logo HARUN YAHYA

Al-A`la - قرآن - هارون يحييٰ

  • 1. (اي پيغمبر) اُنھي پنھنجي تمام مٿاھين پالڻھار جي نالي جي پاڪائي بيان ڪر.
  • 2. جنھن (ساري مخلوق کي) خلقيو پوءِ سنئين لڱين ڪيائين.
  • 3. ۽ جنھن اندازو ڪيو پوءِ رستو ڏيکاريائين.
  • 4. ۽ جنھن تازو گاھ ڄمايو.
  • 5. پوءِ اُن کي سُڪو سڙيو ڪيائين.
  • 6. اسين توکي (قرآن) پاڙھينداسون پوءِ نه وساريندين.
  • 7. مگر جيڪي الله گھريو آھي، بيشڪ اُھو ظاھر کي ڄاڻندو آھي ۽ جيڪي ڳُجھو آھي تنھن کي (به).
  • 8. ۽ آسان رستو توکي سنھنجو ڪري ڏينداسين.
  • 9. پوءِ جيڪڏھن نصيحت ڏئڻ فائدو ڪري ته نصيحت ڪر.
  • 10. جيڪو ڊڄندو سو سُتت سمجھ وٺندو.
  • 11. ۽ اُن (نصيحت وٺڻ) کان (اُھو) تمام نڀاڳو پاسو ڪندو.
  • 12. جو وڏيءَ باھ ۾ پوندو.
  • 13. وري نڪي اُتي مرندو ۽ نڪي جيئرو رھندو.
  • 14. بيشڪ اُھو ڇٽو جيڪو سڌريو.
  • 15. ۽ پڻ پنھنجي پالڻھار جو نالو ياد ڪري نماز پڙھندو رھيو.
  • 16. بلڪ دُنيا جي حياتيءَ کي (آخرت کان) پسند ڪندا آھيو.
  • 17. ۽ (حقيقت ڪري) آخرت ڀَلي آھي ۽ ھميشه رھڻ واري آھي.
  • 18. بيشڪ ھيءَ (بيان) پھرين صحيفن ۾ (به لکيل) آھي.
  • 19. جي صحيفا ابراھيم ۽ مُوسىٰ جا آھن.
شيئر ڪريو
Facebook
X
WhatsApp
Telegram
QR Code
QR Code