Al-Ma`arij - قرآن - هارون يحييٰ
-
1. ھڪ سوال ڪندڙ ڪافرن تي پوندڙ عذاب جو سوال ڪيو.
-
2. جنھن کي ڪو ھٽائڻ وارو نه آھي.
-
3. جو وڏن مرتبن واري الله جي طرف کان (پوندڙ) آھي.
-
4. جنھن ڏينھن جي ڊيگھ پنجاھ ھزار ورھيه آھي تنھن ۾ ملائڪ ۽ جبرئيل الله ڏانھن چڙھندا.
-
5. تنھنڪري تون چڱو صبر ڪر.
-
6. ڇوته ڪافر انھيءَ (ڏينھن) کي پري ڏسن ٿا.
-
7. ۽ اسين اُن کي ويجھو ٿا ڏسون.
-
8. جنھن ڏينھن آسمان پگھريل ٽامي وانگر ٿيندو.
-
9. ۽ جبل رڱيل اُن جان ٿيندا.
-
10. ۽ ڪو مائٽ ڪنھن ٻئي مائٽ کان نه پڇندو.
-
11. (توڙي جو) اُھي کين ڏسڻ ۾ ايندا، گنھگار گھرندو ته جيڪر اُن ڏينھن جي عذاب جي بدران پنھنجا پُٽ بدلو ڏئي.
-
12. ۽ پنھنجي زال ۽ پنھنجو ڀاءُ (به).
-
13. ۽ پنھنجو اُھو سارو قبيلو (به) جنھن کيس ٽڪايو ٿي.
-
14. ۽ اُھو (به) جيڪي سڀئي زمين ۾ آھي پوءِ سندس اھو (بدلو ڏيڻ) ڇڏائيس.
-
15. ائين نه آھي، بيشڪ اِھو (دوزخ) الانبن واري باھ آھي.
-
16. مَٿي جي کَل کي ڇڪيندڙ آھي.
-
17. جيڪو (خدا کان) پٺيرو ٿيو ۽ منھن موڙيائين تنھنکي سڏي ٿي.
-
18. ۽ (مال) گڏ ڪيائين پوءِ سانڀيائين.
-
19. بيشڪ ماڻھو حرص وارو پيدا ٿيل آھي.
-
20. جڏھن (ڪو) ڏُک پھچندو اٿس (ته) دانھون ڪندو آھي.
-
21. ۽ جڏھن ڪو سُک پھچندو اٿس (ته) ڪنجوس ٿيندو آھي.
-
22. پر (اُھي) نمازي (نه).
-
23. جيڪي پنھنجي نماز تي ھميشه پورا آھن.
-
24. ۽ اُھي (به) جن جي مالن ۾ (خداءَ جو) حصّو مقرر ٿيل آھي.
-
25. سوال ڪندڙ ۽ نه سوال ڪندڙن لاءِ.
-
26. ۽ اُھي جيڪي قيامت جي ڏينھن جو يقين رکندا آھن.
-
27. ۽ اُھي جيڪي پنھنجي پالڻھار جي عذاب کان ڊڄڻ وارا آھن.
-
28. بيشڪ سندس پالڻھار جو عذاب (اھڙو آھي) جنھن کان بچي نه سگھبو.
-
29. ۽ اُھي جيڪي پنھنجين اگھڙن کي نگاھ رکڻ وارا آھن.
-
30. پنھنجين زالن يا پنھنجين ٻانھين کانسواءِ پوءِ بيشڪ اُھي ملامت وارا نه آھن.
-
31. پوءِ جيڪي اُن کانسواءِ (ٻي ڳالھ) طلبيندا سي ئي حد کان لنگھڻ وارا آھن.
-
32. ۽ اُھي جيڪي پنھنجين امانتن کي ۽ پنھنجن انجامن کي پوري ڪرڻ وارا آھن.
-
33. ۽ اُھي جيڪي پنھنجين شاھدين تي قائم آھن.
-
34. ۽ اُھي جيڪي پنھنجي نماز جي سنڀال ڪندڙ آھن.
-
35. اُھي (بھشت جي) باغن ۾ عزت سان رھندا.
-
36. پوءِ ڪافرن کي ڇا (ٿيو) آھي جو توڏانھن ڪنڌ کڻي ڊوڙندا آھن.
-
37. سڄي پاسي کان ۽ کٻي پاسي کان ٽوليون ٽوليون ٿي.
-
38. منجھائن سڀڪو شخص نعمت واري بھشت جي گھڙڻ جي طمع ڪري ٿو ڇا؟
-
39. ائين نه آھي، بيشڪ اسان اُنھن کي اُنھيءَ شيءِ مان پيدا ڪيو آھي جنھنجي خبر اٿن.
-
40. پوءِ اُڀرندن ۽ اُلھندن جي پالڻھار جو قسم کڻان ٿو ته بيشڪ اسين وسوارا آھيون.
-
41. ھن (ڳالھ) تي جو اُنھن کان چڱا (ٻيا) مٽائي آڻيون ۽ اسين ڪي عاجز ٿيڻ وارا نه آھيون.
-
42. پوءِ (اي پيغمبر) انھن کي (ايسين) ٺاھ ٺاھيندو ۽ راند ڪندو ڇڏي ڏي جيسين اُھي پنھنجو اُھو ڏينھن ڏسن جنھن جو کين انجام ڏجي ٿو.
-
43. جنھن ڏينھن قبرن مان ڊوڙندا نڪرندا ڄڻ ته اُھي ڪنھن جھنڊي ڏانھن ڊڪن ٿا.
-
44. ان وقت سندن اکيون جھڪيون ھونديون انھن کي خواري وٺي ويندي، اِھو اُھو ڏينھن آھي جنھن جو کين انجام ڏنو ٿي ويو.
شيئر ڪريو
1
Al-Fatihah
2
Al Baqara
3
Ali `Imran
4
An-Nisa
5
Al-Ma`idah
6
Al-An`am
7
Al-A`raf
8
Al-Anfal
9
At-Tawbah
10
Yunus
11
Hud
12
Yusuf
13
Ar-Ra`d
14
Ibrahim
15
Al-Hijr
16
An-Nahl
17
Al-Isra
18
Al-Kahf
19
Maryam
20
Taha
21
Al-Anbya
22
Al-Haj
23
Al-Mu`minun
24
An-Nur
25
Al-Furqan
26
Ash-Shu`ara
27
An-Naml
28
Al-Qasas
29
Al-`Ankabut
30
Ar-Rum
31
Luqman
32
As-Sajdah
33
Al-Ahzab
34
Saba
35
Faatir
36
Ya-Sin
37
As-Saffat
38
Sad
39
Az-Zumar
40
Ghafir
41
Fussilat
42
sh-Shuraa
43
Az-Zukhruf
44
Ad-Dukhan
45
Al-Jathiyah
46
Al-Ahqaf
47
Muhammad
48
Al-Fath
49
Al-Hujurat
50
Qaf
51
Adh-Dhariyat
52
At-Tur
53
An-Najm
54
Al-Qamar
55
Ar-Rahman
56
Al-Waqi`ah
57
Al-Hadid
58
Al-Mujadila
59
Al-Hashr
60
Al-Mumtahanah
61
As-Saf
62
Al-Jumu`ah
63
Al-Munafiqun
64
At-Taghabun
65
At-Talaq
66
At-Tahrim
67
Al-Mulk
68
Al-Qalam
69
Al-Haqqah
70
Al-Ma`arij
71
Nuh
72
Al-Jinn
73
Al-Muzzammil
74
Al-Muddaththir
75
Al-Qiyamah
76
Al-Insan
77
Al-Mursalat
78
An-Naba
79
An-Nazi`at
80
Abasa
81
At-Takwir
82
Al-Infitar
83
Al-Mutaffifin
84
Al-Inshiqaq
85
Al-Buruj
86
At-Tariq
87
Al-A`la
88
Al-Ghashiyah
89
Al-Fajr
90
Al-Balad
91
Ash-Shams
92
Al-Layl
93
Ad-Duhaa
94
Ash-Sharh
95
At-Tin
96
Al-`Alaq
97
Al-Qadr
98
Al-Bayyinah
99
Az-Zalzalah
100
Al-`Adiyat
101
Al-Qari`ah
102
At-Takathur
103
Al-`Asr
104
Al-Humazah
105
Al-Fil
106
Quraysh
107
Al-Ma`un
108
Al-Kawthar
109
Al-Kafirun
110
An-Nasr
111
Al-Masad
112
Al-Ikhlas
113
Al-Falaq
114
An-Nas