HARUN YAHYA
Sindhi / سنڌي ، सिन्ध
SD
قرآن
Al-Ma`arij
1. ھڪ سوال ڪندڙ ڪافرن تي پوندڙ عذاب جو سوال ڪيو.
2. جنھن کي ڪو ھٽائڻ وارو نه آھي.
3. جو وڏن مرتبن واري الله جي طرف کان (پوندڙ) آھي.
4. جنھن ڏينھن جي ڊيگھ پنجاھ ھزار ورھيه آھي تنھن ۾ ملائڪ ۽ جبرئيل الله ڏانھن چڙھندا.
5. تنھنڪري تون چڱو صبر ڪر.
6. ڇوته ڪافر انھيءَ (ڏينھن) کي پري ڏسن ٿا.
7. ۽ اسين اُن کي ويجھو ٿا ڏسون.
8. جنھن ڏينھن آسمان پگھريل ٽامي وانگر ٿيندو.
9. ۽ جبل رڱيل اُن جان ٿيندا.
10. ۽ ڪو مائٽ ڪنھن ٻئي مائٽ کان نه پڇندو.
11. (توڙي جو) اُھي کين ڏسڻ ۾ ايندا، گنھگار گھرندو ته جيڪر اُن ڏينھن جي عذاب جي بدران پنھنجا پُٽ بدلو ڏئي.
12. ۽ پنھنجي زال ۽ پنھنجو ڀاءُ (به).
13. ۽ پنھنجو اُھو سارو قبيلو (به) جنھن کيس ٽڪايو ٿي.
14. ۽ اُھو (به) جيڪي سڀئي زمين ۾ آھي پوءِ سندس اھو (بدلو ڏيڻ) ڇڏائيس.
15. ائين نه آھي، بيشڪ اِھو (دوزخ) الانبن واري باھ آھي.
16. مَٿي جي کَل کي ڇڪيندڙ آھي.
17. جيڪو (خدا کان) پٺيرو ٿيو ۽ منھن موڙيائين تنھنکي سڏي ٿي.
18. ۽ (مال) گڏ ڪيائين پوءِ سانڀيائين.
19. بيشڪ ماڻھو حرص وارو پيدا ٿيل آھي.
20. جڏھن (ڪو) ڏُک پھچندو اٿس (ته) دانھون ڪندو آھي.
21. ۽ جڏھن ڪو سُک پھچندو اٿس (ته) ڪنجوس ٿيندو آھي.
22. پر (اُھي) نمازي (نه).
23. جيڪي پنھنجي نماز تي ھميشه پورا آھن.
24. ۽ اُھي (به) جن جي مالن ۾ (خداءَ جو) حصّو مقرر ٿيل آھي.
25. سوال ڪندڙ ۽ نه سوال ڪندڙن لاءِ.
26. ۽ اُھي جيڪي قيامت جي ڏينھن جو يقين رکندا آھن.
27. ۽ اُھي جيڪي پنھنجي پالڻھار جي عذاب کان ڊڄڻ وارا آھن.
28. بيشڪ سندس پالڻھار جو عذاب (اھڙو آھي) جنھن کان بچي نه سگھبو.
29. ۽ اُھي جيڪي پنھنجين اگھڙن کي نگاھ رکڻ وارا آھن.
30. پنھنجين زالن يا پنھنجين ٻانھين کانسواءِ پوءِ بيشڪ اُھي ملامت وارا نه آھن.
31. پوءِ جيڪي اُن کانسواءِ (ٻي ڳالھ) طلبيندا سي ئي حد کان لنگھڻ وارا آھن.
32. ۽ اُھي جيڪي پنھنجين امانتن کي ۽ پنھنجن انجامن کي پوري ڪرڻ وارا آھن.
33. ۽ اُھي جيڪي پنھنجين شاھدين تي قائم آھن.
34. ۽ اُھي جيڪي پنھنجي نماز جي سنڀال ڪندڙ آھن.
35. اُھي (بھشت جي) باغن ۾ عزت سان رھندا.
36. پوءِ ڪافرن کي ڇا (ٿيو) آھي جو توڏانھن ڪنڌ کڻي ڊوڙندا آھن.
37. سڄي پاسي کان ۽ کٻي پاسي کان ٽوليون ٽوليون ٿي.
38. منجھائن سڀڪو شخص نعمت واري بھشت جي گھڙڻ جي طمع ڪري ٿو ڇا؟
39. ائين نه آھي، بيشڪ اسان اُنھن کي اُنھيءَ شيءِ مان پيدا ڪيو آھي جنھنجي خبر اٿن.
40. پوءِ اُڀرندن ۽ اُلھندن جي پالڻھار جو قسم کڻان ٿو ته بيشڪ اسين وسوارا آھيون.
41. ھن (ڳالھ) تي جو اُنھن کان چڱا (ٻيا) مٽائي آڻيون ۽ اسين ڪي عاجز ٿيڻ وارا نه آھيون.
42. پوءِ (اي پيغمبر) انھن کي (ايسين) ٺاھ ٺاھيندو ۽ راند ڪندو ڇڏي ڏي جيسين اُھي پنھنجو اُھو ڏينھن ڏسن جنھن جو کين انجام ڏجي ٿو.
43. جنھن ڏينھن قبرن مان ڊوڙندا نڪرندا ڄڻ ته اُھي ڪنھن جھنڊي ڏانھن ڊڪن ٿا.
44. ان وقت سندن اکيون جھڪيون ھونديون انھن کي خواري وٺي ويندي، اِھو اُھو ڏينھن آھي جنھن جو کين انجام ڏنو ٿي ويو.
شيئر ڪريو
1. Al-Fatihah
2. Al Baqara
3. Ali `Imran
4. An-Nisa
5. Al-Ma`idah
6. Al-An`am
7. Al-A`raf
8. Al-Anfal
9. At-Tawbah
10. Yunus
11. Hud
12. Yusuf
13. Ar-Ra`d
14. Ibrahim
15. Al-Hijr
16. An-Nahl
17. Al-Isra
18. Al-Kahf
19. Maryam
20. Taha
21. Al-Anbya
22. Al-Haj
23. Al-Mu`minun
24. An-Nur
25. Al-Furqan
26. Ash-Shu`ara
27. An-Naml
28. Al-Qasas
29. Al-`Ankabut
30. Ar-Rum
31. Luqman
32. As-Sajdah
33. Al-Ahzab
34. Saba
35. Faatir
36. Ya-Sin
37. As-Saffat
38. Sad
39. Az-Zumar
40. Ghafir
41. Fussilat
42. sh-Shuraa
43. Az-Zukhruf
44. Ad-Dukhan
45. Al-Jathiyah
46. Al-Ahqaf
47. Muhammad
48. Al-Fath
49. Al-Hujurat
50. Qaf
51. Adh-Dhariyat
52. At-Tur
53. An-Najm
54. Al-Qamar
55. Ar-Rahman
56. Al-Waqi`ah
57. Al-Hadid
58. Al-Mujadila
59. Al-Hashr
60. Al-Mumtahanah
61. As-Saf
62. Al-Jumu`ah
63. Al-Munafiqun
64. At-Taghabun
65. At-Talaq
66. At-Tahrim
67. Al-Mulk
68. Al-Qalam
69. Al-Haqqah
70. Al-Ma`arij
71. Nuh
72. Al-Jinn
73. Al-Muzzammil
74. Al-Muddaththir
75. Al-Qiyamah
76. Al-Insan
77. Al-Mursalat
78. An-Naba
79. An-Nazi`at
80. Abasa
81. At-Takwir
82. Al-Infitar
83. Al-Mutaffifin
84. Al-Inshiqaq
85. Al-Buruj
86. At-Tariq
87. Al-A`la
88. Al-Ghashiyah
89. Al-Fajr
90. Al-Balad
91. Ash-Shams
92. Al-Layl
93. Ad-Duhaa
94. Ash-Sharh
95. At-Tin
96. Al-`Alaq
97. Al-Qadr
98. Al-Bayyinah
99. Az-Zalzalah
100. Al-`Adiyat
101. Al-Qari`ah
102. At-Takathur
103. Al-`Asr
104. Al-Humazah
105. Al-Fil
106. Quraysh
107. Al-Ma`un
108. Al-Kawthar
109. Al-Kafirun
110. An-Nasr
111. Al-Masad
112. Al-Ikhlas
113. Al-Falaq
114. An-Nas