• 1. (تور ۽ ماپ ۾) انھن گھٽ ڪري ڏيندڙن لاءِ ويل آھي.

  • 2. جي جڏھن (پاڻ لاءِ) ماڻھن کان مَئي وٺندا آھن ته بلڪل پورو ڪري وٺندا آھن.

  • 3. ۽ جڏھن اُنھن کي مَئي ڏيندا آھن يا کين توري ڏيندا آھن (ته) گھٽائي ڏيندا آھن.

  • 4. اھي گمان نه ٿا ڪن ڇا ته کين (ضرور) اُٿاربو.

  • 5. اُنھيءَ وڏي ڏينھن لاءِ.

  • 6. جنھن ڏينھن ماڻھو جھانن جي پالڻھار اڳيان ٿي بيھندا.

  • 7. سچ آھي ته بيشڪ بدڪارن جو اعمالنامو سجين ۾ آھي.

  • 8. ۽ ڪنھن سمجھايئي ته سجين ڇا آھي؟

  • 9. ھڪ لکيل دفتر آھي.

  • 10. اُن ڏينھن (انھن) ڪوڙ ڀانئيندڙن لاءِ ويل آھي.

  • 11. جيڪي عملن جي بدلي جي ڏينھن کي ڪوڙ ڀانئيندا آھن.

  • 12. ۽ اُن کي سڀڪنھن حد کان لنگھندڙ گنھگار کانسواءِ (ٻيو) ڪو ڪوڙ نه ڀانئيندو.

  • 13. جڏھن اسان جون آيتون کيس پڙھي ٻڌائبيون آھن ته چوندو آھي ته (اھي) اڳين جون آکاڻيون آھن.

  • 14. ائين بلڪل نه آھي! بلڪ، جيڪي ڪمائيندا ھوا تنھن جي ڪَٽ سندين دلين تي ڄمي ويئي آھي.

  • 15. ائين نه آھي پنھنجي پالڻھار (جي سامھون اچڻ) کان انھي ڏينھن روڪيل ھوندا.

  • 16. وري بيشڪ اُھي دوزخ ۾ گھڙڻ وارا ھوندا.

  • 17. وري چئبن ته ھي اُھو دوزخ آھي جنھن کي اوھين ڪوڙ ڀانئيندا ھُيؤ.

  • 18. سچ آھي بيشڪ ڀلارن جو اعمالنامو عِلّيِّيۡن ۾ آھي.

  • 19. ۽ ڪنھن سمجھايئي ته عِلِّيّين ڇا آھي؟

  • 20. ھڪ لکيل دفتر آھي.

  • 21. اُن وٽ (الله جا) مقرب حاضر رھندا آھن.

  • 22. بيشڪ ڀلارا (بھشت) جي نعمتن ۾ ھوندا.

  • 23. تختن تي ويھي نظارو پيا ڪندا.

  • 24. (سڀني پاسن کان) سندن منھن مان ئي نعمت جي تازگي پيو معلوم ڪندين.

  • 25. مھر لڳل صاف شراب مان پيو پياربن.

  • 26. جنھن جي مُھر مشڪ (جي) ھوندي، ۽ شوقينن کي جڳائي ته اُنھيءَ ۾ شوق رکن.

  • 27. اُن جي ملاوت تَسۡنِيم (جي پاڻيءَ) مان ھوندي.

  • 28. جو ھڪ چشمو آھي جنھن مان الله جا ويجھا (ٻانھا) پيئندا.

  • 29. بيشڪ ڏوھاري (دنيا ۾) مؤمنن تي کلندا ھوا.

  • 30. ۽ جڏھن وٽائن لنگھندا ھوا ته مؤمنن تي حقارت ڪري پاڻ ۾ ميڇون ڏيندا ھوا.

  • 31. ۽ جڏھن پنھنجن گھر وارن ڏانھن موٽندا ھوا (ته) ڏاڍيون خوشيون ڪندا موٽندا ھوا.

  • 32. ۽ جڏھن مؤمنن کي ڏسندا ھوا ته چوندا ھوا ته بيشڪ اُھي گمراھ آھن.

  • 33. ۽ (حقيقت ڪري) اُھي مؤمنن تي نگھبان ڪري نه موڪليا ويا ھوا.

  • 34. تنھنڪري اڄ مؤمن ڪافرن تي کِلن ٿا.

  • 35. تختن تي (ويھي) نظارو ڪن ٿا.

  • 36. (۽ چون ٿا) ته ڪافرن کي انھيءَ جو بدلو ڏنو ويو آھي ڇا جيڪي اُھي ڪندا ھوا.