logo HARUN YAHYA

Al-Mursalat - قرآن - هارون يحييٰ

  • 1. چڱين گُھلندڙن ھيرُن جو قسم آھي.
  • 2. پوءِ زور سان لڳڻ وارن وائن جو قسم آھي.
  • 3. ۽ (ڪڪرن کي) کڻندڙن پکيڙيندڙن وائن جو قسم آھي.
  • 4. پوءِ (ڪڪرن کي) ھڪ ٻئي کان جدا ڪندڙ وائن جو قسم آھي.
  • 5. پوءِ وحي آڻيندڙن ملائڪن جو قسم آھي.
  • 6. (جي) عذر وڃائڻ لاءِ يا ڊيڄارڻ لاءِ (وحي) آڻيندا آھن.
  • 7. ته بيشڪ جنھن (ڳالھ) جو اوھان کي انجام ڏجي ٿو سا ضرور ٿيڻي آھي.
  • 8. پوءِ جڏھن تارا ميٽي ڇڏبا.
  • 9. ۽ جڏھن آسمان چيربو.
  • 10. ۽ جڏھن جبل اڏائبا.
  • 11. ۽ جڏھن پيغمبر (ٺھرايل وقت تي) گڏ ڪبا.
  • 12. (تڏھن ثابت ٿيندو ته پيغمبرن کي) ڪھڙي ڏينھن لاءِ ترسايو ويو.
  • 13. فيصلي جي ڏينھن لاءِ.
  • 14. ۽ توکي ڪھڙي شيءَ ڄاڻايو ته فيصلو جو ڏينھن ڇا آھي.
  • 15. اُن ڏينھن ڪوڙ ڀائيندڙن لاءِ خرابي آھي.
  • 16. پھرين کي ھلاڪ نه ڪيو اٿون ڇا؟
  • 17. وري (اُن کانپوءِ) پوين کي انھن جي پٺيان آڻيندا آھيون.
  • 18. ائين ڏوھارين سان ڪندا آھيون.
  • 19. اُن ڏينھن ڪوڙ ڀائيندڙن لاءِ خرابي آھي.
  • 20. اوھان کي خسيس پاڻي مان نه بڻايو اٿون ڇا؟
  • 21. پوءِ اُن کي ھڪ پختي ھنڌ ۾ رکيوسون.
  • 22. ھڪ مُقرّر وقت تائين.
  • 23. پوءِ (بڻاوت ۾) پورو ڪيوسون جو (اسين) چڱي سگھ وارا آھيون.
  • 24. اُن ڏينھن ڪوڙ ڀائيندڙن لاءِ خرابي آھي.
  • 25. زمين کي ماپائڻ واري نه ڪئي اٿون ڇا؟
  • 26. (جو) جيئرن ۽ مُئن کي (ماپائي).
  • 27. ۽ زمين ۾ اُچا جبل ڪياسون ۽ اوھان کي مٺو پاڻي پياريوسون.
  • 28. اُن ڏينھن ڪوڙ ڀائيندڙن لاءِ خرابي آھي.
  • 29. (چيو ويندو ته ھاڻي) جنھن (دوزخ) کي اوھين ڪوڙ ڀائيندا ھوا تنھن ڏانھن وڃو.
  • 30. (چئبن ته) ٽن شاخن واريءَ ڇانوَ ڏانھن وڃو.
  • 31. نه ٿڌي ڇانوَ ھوندي ۽ نه (باھ جي) توَ کان توکي بچائيندي.
  • 32. بيشڪ اُھا (باھ) ماڙيءَ جيڏيون چڻنگون اڇليندي آھي.
  • 33. ڄڻ ته اُھي ھيڊا اُٺ آھن.
  • 34. اُن ڏينھن ڪوڙ ڀائيندڙن لاءِ خرابي آھي.
  • 35. اُھو ڏينھن اُھو آھي جنھن ۾ نه ڳالھائيندا.
  • 36. ۽ نڪي کين موڪل ڏبي ته (ڪو) عذر (بيان) ڪن.
  • 37. اُن ڏينھن ڪوڙ ڀائيندڙن لاءِ خرابي آھي.
  • 38. ھيءُ فيصلي جو ڏينھن آھي، اوھان کي ۽ اڳين کي گڏ ڪيوسون.
  • 39. پوءِ جيڪڏھن اوھان کي بڇڙي رِٿ ڪرڻي آھي ته منھنجي حق ۾ رٿيو.
  • 40. اُن ڏينھن ڪوڙ ڀائيندڙن لاءِ خرابي آھي.
  • 41. بيشڪ پرھيزگار ڇانوَن ۽ چشمن ۾ ھوندا.
  • 42. ۽ جنھن جنس مان گھرندا (تنھن جنس جي) ميون ۾ ھوندا.
  • 43. (چئبن ته) چڱا ڪم ڪندا ھئو تنھنڪري خوش ٿي کائو ۽ پيئو.
  • 44. بيشڪ اسين نيڪن کي ائين بدلو ڏيندا آھيون.
  • 45. اُن ڏينھن ڪوڙ ڀائيندڙن لاءِ خرابي آھي.
  • 46. (اي ڪوڙ ڀائيندڙؤ دنيا ۾) ٿوري دير کائي وٺو ۽ آسودا رھو بيشڪ اوھين ڏوھاري آھيو.
  • 47. اُن ڏينھن ڪوڙ ڀائيندڙن لاءِ خرابي آھي.
  • 48. ۽ جڏھن کين چئجي ته نماز پڙھو (ته) نماز نه پڙھندا آھن.
  • 49. اُن ڏينھن ڪوڙ ڀائيندڙن لاءِ خرابي آھي.
  • 50. پوءِ اُن (قرآن) کانپوءِ ڪھڙي ڳالھ تي ويساھ رکندا.
شيئر ڪريو
Facebook
X
WhatsApp
Telegram
QR Code
QR Code