HARUN YAHYA
Sindhi / سنڌي ، सिन्ध
SD
قرآن
Al-Mursalat
1. چڱين گُھلندڙن ھيرُن جو قسم آھي.
2. پوءِ زور سان لڳڻ وارن وائن جو قسم آھي.
3. ۽ (ڪڪرن کي) کڻندڙن پکيڙيندڙن وائن جو قسم آھي.
4. پوءِ (ڪڪرن کي) ھڪ ٻئي کان جدا ڪندڙ وائن جو قسم آھي.
5. پوءِ وحي آڻيندڙن ملائڪن جو قسم آھي.
6. (جي) عذر وڃائڻ لاءِ يا ڊيڄارڻ لاءِ (وحي) آڻيندا آھن.
7. ته بيشڪ جنھن (ڳالھ) جو اوھان کي انجام ڏجي ٿو سا ضرور ٿيڻي آھي.
8. پوءِ جڏھن تارا ميٽي ڇڏبا.
9. ۽ جڏھن آسمان چيربو.
10. ۽ جڏھن جبل اڏائبا.
11. ۽ جڏھن پيغمبر (ٺھرايل وقت تي) گڏ ڪبا.
12. (تڏھن ثابت ٿيندو ته پيغمبرن کي) ڪھڙي ڏينھن لاءِ ترسايو ويو.
13. فيصلي جي ڏينھن لاءِ.
14. ۽ توکي ڪھڙي شيءَ ڄاڻايو ته فيصلو جو ڏينھن ڇا آھي.
15. اُن ڏينھن ڪوڙ ڀائيندڙن لاءِ خرابي آھي.
16. پھرين کي ھلاڪ نه ڪيو اٿون ڇا؟
17. وري (اُن کانپوءِ) پوين کي انھن جي پٺيان آڻيندا آھيون.
18. ائين ڏوھارين سان ڪندا آھيون.
19. اُن ڏينھن ڪوڙ ڀائيندڙن لاءِ خرابي آھي.
20. اوھان کي خسيس پاڻي مان نه بڻايو اٿون ڇا؟
21. پوءِ اُن کي ھڪ پختي ھنڌ ۾ رکيوسون.
22. ھڪ مُقرّر وقت تائين.
23. پوءِ (بڻاوت ۾) پورو ڪيوسون جو (اسين) چڱي سگھ وارا آھيون.
24. اُن ڏينھن ڪوڙ ڀائيندڙن لاءِ خرابي آھي.
25. زمين کي ماپائڻ واري نه ڪئي اٿون ڇا؟
26. (جو) جيئرن ۽ مُئن کي (ماپائي).
27. ۽ زمين ۾ اُچا جبل ڪياسون ۽ اوھان کي مٺو پاڻي پياريوسون.
28. اُن ڏينھن ڪوڙ ڀائيندڙن لاءِ خرابي آھي.
29. (چيو ويندو ته ھاڻي) جنھن (دوزخ) کي اوھين ڪوڙ ڀائيندا ھوا تنھن ڏانھن وڃو.
30. (چئبن ته) ٽن شاخن واريءَ ڇانوَ ڏانھن وڃو.
31. نه ٿڌي ڇانوَ ھوندي ۽ نه (باھ جي) توَ کان توکي بچائيندي.
32. بيشڪ اُھا (باھ) ماڙيءَ جيڏيون چڻنگون اڇليندي آھي.
33. ڄڻ ته اُھي ھيڊا اُٺ آھن.
34. اُن ڏينھن ڪوڙ ڀائيندڙن لاءِ خرابي آھي.
35. اُھو ڏينھن اُھو آھي جنھن ۾ نه ڳالھائيندا.
36. ۽ نڪي کين موڪل ڏبي ته (ڪو) عذر (بيان) ڪن.
37. اُن ڏينھن ڪوڙ ڀائيندڙن لاءِ خرابي آھي.
38. ھيءُ فيصلي جو ڏينھن آھي، اوھان کي ۽ اڳين کي گڏ ڪيوسون.
39. پوءِ جيڪڏھن اوھان کي بڇڙي رِٿ ڪرڻي آھي ته منھنجي حق ۾ رٿيو.
40. اُن ڏينھن ڪوڙ ڀائيندڙن لاءِ خرابي آھي.
41. بيشڪ پرھيزگار ڇانوَن ۽ چشمن ۾ ھوندا.
42. ۽ جنھن جنس مان گھرندا (تنھن جنس جي) ميون ۾ ھوندا.
43. (چئبن ته) چڱا ڪم ڪندا ھئو تنھنڪري خوش ٿي کائو ۽ پيئو.
44. بيشڪ اسين نيڪن کي ائين بدلو ڏيندا آھيون.
45. اُن ڏينھن ڪوڙ ڀائيندڙن لاءِ خرابي آھي.
46. (اي ڪوڙ ڀائيندڙؤ دنيا ۾) ٿوري دير کائي وٺو ۽ آسودا رھو بيشڪ اوھين ڏوھاري آھيو.
47. اُن ڏينھن ڪوڙ ڀائيندڙن لاءِ خرابي آھي.
48. ۽ جڏھن کين چئجي ته نماز پڙھو (ته) نماز نه پڙھندا آھن.
49. اُن ڏينھن ڪوڙ ڀائيندڙن لاءِ خرابي آھي.
50. پوءِ اُن (قرآن) کانپوءِ ڪھڙي ڳالھ تي ويساھ رکندا.
شيئر ڪريو
1. Al-Fatihah
2. Al Baqara
3. Ali `Imran
4. An-Nisa
5. Al-Ma`idah
6. Al-An`am
7. Al-A`raf
8. Al-Anfal
9. At-Tawbah
10. Yunus
11. Hud
12. Yusuf
13. Ar-Ra`d
14. Ibrahim
15. Al-Hijr
16. An-Nahl
17. Al-Isra
18. Al-Kahf
19. Maryam
20. Taha
21. Al-Anbya
22. Al-Haj
23. Al-Mu`minun
24. An-Nur
25. Al-Furqan
26. Ash-Shu`ara
27. An-Naml
28. Al-Qasas
29. Al-`Ankabut
30. Ar-Rum
31. Luqman
32. As-Sajdah
33. Al-Ahzab
34. Saba
35. Faatir
36. Ya-Sin
37. As-Saffat
38. Sad
39. Az-Zumar
40. Ghafir
41. Fussilat
42. sh-Shuraa
43. Az-Zukhruf
44. Ad-Dukhan
45. Al-Jathiyah
46. Al-Ahqaf
47. Muhammad
48. Al-Fath
49. Al-Hujurat
50. Qaf
51. Adh-Dhariyat
52. At-Tur
53. An-Najm
54. Al-Qamar
55. Ar-Rahman
56. Al-Waqi`ah
57. Al-Hadid
58. Al-Mujadila
59. Al-Hashr
60. Al-Mumtahanah
61. As-Saf
62. Al-Jumu`ah
63. Al-Munafiqun
64. At-Taghabun
65. At-Talaq
66. At-Tahrim
67. Al-Mulk
68. Al-Qalam
69. Al-Haqqah
70. Al-Ma`arij
71. Nuh
72. Al-Jinn
73. Al-Muzzammil
74. Al-Muddaththir
75. Al-Qiyamah
76. Al-Insan
77. Al-Mursalat
78. An-Naba
79. An-Nazi`at
80. Abasa
81. At-Takwir
82. Al-Infitar
83. Al-Mutaffifin
84. Al-Inshiqaq
85. Al-Buruj
86. At-Tariq
87. Al-A`la
88. Al-Ghashiyah
89. Al-Fajr
90. Al-Balad
91. Ash-Shams
92. Al-Layl
93. Ad-Duhaa
94. Ash-Sharh
95. At-Tin
96. Al-`Alaq
97. Al-Qadr
98. Al-Bayyinah
99. Az-Zalzalah
100. Al-`Adiyat
101. Al-Qari`ah
102. At-Takathur
103. Al-`Asr
104. Al-Humazah
105. Al-Fil
106. Quraysh
107. Al-Ma`un
108. Al-Kawthar
109. Al-Kafirun
110. An-Nasr
111. Al-Masad
112. Al-Ikhlas
113. Al-Falaq
114. An-Nas