logo HARUN YAHYA

Al-`Adiyat - قرآن - هارون يحييٰ

  • 1. ھانبارو ھڻي ڊوڙندڙن گھوڙن جو قَسم آھي.
  • 2. پوءِ پھڻن تي نعلن ھڻڻ سان چڻنگن ڪڍندڙن (گھوڙن) جوقسم آھي.
  • 3. پوءِ صبح جي مھل لُٽ ڪندڙ (گھوڙن) جو قسم آھي
  • 4. جو اُن مھل رئي اُٿارين.
  • 5. پوءِ اُن گھڙي (دشمنن جي) ٽوليءَ جي وچ ۾ پون.
  • 6. ته بيشڪ ماڻھو پنھنجي پالڻھار جو وڏو بي شُڪر آھي.
  • 7. ۽ بيشڪ اُھو پاڻ انھن تي شاھد آھي.
  • 8. ۽ بيشڪ اھو مال جي محبت ۾ ڏاڍو آھي.
  • 9. (اُنھيءَ وقت کي) نه ڄاڻندو آھي ڇا جنھن وقت انھن کي اُٿاربو جيڪي قبرن ۾ نه آھن.
  • 10. ۽ جيڪي سينن ۾ آھي سو پڌرو ڪبو.
  • 11. بيشڪ اُن ڏينھن سندن پالڻھار سندن (حال جي) خبر رکندڙ آھي.
شيئر ڪريو
Facebook
X
WhatsApp
Telegram
QR Code
QR Code