logo HARUN YAHYA

Al-Infitar - قرآن - هارون يحييٰ

  • 1. جڏھن آسمان ڦاٽندو.
  • 2. ۽ جڏھن تارا ڇڻي پوندا.
  • 3. ۽ جڏھن سمنڊ تمام جوش سان وھائبا.
  • 4. ۽ جڏھن قبرون پٽبيون.
  • 5. (تڏھن) سڀڪو شخص اُھو ڄاڻندو جيڪي اڳي موڪليو ھوائين ۽ جيڪي پوئتي ڇڏيو ھوائين.
  • 6. اي ماڻھو توکي تنھنجي (انھي) سڳوري پالڻھار کان ڪھڙي شيءَ ٺڳيو؟
  • 7. جنھن توکي پيدا ڪيو پوءِ توکي سنئين لڱين ڪيائين پوءِ توکي برابر ڪيائين.
  • 8. جھڙي صورت ۾ گھريائين (تھڙيءَ ۾) تنھنجو جوڙ جوڙيائين.
  • 9. ائين نه آھي بلڪ اوھين عملن جي جزا ڏيڻ کي ڪوڙ ڀائيندا آھيو.
  • 10. ۽ بيشڪ اوھان تي نگھبان (مقرر ٿيل) آھن.
  • 11. سڳورا لکڻ وارا.
  • 12. جيڪي اوھين ڪندا آھيو سو ڄاڻندا آھن.
  • 13. بيشڪ ڀلارا (بھشت جي) نعمت ۾ ھوندا.
  • 14. ۽ بيشڪ گنھگار دوزخ ۾ ھوندا.
  • 15. عملن جي بدلي جي ڏينھن دوزخ ۾ داخل ٿيندا.
  • 16. ۽ اُن کان اُھي لڪل نه ھوندا.
  • 17. ۽ ڪنھن سمجھايئي ته عملن جي بدلي جو ڏينھن ڇا آھي؟
  • 18. وري (به چئون ٿا ته) ڪنھن سمجھايئي ته عملن جي بدلي جو ڏينھن ڇا آھي؟
  • 19. اُھو ھڪ ڏينھن آھي جو ڪو جيءُ ڪنھن جيءَ کي ڪجھ فائدو پھچائي نه سگھندو، ۽ اُن ڏينھن (ساري) حڪومت خاص الله جي ھوندي.
شيئر ڪريو
Facebook
X
WhatsApp
Telegram
QR Code
QR Code