logo HARUN YAHYA

At-Tariq - قرآن - هارون يحييٰ

  • 1. آسمان جو ۽ رات جي وقت ۾ ايندڙ جو قسم آھي.
  • 2. ۽ ڪنھن سمجھايئي ته رات جو ايندڙ ڇا آھي؟
  • 3. (اُھو) چمڪندڙ تارو آھي.
  • 4. ته ڪو جيءُ اھڙو ڪونھي جنھن تي ھڪ نگھبان مقرر ٿيل (نه) آھي.
  • 5. تنھنڪري ماڻھوءَ کي گھرجي ته نھاري ڏسي ته کيس ڇا مان بڻايو ويو آھي.
  • 6. ٽپي سان نڪرندڙ پاڻي مان بڻايو ويس.
  • 7. جو پُٺيءَ ۽ اُرھ جي وچ مان نڪرندو آھي.
  • 8. بيشڪ الله سندس وري موٽائڻ تي وس وارو آھي.
  • 9. جنھن ڏينھن (ماڻھن جي دلين جا) سڀ ڳُجھ جاچيا ويندا.
  • 10. پوءِ تنھن ڏينھن ڪانه اُن کي سگھ رھندي ۽ نڪو واھرو (ھوندس).
  • 11. ۽ مينھن واري آسمان جو قسم آھي.
  • 12. ۽ ڦاٽن واريءَ زمين جو (به) قسم آھي.
  • 13. ته بيشڪ قرآن ھڪ فيصلو ڪندڙ ڳالھ آھي.
  • 14. ۽ ھيُ قرآن ڪا ٺـٺولي (جي ڳالھ) نه آھي.
  • 15. بيشڪ ڪافر ھڪ (طرح جي) ڳجھي رٿ رٿين ٿا.
  • 16. ۽ (آءٌ به) ھڪ (طرح جي) رٿ رٿيان ٿو.
  • 17. پوءِ ڪافرن کي ڍر ڏي ۽ ٿوري مُدت کين ڇڏي ڏي.
شيئر ڪريو
Facebook
X
WhatsApp
Telegram
QR Code
QR Code