logo HARUN YAHYA

At-Takwir - قرآن - هارون يحييٰ

  • 1. جڏھن سج ويڙھبو.
  • 2. ۽ جڏھن تارا ميرا ٿيندا.
  • 3. ۽ جڏھن جبل ھلايا ويندا.
  • 4. ۽ جڏھن ڍُڪيون ويامڻ تي ڏاچيون بيڪار ڇڏبيون.
  • 5. ۽ جڏھن جھنگلي جانور گڏ ڪبا.
  • 6. ۽ جڏھن درياءَ (باھ وانگر) تپائبا.
  • 7. ۽ جڏھن جيءَ پاڻ ۾ ملائبا.
  • 8. ۽ جڏھن جيئري پوريل نياڻي پڇبي ته.
  • 9. ڪھڙي ڏوھ ڪري ماري وئي.
  • 10. ۽ جڏھن اعمالناما کولبا.
  • 11. ۽ جڏھن آسمان ڇلبو.
  • 12. ۽ جڏھن دوزخ ٻاربو.
  • 13. ۽ جڏھن بھشت ويجھو ڪبو.
  • 14. (تڏھن) ھر ھڪ جيءُ جيڪي حاضر آندو سو ڄاڻندو.
  • 15. پوئتي ھٽندڙ تارن جو قَسم کڻان ٿو.
  • 16. جي (ڪڏھن) سڌا ھلندڙ آھن (ڪڏھن) لڪي ويندڙ آھن.
  • 17. ۽ قسم آھي رات جو جڏھن پوئتي موٽندي آھي.
  • 18. ۽ قسم آھي صُبح جو جڏھن روشن ٿئي.
  • 19. ته بيشڪ اھو (قرآن) ھڪ موڪليل سڳوري (مَلَڪ) جو پيغام ڏيڻ آھي.
  • 20. جو سگھ واري عرش جي مالڪ (الله) وٽ وڏي مرتبي وارو آھي.
  • 21. جو مڃوتيءَ وارو اُتي (مَلڪوت ۾) امين آھي.
  • 22. ۽ (ھي) اوھان جو سنگتي (ﷴ ﷺ ڪو) چريو نه آھي.
  • 23. ۽ بيشڪ (اوھان جي سنگتي) اُن (مَلَڪ) کي آسمان جي پڌري ڪناري تي (چتائي) ڏٺو آھي.
  • 24. ۽ اُھو (اوھان جو سنگتي) ڳجھ (جي ڳالھ ڏسڻ) تي بخل ڪندڙ نه آھي.
  • 25. ۽ قرآن تڙيل شيطان جو ڪلام نه آھي.
  • 26. پوءِ ڪيڏانھن وڃو ٿا؟
  • 27. ھيءُ (قرآن) جھان وارن جي نصيحت کانسواءِ (ٻيو) ڪي نه آھي.
  • 28. اوھان مان جيڪو سڌو ھلڻ گھري تنھن لاءِ آھي.
  • 29. ۽ جھانن جي پالڻھار الله جي گھُر کانسواءِ (ٻيو) ڪي اوھين گھري نه سگھندؤ.
شيئر ڪريو
Facebook
X
WhatsApp
Telegram
QR Code
QR Code