Nuh - قرآن - هارون يحييٰ
-
1. بيشڪ اسان نوح کي سندس قوم ڏانھن موڪليو ته پنھنجي قوم کي انھن وٽ ڏکوئيندڙ عذاب جي پھچڻ کان اڳ ۾ ڊيڄار.
-
2. چيائين ته اي منھنجي قوم بيشڪ آءٌ اوھان لاءِ پڌرو ڊيڄاريندڙ آھيان.
-
3. ته الله جي عبادت ڪريو ۽ کانئس ڊڄو ۽ منھنجو چيو مڃيو.
-
4. ته اوھان جا گناھ اوھان کي بخشي ۽ اوھان کي ٺھرايل وقت تائين ڍر ڏئي، بيشڪ الله جو ٺھرايل وقت ايندو (تڏھن) ان کي ڍر نه ڏبي، جيڪڏھن ڄاڻندا آھيو.
-
5. (نوح) چيو ته اي منھنجا پالڻھار بيشڪ آءٌ پنھنجي قوم کي رات ۽ ڏينھن سڏيندو رھيس.
-
6. پوءِ منھنجي سڏڻ سندن حق ۾ ڀڄڻ کانسواءِ (ٻيو) ڪي نه وڌايو.
-
7. ۽ بيشڪ مون جڏھن به انھن کي سڏيو ته تون انھن کي بخشين (تڏھن) پنھنجيون آڱريون پنھنجن ڪَنن ۾ وڌائون ۽ پنھنجا ڪپڙا پاڻ تي ويڙھيائون ۽ (ڪُفر تي) قائم رھيا ۽ تمام گھڻو ھٺ ڪيائون.
-
8. وري بيشڪ مون اُنھن کي ڏاڍيان سڏيو.
-
9. وري بيشڪ مون انھن کي ظاھر ظھور چيو ۽ انھن کي ڳجھي طرح (به) چيم.
-
10. پوءِ چيم ته پنھنجي پالڻھار کان بخشش گھرو، ڇوته اُھو بخشڻھار آھي.
-
11. ته گھڻو وسندڙ مينھن اوھان تي لڳولڳ وسائي.
-
12. ۽ اوھان کي مال ۽ پٽ گھڻا ڏئي ۽ اوھان کي باغ ڏئي ۽ اوھان کي نَھرون بڻائي ڏي.
-
13. اوھان کي ڇا (ٿيو) آھي جو الله جي وڏائي جو ويساھ نه ٿا رکو.
-
14. حالانڪ اوھان کي قسمن قسمن ۾ بڻايائين.
-
15. نه ڏسندا آھيو ڇا ته الله ڪيئن ستن آسمانن کي طبقا طبقا بڻايو.
-
16. ۽ انھن ۾ چنڊ کي روشن ڪيائين ۽ سج کي (چمڪندڙ) ڏيئو ڪيائين.
-
17. ۽ الله اوھان کي زمين منجھان ھڪڙي ڄمائڻ طرح ڄمايو.
-
18. وري اوھان کي زمين ۾ موٽائي نيندو ۽ وري اوھان کي پوري طرح ٻاھر ڪڍندو.
-
19. ۽ الله اوھان لاءِ زمين کي وڇاڻو بڻايو.
-
20. ته اُن ۾ ويڪرين واٽن سان ھلو.
-
21. نوح چيو ته اي منھنجا پالڻھار بيشڪ انھن منھنجو چيو نه مڃيو ۽ اُنھن جي پويان لڳا جن جي حق ۾ سندن مال ۽ سندن اولاد ڇيئي کانسواءِ (ٻيو) ڪي نه وڌايو.
-
22. ۽ انھن تمام وڏو فريب پکيڙيو.
-
23. ۽ چيائون ته پنھنجن بُتن کي ڪڏھن نه ڇڏيو ۽ نڪي وَد ۽ نڪي سُوَاع ۽ نڪي يَغُوث ۽ يَعُوق ۽ نَسۡر کي ڇڏيو.
-
24. ۽ بيشڪ گھڻن کي گمراھ ڪيائون، ۽ (اي الله) ظالمن کي گمراھيءَ کانسواءِ (ٻيو) ڪي وڌيڪ نه ڏي.
-
25. انھن کي سندن گناھن جي سبب ڪري ٻوڙيو ويو وري انھن کي باھ ۾ داخل ڪيو ويو، پوءِ الله کانسواءِ (ٻيو) ڪو پاڻ لاءِ مددگار نه لڌائون.
-
26. ۽ نُوح چيو ته اي منھنجا پالڻھار ڪافرن مان ڪو زمين تي رھندڙ نه ڇڏ.
-
27. بيشڪ تون جيڪڏھن انھن کي ڇڏيندين ته تنھنجن ٻانھن کي گمراھ ڪندا ۽ اُھي بدڪار مُنڪر کانسواءِ (ٻيو) نه ڄڻيندا.
-
28. اي منھنجا پالڻھار مون کي ۽ منھنجي ماءُ پيءُ کي بخش ۽ جيڪو منھنجي گھر ۾ مؤمن ٿي اچي تنھن کي ۽ سڀني مؤمنن ۽ مؤمنياڻين کي (بخش)، ۽ ظالمن کي ھلاڪيءَ کانسواءِ (ٻيو) ڪي وڌيڪ نه ڏي.
شيئر ڪريو
1
Al-Fatihah
2
Al Baqara
3
Ali `Imran
4
An-Nisa
5
Al-Ma`idah
6
Al-An`am
7
Al-A`raf
8
Al-Anfal
9
At-Tawbah
10
Yunus
11
Hud
12
Yusuf
13
Ar-Ra`d
14
Ibrahim
15
Al-Hijr
16
An-Nahl
17
Al-Isra
18
Al-Kahf
19
Maryam
20
Taha
21
Al-Anbya
22
Al-Haj
23
Al-Mu`minun
24
An-Nur
25
Al-Furqan
26
Ash-Shu`ara
27
An-Naml
28
Al-Qasas
29
Al-`Ankabut
30
Ar-Rum
31
Luqman
32
As-Sajdah
33
Al-Ahzab
34
Saba
35
Faatir
36
Ya-Sin
37
As-Saffat
38
Sad
39
Az-Zumar
40
Ghafir
41
Fussilat
42
sh-Shuraa
43
Az-Zukhruf
44
Ad-Dukhan
45
Al-Jathiyah
46
Al-Ahqaf
47
Muhammad
48
Al-Fath
49
Al-Hujurat
50
Qaf
51
Adh-Dhariyat
52
At-Tur
53
An-Najm
54
Al-Qamar
55
Ar-Rahman
56
Al-Waqi`ah
57
Al-Hadid
58
Al-Mujadila
59
Al-Hashr
60
Al-Mumtahanah
61
As-Saf
62
Al-Jumu`ah
63
Al-Munafiqun
64
At-Taghabun
65
At-Talaq
66
At-Tahrim
67
Al-Mulk
68
Al-Qalam
69
Al-Haqqah
70
Al-Ma`arij
71
Nuh
72
Al-Jinn
73
Al-Muzzammil
74
Al-Muddaththir
75
Al-Qiyamah
76
Al-Insan
77
Al-Mursalat
78
An-Naba
79
An-Nazi`at
80
Abasa
81
At-Takwir
82
Al-Infitar
83
Al-Mutaffifin
84
Al-Inshiqaq
85
Al-Buruj
86
At-Tariq
87
Al-A`la
88
Al-Ghashiyah
89
Al-Fajr
90
Al-Balad
91
Ash-Shams
92
Al-Layl
93
Ad-Duhaa
94
Ash-Sharh
95
At-Tin
96
Al-`Alaq
97
Al-Qadr
98
Al-Bayyinah
99
Az-Zalzalah
100
Al-`Adiyat
101
Al-Qari`ah
102
At-Takathur
103
Al-`Asr
104
Al-Humazah
105
Al-Fil
106
Quraysh
107
Al-Ma`un
108
Al-Kawthar
109
Al-Kafirun
110
An-Nasr
111
Al-Masad
112
Al-Ikhlas
113
Al-Falaq
114
An-Nas