logo HARUN YAHYA

Al-Ghashiyah - قرآن - هارون يحييٰ

  • 1. (اي پيغمبر) تو وٽ ڍڪيندڙ (قيامت) جي خبر پھتي آھي ڇا؟
  • 2. اُن ڏينھن ڪيترائي مُنھن خوار ھوندا.
  • 3. ڪمائيندڙ ڏک ڀوڳيندا ھوندا.
  • 4. ٻرندڙ باھ ۾ پوندا.
  • 5. بلڪل تتي چشمي مان پاڻي پياربن.
  • 6. ڪنڊن واري گاھ کانسواءِ (ٻيو) ڪو کاڄ انھن لاءِ نه ھوندو.
  • 7. (جو اُھو) نڪي (کين) ڀُلھو ڪندو ۽ نڪي بُک لاھيندو.
  • 8. ڪيئي مُنھن اُن ڏينھن تازا ھوندا.
  • 9. پنھنجي ڪمائيءَ کان راضي ھوندا.
  • 10. مٿاھين بھشت ۾ ھوندا.
  • 11. اتي ڪا اجائي ڳالھ نه ٻڌندين.
  • 12. اُتي چشما وھندڙ آھن.
  • 13. اُتي وڏا تخت مٿي وڇايل.
  • 14. ۽ آبخورا رکيل.
  • 15. ۽ وھاڻا قطار ڪري رکيل.
  • 16. ۽ غاليچا وڇايل آھن.
  • 17. (ماڻھو) اُٺن ڏانھن نه ڏسندا آھن ڇا؟ ته ڪيئن خلقيا ويا.
  • 18. ۽ آسمان ڏانھن ته ڪيئن مٿي ڪيو ويو.
  • 19. ۽ جبلن ڏانھن ته ڪيئن کڙا ڪيا ويا.
  • 20. ۽ زمين ڏانھن ته ڪيئن وڇائي وئي.
  • 21. پوءِ (اي پيغمبر) تون، رڳو نصيحت ڪرڻ وارو آھين.
  • 22. تون مٿن ڪو داروغو نه آھين.
  • 23. پر جنھن مُنھن موڙيو ۽ ڪُفر ڪيو.
  • 24. تنھن کي الله وڏي عذاب جي سزا ڏيندو.
  • 25. بيشڪ اسان ڏانھن سندن موٽڻ آھي.
  • 26. وري بيشڪ سندن حساب وٺڻ اسان جي ذمي آھي.
شيئر ڪريو
Facebook
X
WhatsApp
Telegram
QR Code
QR Code