Al-Mutaffifin - قرآن - هارون يحييٰ
-
1. (تور ۽ ماپ ۾) انھن گھٽ ڪري ڏيندڙن لاءِ ويل آھي.
-
2. جي جڏھن (پاڻ لاءِ) ماڻھن کان مَئي وٺندا آھن ته بلڪل پورو ڪري وٺندا آھن.
-
3. ۽ جڏھن اُنھن کي مَئي ڏيندا آھن يا کين توري ڏيندا آھن (ته) گھٽائي ڏيندا آھن.
-
4. اھي گمان نه ٿا ڪن ڇا ته کين (ضرور) اُٿاربو.
-
5. اُنھيءَ وڏي ڏينھن لاءِ.
-
6. جنھن ڏينھن ماڻھو جھانن جي پالڻھار اڳيان ٿي بيھندا.
-
7. سچ آھي ته بيشڪ بدڪارن جو اعمالنامو سجين ۾ آھي.
-
8. ۽ ڪنھن سمجھايئي ته سجين ڇا آھي؟
-
9. ھڪ لکيل دفتر آھي.
-
10. اُن ڏينھن (انھن) ڪوڙ ڀانئيندڙن لاءِ ويل آھي.
-
11. جيڪي عملن جي بدلي جي ڏينھن کي ڪوڙ ڀانئيندا آھن.
-
12. ۽ اُن کي سڀڪنھن حد کان لنگھندڙ گنھگار کانسواءِ (ٻيو) ڪو ڪوڙ نه ڀانئيندو.
-
13. جڏھن اسان جون آيتون کيس پڙھي ٻڌائبيون آھن ته چوندو آھي ته (اھي) اڳين جون آکاڻيون آھن.
-
14. ائين بلڪل نه آھي! بلڪ، جيڪي ڪمائيندا ھوا تنھن جي ڪَٽ سندين دلين تي ڄمي ويئي آھي.
-
15. ائين نه آھي پنھنجي پالڻھار (جي سامھون اچڻ) کان انھي ڏينھن روڪيل ھوندا.
-
16. وري بيشڪ اُھي دوزخ ۾ گھڙڻ وارا ھوندا.
-
17. وري چئبن ته ھي اُھو دوزخ آھي جنھن کي اوھين ڪوڙ ڀانئيندا ھُيؤ.
-
18. سچ آھي بيشڪ ڀلارن جو اعمالنامو عِلّيِّيۡن ۾ آھي.
-
19. ۽ ڪنھن سمجھايئي ته عِلِّيّين ڇا آھي؟
-
20. ھڪ لکيل دفتر آھي.
-
21. اُن وٽ (الله جا) مقرب حاضر رھندا آھن.
-
22. بيشڪ ڀلارا (بھشت) جي نعمتن ۾ ھوندا.
-
23. تختن تي ويھي نظارو پيا ڪندا.
-
24. (سڀني پاسن کان) سندن منھن مان ئي نعمت جي تازگي پيو معلوم ڪندين.
-
25. مھر لڳل صاف شراب مان پيو پياربن.
-
26. جنھن جي مُھر مشڪ (جي) ھوندي، ۽ شوقينن کي جڳائي ته اُنھيءَ ۾ شوق رکن.
-
27. اُن جي ملاوت تَسۡنِيم (جي پاڻيءَ) مان ھوندي.
-
28. جو ھڪ چشمو آھي جنھن مان الله جا ويجھا (ٻانھا) پيئندا.
-
29. بيشڪ ڏوھاري (دنيا ۾) مؤمنن تي کلندا ھوا.
-
30. ۽ جڏھن وٽائن لنگھندا ھوا ته مؤمنن تي حقارت ڪري پاڻ ۾ ميڇون ڏيندا ھوا.
-
31. ۽ جڏھن پنھنجن گھر وارن ڏانھن موٽندا ھوا (ته) ڏاڍيون خوشيون ڪندا موٽندا ھوا.
-
32. ۽ جڏھن مؤمنن کي ڏسندا ھوا ته چوندا ھوا ته بيشڪ اُھي گمراھ آھن.
-
33. ۽ (حقيقت ڪري) اُھي مؤمنن تي نگھبان ڪري نه موڪليا ويا ھوا.
-
34. تنھنڪري اڄ مؤمن ڪافرن تي کِلن ٿا.
-
35. تختن تي (ويھي) نظارو ڪن ٿا.
-
36. (۽ چون ٿا) ته ڪافرن کي انھيءَ جو بدلو ڏنو ويو آھي ڇا جيڪي اُھي ڪندا ھوا.
شيئر ڪريو
1
Al-Fatihah
2
Al Baqara
3
Ali `Imran
4
An-Nisa
5
Al-Ma`idah
6
Al-An`am
7
Al-A`raf
8
Al-Anfal
9
At-Tawbah
10
Yunus
11
Hud
12
Yusuf
13
Ar-Ra`d
14
Ibrahim
15
Al-Hijr
16
An-Nahl
17
Al-Isra
18
Al-Kahf
19
Maryam
20
Taha
21
Al-Anbya
22
Al-Haj
23
Al-Mu`minun
24
An-Nur
25
Al-Furqan
26
Ash-Shu`ara
27
An-Naml
28
Al-Qasas
29
Al-`Ankabut
30
Ar-Rum
31
Luqman
32
As-Sajdah
33
Al-Ahzab
34
Saba
35
Faatir
36
Ya-Sin
37
As-Saffat
38
Sad
39
Az-Zumar
40
Ghafir
41
Fussilat
42
sh-Shuraa
43
Az-Zukhruf
44
Ad-Dukhan
45
Al-Jathiyah
46
Al-Ahqaf
47
Muhammad
48
Al-Fath
49
Al-Hujurat
50
Qaf
51
Adh-Dhariyat
52
At-Tur
53
An-Najm
54
Al-Qamar
55
Ar-Rahman
56
Al-Waqi`ah
57
Al-Hadid
58
Al-Mujadila
59
Al-Hashr
60
Al-Mumtahanah
61
As-Saf
62
Al-Jumu`ah
63
Al-Munafiqun
64
At-Taghabun
65
At-Talaq
66
At-Tahrim
67
Al-Mulk
68
Al-Qalam
69
Al-Haqqah
70
Al-Ma`arij
71
Nuh
72
Al-Jinn
73
Al-Muzzammil
74
Al-Muddaththir
75
Al-Qiyamah
76
Al-Insan
77
Al-Mursalat
78
An-Naba
79
An-Nazi`at
80
Abasa
81
At-Takwir
82
Al-Infitar
83
Al-Mutaffifin
84
Al-Inshiqaq
85
Al-Buruj
86
At-Tariq
87
Al-A`la
88
Al-Ghashiyah
89
Al-Fajr
90
Al-Balad
91
Ash-Shams
92
Al-Layl
93
Ad-Duhaa
94
Ash-Sharh
95
At-Tin
96
Al-`Alaq
97
Al-Qadr
98
Al-Bayyinah
99
Az-Zalzalah
100
Al-`Adiyat
101
Al-Qari`ah
102
At-Takathur
103
Al-`Asr
104
Al-Humazah
105
Al-Fil
106
Quraysh
107
Al-Ma`un
108
Al-Kawthar
109
Al-Kafirun
110
An-Nasr
111
Al-Masad
112
Al-Ikhlas
113
Al-Falaq
114
An-Nas