• 1. ھانبارو ھڻي ڊوڙندڙن گھوڙن جو قَسم آھي.

  • 2. پوءِ پھڻن تي نعلن ھڻڻ سان چڻنگن ڪڍندڙن (گھوڙن) جوقسم آھي.

  • 3. پوءِ صبح جي مھل لُٽ ڪندڙ (گھوڙن) جو قسم آھي

  • 4. جو اُن مھل رئي اُٿارين.

  • 5. پوءِ اُن گھڙي (دشمنن جي) ٽوليءَ جي وچ ۾ پون.

  • 6. ته بيشڪ ماڻھو پنھنجي پالڻھار جو وڏو بي شُڪر آھي.

  • 7. ۽ بيشڪ اُھو پاڻ انھن تي شاھد آھي.

  • 8. ۽ بيشڪ اھو مال جي محبت ۾ ڏاڍو آھي.

  • 9. (اُنھيءَ وقت کي) نه ڄاڻندو آھي ڇا جنھن وقت انھن کي اُٿاربو جيڪي قبرن ۾ نه آھن.

  • 10. ۽ جيڪي سينن ۾ آھي سو پڌرو ڪبو.

  • 11. بيشڪ اُن ڏينھن سندن پالڻھار سندن (حال جي) خبر رکندڙ آھي.