An-Nazi`at - قرآن - هارون يحييٰ
-
1. اندر گھڙي ڇڪي آئيندڙن جو قسم آھي.
-
2. ۽ کولي آسانيءَ سان ڳنڍ ڇوڙيندڙن جو قسم آھي.
-
3. ۽ چڱي طرح سان ترندڙن جو قسم آھي.
-
4. پوءِ ڊوڙي اڳرائي ڪندڙن جو قسم آھي.
-
5. پوءِ (سڀ) ڪم جي رٿيندڙن ٽولين جو قسم آھي.
-
6. ته جنھن ڏينھن ڌٻڻ واري ڌٻندي.
-
7. ان کي پٺيان لڳندڙ (ٻيو ڌوڏو) پٺيان لڳندو.
-
8. تنھن ڏينھن ڪيتريون ئي دليون ڏڪي وڃڻ واريون ھونديون.
-
9. انھن جون اکيون (خواريءَ سبب) جھڪيون ٿينديون.
-
10. چون ٿا ته اسين پوئين پيرين موٽائباسون ڇا؟
-
11. ھان جڏھن ڀُتا ھڏا ٿينداسون؟
-
12. چوندا آھن ته انھي مھل اھو ٻيھر موٽڻ (وڏو) نقصان وارو آھي.
-
13. پوءِ اھو (واقعو) ھڪڙي سخت ھڪل آھي.
-
14. پوءِ اتي جو اُتي ھڪ پڌري ميدان ۾ حاضر ٿيل ھوندا.
-
15. (اي پيغمبر) تو وٽ مُوسىٰ جي خبر پُھتي آھي ڇا؟
-
16. جڏھن سندس پالڻھار کيس پاڪ ميدان طُوىٰ ۾ سڏيو.
-
17. ته فرعون ڏانھن وڃ ڇوته ھو حد کان لنگھيو آھي.
-
18. پوءِ (ان کي) چؤ ته ھن ڏانھن خيال اٿئي ته تون سڌرجين؟
-
19. ۽ تنھنجي پالڻھار ڏانھن توکي (سڌو) رستو ڏيکاريان ته (تون اُن کان) ڊڄين.
-
20. پوءِ فرعون کي وڏي نشاني ڏيکاريائين.
-
21. پوءِ (فرعون موسى) کي ڪوڙو ڀانيو ۽ نافرماني ڪيائين.
-
22. وري (اُتان) پٺيرو ٿي تکو ھلڻ لڳو.
-
23. پوءِ (پنھنجي قوم کي) گڏ ڪيائين پوءِ سڏيائين.
-
24. پوءِ چيائين ته آءٌ اوھان جو تمام مٿاھون پالڻھار آھيان.
-
25. پوءِ الله ان کي آخرت ۽ دُنيا جي عذاب ۾ پڪڙيو.
-
26. بيشڪ ھن (قصّي) ۾ انھي لاءِ نصيحت آھي جيڪو ڊڄي.
-
27. ڀلا بڻاوت ۾ اوھين ڏکيا آھيو يا آسمان جنھن کي الله بڻايو؟
-
28. اُن جي مٿاھين بلند ڪيائين پوءِ اُن کي برابر بيھاريائين.
-
29. ۽ اُن جي رات کي اوندھ ڪيائين ۽ اُن جو سوجھرو (ڏينھن جو) پڌرو ڪيائين.
-
30. ۽ اُن کان پوءِ زمين کي وڇايائين.
-
31. اُن مان سندس پاڻي ۽ سندس گاھ ڪڍيائين.
-
32. ۽ جبلن کي مُحڪم کوڙيائين.
-
33. اوھان جي نفعي لاءِ ۽ اوھان جي ڍورن (جي نفعي) لاءِ.
-
34. پوءِ جڏھن وڏو واقعو (قيامت جو) ايندو.
-
35. اُن ڏينھن ماڻھو اھو ياد ڪندو جيڪي (دنيا ۾) ڪمايو ھوائين.
-
36. ۽ دوزخ اُنھيءَ لاءِ پڌرو ڪبو جيڪو ڏسڻ گھرندو.
-
37. پوءِ جيڪو حد کان لنگھيو ھوندو.
-
38. ۽ ھن دنيا جي حياتيءَ کي ڀَلو سمجھيائين.
-
39. تنھن جي جاءِ بيشڪ دوزخ آھي.
-
40. ۽ جيڪو پنھنجي پالڻھار جي (حضور ۾) روبرو بيھڻ کان ڊنو ۽ نفس کي سَڌ کان جھليائين.
-
41. پوءِ تنھنجي جاءِ بيشڪ بھشت آھي.
-
42. (اي پيغمبر) توکان قيامت بابت پُڇن ٿا ته اُن جو (واقعو) ٿيڻ ڪڏھن آھي؟
-
43. (اي پڇندڙ) اُن جي خبر بابت تون ڪھڙي خيال ۾ آھين؟
-
44. اُن جي پڄاڻي (جي خبر) تنھنجي پالڻھار وٽ آھي.
-
45. جيڪو قيامت کان ڊڄي رڳو تنھن لاءِ تون ڊيڄاريندڙ آھين.
-
46. جنھن ڏينھن اُن کي ڏسندا (تنھن ڏينھن) ائين ڀانئيندا ته ڄڻڪ ھڪڙي وقت سانجھي يا ان جي صبح کانسواءِ (دنيا ۾) رھيا ئي نه ھوا.
شيئر ڪريو
1
Al-Fatihah
2
Al Baqara
3
Ali `Imran
4
An-Nisa
5
Al-Ma`idah
6
Al-An`am
7
Al-A`raf
8
Al-Anfal
9
At-Tawbah
10
Yunus
11
Hud
12
Yusuf
13
Ar-Ra`d
14
Ibrahim
15
Al-Hijr
16
An-Nahl
17
Al-Isra
18
Al-Kahf
19
Maryam
20
Taha
21
Al-Anbya
22
Al-Haj
23
Al-Mu`minun
24
An-Nur
25
Al-Furqan
26
Ash-Shu`ara
27
An-Naml
28
Al-Qasas
29
Al-`Ankabut
30
Ar-Rum
31
Luqman
32
As-Sajdah
33
Al-Ahzab
34
Saba
35
Faatir
36
Ya-Sin
37
As-Saffat
38
Sad
39
Az-Zumar
40
Ghafir
41
Fussilat
42
sh-Shuraa
43
Az-Zukhruf
44
Ad-Dukhan
45
Al-Jathiyah
46
Al-Ahqaf
47
Muhammad
48
Al-Fath
49
Al-Hujurat
50
Qaf
51
Adh-Dhariyat
52
At-Tur
53
An-Najm
54
Al-Qamar
55
Ar-Rahman
56
Al-Waqi`ah
57
Al-Hadid
58
Al-Mujadila
59
Al-Hashr
60
Al-Mumtahanah
61
As-Saf
62
Al-Jumu`ah
63
Al-Munafiqun
64
At-Taghabun
65
At-Talaq
66
At-Tahrim
67
Al-Mulk
68
Al-Qalam
69
Al-Haqqah
70
Al-Ma`arij
71
Nuh
72
Al-Jinn
73
Al-Muzzammil
74
Al-Muddaththir
75
Al-Qiyamah
76
Al-Insan
77
Al-Mursalat
78
An-Naba
79
An-Nazi`at
80
Abasa
81
At-Takwir
82
Al-Infitar
83
Al-Mutaffifin
84
Al-Inshiqaq
85
Al-Buruj
86
At-Tariq
87
Al-A`la
88
Al-Ghashiyah
89
Al-Fajr
90
Al-Balad
91
Ash-Shams
92
Al-Layl
93
Ad-Duhaa
94
Ash-Sharh
95
At-Tin
96
Al-`Alaq
97
Al-Qadr
98
Al-Bayyinah
99
Az-Zalzalah
100
Al-`Adiyat
101
Al-Qari`ah
102
At-Takathur
103
Al-`Asr
104
Al-Humazah
105
Al-Fil
106
Quraysh
107
Al-Ma`un
108
Al-Kawthar
109
Al-Kafirun
110
An-Nasr
111
Al-Masad
112
Al-Ikhlas
113
Al-Falaq
114
An-Nas