93. Ad-Duhaa - قُرآن
- 1. مٿي آيل ڏينھن جو قسم آھي.
- 2. ۽ رات جو (قسم) آھي، جڏھن ڍَڪي ٿي.
- 3. ته (اي پيغمبر) تنھنجي پالڻھار توکي نه ڇڏيو ۽ نڪي ناراض ٿيو.
- 4. ۽ بيشڪ آخرت تولاءِ دنيا کان گھڻو چڱي آھي.
- 5. ۽ تنھنجو پالڻھار سگھوئي توکي (ايترو) ڏيندو جو (تون) خوش ٿيندين.
- 6. توکي يتيم نه ڏٺائين ڇا پوءِ (توکي) جاءِ ڏنائين.
- 7. ۽ توکي ناواقف ڏٺائين پوءِ (شريعت جي) رستي لاتائين.
- 8. ۽ توکي مسڪين ڏٺائين پوءِ آسودو ڪيائين.
- 9. تنھنڪري يتيم تي تون ڏاڍ نه ڪر.
- 10. ۽ سُوالي کي نه جھڻڪ.
- 11. ۽ پنھنجي پالڻھار جي نعمت جو بيان ڪندو رھ.