• 1. (جبل) طُور جو قسم آھي.

  • 2. ۽ لکيل ڪتاب جو (قسم) آھي.

  • 3. جو کُليل ورقن ۾ (لکيل) آھي.

  • 4. ۽ آباد گھر جو (قسم) آھي.

  • 5. ۽ مٿاھينءَ ڇت جو (قسم) آھي.

  • 6. ۽ اُڀامندڙ درياءَ جو (قسم) آھي.

  • 7. ته بيشڪ تنھنجي پالڻھار جو عذاب ضرور ٿيڻو آھي.

  • 8. اُن کي ڪوبه ٽارڻ وارو ڪونھي.

  • 9. جنھن ڏينھن آسمان موج ھڻي چُرندو.

  • 10. ۽ جبل چڱيءَ طرح ھلندا.

  • 11. تنھن ڏينھن اُنھن ڪوڙ ڀائيندڙن لاءِ خرابي آھي.

  • 12. جيڪي اَجاين ڳالھين ۾ راند ڪندا آھن.

  • 13. جنھن ڏينھن دوزخ جي باھ ڏانھن ڌڪا ڏيئي روانا ڪبا.

  • 14. (تنھن ڏينھن چئبن ته) ھي اُھا باھ آھي جنھن کي ڪُوڙ ڀائندا ھئو.

  • 15. ھيءُ جادو آھي ڇا يا اوھين نه ٿا ڏسو؟

  • 16. ان ۾ گھڙو پوءِ صبر ڪريو يا صبر نه ڪريو، (ته) اوھان لاءِ ھڪ جھڙي (ڳالھ) آھي، جيڪي اوھين ڪندا ھئو رڳو تنھنجو بدلو اوھان کي ڏنو ويندو.

  • 17. بيشڪ پرھيزگار باغن ۽ نعمتن ۾ ھوندا.

  • 18. جيڪا (نعمت) کين سندن پالڻھار ڏني تنھن سان خوش ھوندا، ۽ (اُنھي ڪري به خوش ھوندا جو) سندن پالڻھار کين دوزخ جي عذاب کان بچايو.

  • 19. (چئبن ته) انھي ڪري جو (چڱا) ڪم ڪندا ھئو مزي سان کائو ۽ پيئو.

  • 20. ھڪ ٻئي جي برابر وڇايلن تختن تي ٽيڪ ڏيئي ويٺل ھوندا، ۽ کين وڏين اکين وارين حورن سان پرڻائينداسون.

  • 21. ۽ جن ايمان آندو ۽ سندن اولاد ايمان ۾ سندن رستو ھليا تن سان سندن اولاد کي ملائينداسون ۽ کين سندن عملن مان ڪجھ به نه گھٽائينداسون، سڀڪنھن مڙس جيڪي ڪمايو تنھن ۾ (اُھو پاڻ) ڳه ٿيل آھي.

  • 22. ۽ انھن کي ميوو ۽ گوشت جنھن (قسم) مان گھرندا (تنھن مان) پيا ڏينداسون.

  • 23. اُتي شراب جا پيالا ھڪ ٻئي کان پيا وٺندا جنھن ۾ نڪي بڪ بڪ ۽ نڪو گناھ ۾ پوڻ ھوندو.

  • 24. ۽ وٽن اھڙا نينگر سندن آس پاس (خدمت لاءِ) پيا ايندا ويندا جو ڄڻڪ اُھي ڍڪيل موتي آھن.

  • 25. ۽ اُنھن مان ھڪڙا ٻـين ڏانھن پاڻ ۾ پڇا ڪرڻ ڪرڻ لاءِ مُنھن ڪندا.

  • 26. چوندا ته بيشڪ اسين ھن کان اڳ پنھنجي گھر وارن ۾ ڊڄندڙ ھئاسون.

  • 27. پوءِ الله اسان تي احسان ڪيو ۽ اسان کي دوزخ جي عذاب کان بچايائين.

  • 28. بيشڪ اسين ھن کان اڳ کيس سڏيندا ھواسون، بيشڪ اُھوئي اِحسان ڪندڙ مھربان آھي.

  • 29. پوءِ (اي پيغمبر کين) نصيحت ڪر جو تون پنھنجي پالڻھار جي فضل سان نڪي ڀُوپُو آھين ۽ نڪي چريو آھين.

  • 30. بلڪ چوندا آھن ڇا ته شاعر آھي (۽ اسين) سندس حق ۾ زماني جي ڦير گھير اچڻ جا منتظر آھيون.

  • 31. (انھن ڪافرن کي) چؤ ته اوھين به انتظار ڪڍو جو بيشڪ آءٌ به اوھان سان انتظار ڪڍندڙ آھيان.

  • 32. کين سندن عقل اھو ڏس ڏيندا آھن ڇا يا اُھي شرارتي قوم آھي.

  • 33. چوندا آھن ڇا ته ھِن قرآن کي پاڻون بڻايو اٿس، بلڪ ايمان نه ٿا آڻين.

  • 34. پوءِ (کين) جڳائي ته جيڪڏھن سچا آھن ته اُن جھڙو ڪو سخن (بڻائي) آڻين.

  • 35. اھي بي سبب (پاڻھي) پيدا ٿي پيا آھن ڇا يا اُھي (پاڻ) پيدا ڪندڙ آھن؟

  • 36. آسمانن ۽ زمين کي بڻايو اٿن ڇا، بلڪ اُھي يقين نه ٿا آڻين.

  • 37. تنھنجي پالڻھار جا خزانا انھن وٽ آھن ڇا يا اُھي داروغا آھن؟

  • 38. کين ڪا ڏاڪڻ آھي ڇا جنھن تي (چڙھي) ڪن ڏئي ٻڌندا آھن؟ پوءِ جڳائي ته اُنھن مان ٻُڌندڙ ڪو پڌرو دليل آڻي.

  • 39. الله کي ڌيئر آھن ڇا ۽ اوھان کي پُٽ؟

  • 40. اُنھن کان مزوري گھرين ٿو ڇا؟ جو اُھي (اُنھيءَ) چٽيءَ کان ڳوري بار (ھيٺ) ٿيا آھن.

  • 41. اُنھن وٽ ڳُجھ جو علم آھي ڇا جو اُھي لکندا آھن.

  • 42. ڪا بڇڙي رٿ ڪرڻ گھرندا آھن ڇا؟ پوءِ جن ڪُفر ڪيو سي ئي فريب ۾ پيل آھن.

  • 43. انھن لاءِ الله کانسواءِ (ٻيو) ڪو عبادت جو لائق آھي ڇا؟ (ساڻس) جيڪو شريڪ مقرر ڪندا آھن تنھن کان الله پاڪ آھي.

  • 44. ۽ جيڪڏھن آسمان مان ڪو ٽڪرو ڪرندڙ ڏسندا ته چوندا ته گھاٽو ڪَڪر آھي.

  • 45. پوءِ (اي پيغمبر) اُنھن کي ايستائين ڇڏي ڏي جيستائين پنھنجو اُھو ڏينھن ڏسن جنھن ۾ بيھوش ڪيو ويندن.

  • 46. جنھن سندن فريب ڪجھ به نه ٽاريندو ۽ نڪي کين مدد ڏبي.

  • 47. ۽ بيشڪ ظالمن لاءِ ھن کانسواءِ ٻيو عذاب (به) آھي پر اُنھن مان گھڻا نه ڄاڻندا آھن.

  • 48. ۽ (اي پيغمبر) تون پنھنجي پالڻھار جي حُڪم (اچڻ) تائين صبر ڪر ڇوته تون اسان جي نظر ھيٺ آھين ۽ جنھن مھل تون اُٿين (تنھن مھل) پنھنجي پالڻھار جي ساراھ سان پاڪائي بيان ڪر

  • 49. ۽ ڪجھ رات جو (به) سندس پاڪائي بيان ڪر ۽ ستارن جي لھڻ کانپوءِ (به).