اُن لاءِ ڇڏي سون.
-
109. ابراھيم تي شال سلام ھجي.
-
110. ڀلارن کي اھڙي طرح بدلو ڏيندا آھيون.
-
111. بيشڪ اُھو اسان جي مؤمنن ٻانھن مان آھي.
-
112. ۽ کيس اسحٰق جي خوشخبري ڏني سون جو صالحن مان ھڪڙو نبي آھي.
-
113. ۽ ابراھيم تي ۽ اسحٰق تي برڪت نازل ڪئي سون، ۽ ٻنھي جي اولاد مان ڪي چڱا آھن ۽ ڪي پاڻ تي پڌرو ظلم ڪندڙ آھن.
-
114. ۽ بيشڪ موسىٰ ۽ ھارون تي احسان ڪيوسون.
-
115. ۽ کين ۽ سندن قوم کي وڏي سختيءَ کان بچايوسون.
-
116. ۽ کين مدد ڏني سون پوءِ اُھي غالب رھيا.
-
117. ۽ کين پڌرو ڪتاب ڏنوسون.
-
118. ۽ کين سِڌي رستي لاتوسون.
-
119. ۽ پوين ۾ (چڱي ساراھ) انھن لاءِ ڇڏي سون.
-
120. مُوسىٰ ۽ ھارون تي شال سلام ھجي.
-
121. بيشڪ اسين ڀلارن کي اھڙيءَ طرح بدلو ڏيندا آھيون.
-
122. بيشڪ اُھي (ٻئي) اسان جي مؤمن ٻانھن مان آھن.
-
123. ۽ بيشڪ الياس پيغمبرن مان ھو.
-
124. جڏھن پنھنجي قوم کي چيائين ته (الله کان) ڇونه ڊڄندا آھيو؟
-
125. ڇو بَعل کي پوڄيندا آھيو ۽ تمام چڱي خلقيندڙ کي ڇڏيندا آھيو؟
-
126. (جو) الله اوھان جو پالڻھار ۽ اوھان جي اڳين پِين ڏاڏن جو پالڻھار آھي.
-
127. پوءِ کيس ڪوڙو ڀانيائون تنھنڪري اُھي بيشڪ (دوزخ ۾) حاضر ڪيل آھن.
-
128. پر الله جا خاص ٻانھا (ڇٽل آھن).
-
129. ۽ پوين ۾ (چڱي ساراھ) اُن لاءِ ڇڏي سون.
-
130. الياس تي شال سلام ھجي.
-
131. بيشڪ اسين ڀلارن کي اھڙي طرح بدلو ڏيندا آھيون.
-
132. بيشڪ اُھو اسان جي مؤمن ٻانھن مان آھي.
-
133. ۽ بيشڪ لُوط پيغمبرن مان ھو.
-
134. (ياد ڪر) جڏھن اُن کي ۽ سندس مڙني گھر وارن کي بچايوسون.
-
135. سواءِ ھڪڙي ڪراڙي زال جي جا پُٺ تي رھندڙن مان ٿي.
-
136. وري (ھنن) ٻـين کي ھلاڪ ڪيوسون.
-
137. ۽ بيشڪ اوھين انھن (جي ڳوٺن) وٽان صبح جو لنگھندا آھيو.
-
138. ۽ رات جو (به) پوءِ ڇونه سمجھندا آھيو؟
-
139. ۽ بيشڪ يُونس پيغمبرن مان ھو.
-
140. جڏھن (ھو) ڀريل ٻيڙيءَ ڏانھن ڀڳو.
-
141. پوءِ (ٻيڙي وارن سان) پُکو وڌائين ته (پاڻ) پُکي پيلن مان ٿيو.
-
142. پوءِ کيس مڇي ڳھي وئي ۽ اُھو (اھڙو ڪم ڪندڙ ھو جو) ملامت جو لائق ھو.
-
143. پوءِ اُھو جيڪڏھن تسبيح چوندڙن مان نه ھجي ھا.
-
144. ته اُنھي ڏينھن تائين جنھن ۾ (ماڻھو) اُٿارجن اُن جي پيٽ ۾ رھي ھا.
-
145. پوءِ کيس صاف پَٽ ۾ اُڇليوسون ۽ اُھو بيمار ھو.
-
146. ۽ مٿس وڻ ڪدوءَ (جي قِسم) مان ڄمايوسون.
-
147. ۽ کيس (ھڪ) لک يا (اُن کان) وڌيڪ (ماڻھن) ڏانھن موڪليوسون.
-
148. پوءِ انھن ايمان آندو پوءِ ھڪ وقت تائين کين فائدو ڏنوسون.
-
149. پوءِ (اي پيغمبر) اُنھن (يعني مشرڪن) کان پُڇ ته تنھنجي پالڻھار کي ڌيئر آھن ڇا يا کيس پُٽ آھنئ
-
150. يا ملائڪن کي زالون بڻايوسون ۽ اُھي (اُن وقت) حاضر ھوا.
-
151. خبردار ھُجو (ته) بيشڪ اُھي پنھنجي (ھٿرادو ٺھيل) ڪوڙ مان چوندا آھن.
-
152. ته الله (اولاد کي) ڄڻيو آھي ۽ اُھي ڪوڙا آھن.
-
153. پٽن کان ڌيئر پسند ڪيائين ڇا؟
-
154. اوھان کي ڇا ٿيو آھي، ڪيئن نبيرو ڪندا آھيو؟
-
155. (اوھين) ڇونه ڌيان ڪندا آھيو؟
-
156. يا اوھان کي ڪا پڌري حُجّت آھي؟
-
157. جيڪڏھن اوھين سچا آھيو ته پنھنجو ڪتاب آڻيو.
-
158. ۽ (ڪافرن) الله ۽ جِنن جي وچ ۾ مائٽي مُقرر ڪئي، ۽ بيشڪ جِنن ڄاتو آھي ته اُھي (قيامت ۾ حساب لاءِ) حاضر ڪيا ويندا.
-
159. (ڪافر) جيڪي بيان ڪندا آھن تنھن کان الله پاڪ آھي.
-
160. پر الله جا خاص ٻانھا (انھن جو چوڻ سچو آھي).
-
161. پوءِ (اي ڪافرؤ) بيشڪ اوھين ۽ جن (بتن) کي پوڄيندا آھيو.
-
162. اوھين (سڀئي) اُن (يعني ڪوڙن معبُودن جي عبادت) لاءِ گمراھ ڪرڻ وارا نه آھيو.
-
163. پر اُنھن کي جيڪو (پاڻ) دوزخ ۾ گھڙڻ وارو آھي.
-
164. ۽ (ملائڪ چوندا آھن ته) اسان مان اھڙو آھي ئي ڪونه جنھن لاءِ (عبادت جي) ھڪ جاءِ ٺھرايل نه آھي.
-
165. ۽ بيشڪ اسين صِف ٻَڌڻ وارا آھيون.
-
166. ۽ بيشڪ اسين تسبيح چوڻ وارا آھيون.
-
167. ۽ بيشڪ (عرب جا ڪافر) چوندا ھوا.
-
168. ته جيڪڏھن اسان وٽ پھرين جو احوال ھجي ھا.
-
169. ته ضرور الله جا خاص ٻانھا ٿيون ھا.
-
170. وري اُن (يعني قرآن) جا مُنڪر ٿيا پوءِ سِگھوئي (ڪفر جي پڄاڻي) ڄاڻندا.
-
171. ۽ بيشڪ پنھنجن ٻانھن پيغمبرن لاءِ اسان جو وعدو اڳي ئي ٿي چڪو..
-
172. ته بيشڪ اُھي (اسان جا پيغمبر) ئي فتح مند آھن.
-
173. ۽ بيشڪ اسان جو لشڪر ئي غالب آھي.
-
174. پوءِ کانئن ھڪ وقت تائين منھن موڙ.
-
175. ۽ کين ڏسندو رھ پوءِ اُھي به سگھوئي ڏسندا.
-
176. (ھي ڪافر) اسان جو عذاب جلد گھرندا آھن ڇا؟
-
177. پوءِ جڏھن سندن (گھرن جي) اڱڻن ۾ (عذاب) لھندو تڏھن ڊيڄاريلن جو صُبح بڇڙو ٿيندو.
-
178. ۽ کانئن ھڪ وقت تائين مُنھن موڙ.
-
179. ۽ ڏسندو رھ پوءِ اُھي به سگھوئي (نتيجو) ڏسندا.
-
180. تنھنجو پالڻھار پاڪ آھي جيڪي (اِھي ڪافر) بيان ڪندا آھن تنھن کان (اُھو) عزّت وارو آھي.
-
181. ۽ (الله جي) پيغمبرن تي شال سَلام ھجي.
-
182. ۽ جھانن جي پالڻھار الله کي ئي سڀ ساراھ جڳائيندي آھي.
شيئر ڪريو
1
Al-Fatihah
2
Al Baqara
3
Ali `Imran
4
An-Nisa
5
Al-Ma`idah
6
Al-An`am
7
Al-A`raf
8
Al-Anfal
9
At-Tawbah
10
Yunus
11
Hud
12
Yusuf
13
Ar-Ra`d
14
Ibrahim
15
Al-Hijr
16
An-Nahl
17
Al-Isra
18
Al-Kahf
19
Maryam
20
Taha
21
Al-Anbya
22
Al-Haj
23
Al-Mu`minun
24
An-Nur
25
Al-Furqan
26
Ash-Shu`ara
27
An-Naml
28
Al-Qasas
29
Al-`Ankabut
30
Ar-Rum
31
Luqman
32
As-Sajdah
33
Al-Ahzab
34
Saba
35
Faatir
36
Ya-Sin
37
As-Saffat
38
Sad
39
Az-Zumar
40
Ghafir
41
Fussilat
42
sh-Shuraa
43
Az-Zukhruf
44
Ad-Dukhan
45
Al-Jathiyah
46
Al-Ahqaf
47
Muhammad
48
Al-Fath
49
Al-Hujurat
50
Qaf
51
Adh-Dhariyat
52
At-Tur
53
An-Najm
54
Al-Qamar
55
Ar-Rahman
56
Al-Waqi`ah
57
Al-Hadid
58
Al-Mujadila
59
Al-Hashr
60
Al-Mumtahanah
61
As-Saf
62
Al-Jumu`ah
63
Al-Munafiqun
64
At-Taghabun
65
At-Talaq
66
At-Tahrim
67
Al-Mulk
68
Al-Qalam
69
Al-Haqqah
70
Al-Ma`arij
71
Nuh
72
Al-Jinn
73
Al-Muzzammil
74
Al-Muddaththir
75
Al-Qiyamah
76
Al-Insan
77
Al-Mursalat
78
An-Naba
79
An-Nazi`at
80
Abasa
81
At-Takwir
82
Al-Infitar
83
Al-Mutaffifin
84
Al-Inshiqaq
85
Al-Buruj
86
At-Tariq
87
Al-A`la
88
Al-Ghashiyah
89
Al-Fajr
90
Al-Balad
91
Ash-Shams
92
Al-Layl
93
Ad-Duhaa
94
Ash-Sharh
95
At-Tin
96
Al-`Alaq
97
Al-Qadr
98
Al-Bayyinah
99
Az-Zalzalah
100
Al-`Adiyat
101
Al-Qari`ah
102
At-Takathur
103
Al-`Asr
104
Al-Humazah
105
Al-Fil
106
Quraysh
107
Al-Ma`un
108
Al-Kawthar
109
Al-Kafirun
110
An-Nasr
111
Al-Masad
112
Al-Ikhlas
113
Al-Falaq
114
An-Nas