23. Al-Mu`minun - قُرآن
- 1. بيشڪ اُھي مؤمن ڇٽا.
- 2. جيڪي پنھنجي نماز ۾ عاجزي ڪندڙ آھن.
- 3. ۽ جيڪي اجائي ڳالھ کان منھن موڙيندڙ آھن.
- 4. ۽ جي زڪوٰة ادا ڪندڙ آھن.
- 5. ۽ جي پنھنجين اُگھڙن کي (زنا کان) بچائيندڙ آھن.
- 6. رڳو پنھنجين زالن يا پنھنجين ٻانھين سا (گڏ ٿيندا آھن) پوءِ بيشڪ اُھي ملامت ڪيل نه آھن.
- 7. پوءِ جيڪي اُنھن (پنھنجين زالن يا پنھنجين ٻانھين) کانسواءِ طلبيندا سي ئي حد کان لنگھندڙ آھن.
- 8. ۽ جيڪي پنھنجين امانتن کي ۽ پنھنجي انجام کي سنڀاليندڙ آھن.
- 9. ۽ جيڪي پنھنجين نمازن جي نگاھ رکندا آھن.