Ar-Rum - قرآن - هارون يحييٰ
-
1. الٓمّٓ.
-
2. رُومين شڪست کاڌي.
-
3. ويجھي مُلڪ ۾ ۽ اُھي ئي پنھنجي شڪست کائڻ کانپوءِ سگھوئي غالب ٿيندا.
-
4. ٿورن ورھن ۾، الله جي ئي (ھٿ ۾) حڪومت اڳي توڙي پوءِ آھي، ۽ اُنھيءَ ڏينھن مُؤمن خوش ٿيندا.
-
5. الله جي مدد سان، (الله) جنھن کي گھري تنھن کي سوڀ ڏيندو آھي، ۽ اُھو ئي غالب مھربان آھي.
-
6. الله انجام ڪيو آھي، الله پنھنجو انجام نه ڦيرائيندو پر گھڻا ماڻھو نه ڄاڻندا آھن.
-
7. ظاھر دنيا جي حياتيءَ جون (رٿون) ڄاڻندا آھن، ۽ اُھي آخرت کان بي خبر آھن.
-
8. پنھنجين دلين ۾ نه پروڙيائون ڇا؟ ته الله آسمانن ۽ زمين کي ۽ جيڪي انھن جي وچ ۾ آھي تنھنکي پوريءَ رِٿ ۽ مُقرّر مُدّت کانسواءِ نه بڻايو آھي، ۽ بيشڪ ماڻھن مان گھڻا پنھنجي پالڻھار جي مِلڻ کان مُنڪر آھن.
-
9. مُلڪ ۾ نه گھميا آھن ڇا جو نھارين ته جيڪي کانئن اڳ ھوا تن جي پڇاڙي ڪھڙي طرح ٿي، جي کائن وڌيڪ سگھ وارا ھوا ۽ زمين کيڙيائون ۽ اُن کي آباد ڪيائون وڌيڪ تنھن کان جا ھنن آباد ڪئي ۽ سندن پيغمبر وٽن مُعجزن سان آيا، پوءِ الله جو شان اھڙو نه ھو جو مٿن ظلم ڪري پر پاڻ تي پاڻ ظلم ڪيائون ٿي.
-
10. وري جن بڇڙائي ڪئي تن جي پڇاڙي بڇڙي ٿي ھِن ڪري جو الله جي آيتن کي ڪوڙ ڀانيائون ۽ مٿن ٺـٺوليون ڪندا ھوا.
-
11. الله خلق کي نئين سر بڻائي ٿو وري ان کي ٻيھر بڻائيندو وري ڏانھس اوھين موٽائبؤ.
-
12. ۽ جنھن ڏينھن قيامت کڙي ٿيندي تنھن ڏينھن گنھگار نا اُميد ٿيندا.
-
13. ۽ (الله سان مُقرّر ڪيلن) سندن شريڪن مان ڪوبه انھن لاءِ سفارش ڪرڻ وارو نه ٿيندو ۽ پنھنجن (ٺھرايل) شريڪن جا منڪر ٿيندا.
-
14. ۽ جنھن ڏينھن قيامت قائم ٿيندي تنھن ڏينھن ماڻھو ڌاروڌار ٿيندا.
-
15. پوءِ جن ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪيا سي باغن ۾ خوش ڪبا.
-
16. ۽ جن ڪُفر ڪيو ۽ اسان جي آيتن کي ۽ قيامت جي ملڻ کي ڪوڙ ڄاتو سي عذاب ۾ حاضر ڪيل ھوندا.
-
17. پوءِ جنھن مھل سانجھي ڪريو ۽ جنھن مھل صبح ڪريو تنھن مھل الله جي پاڪائي بيان ڪريو.
-
18. ۽ آسمانن ۽ زمين ۾ اُن جي ساراھ آھي ۽ پوئين پھر ۽ جنھن مھل منجھند ڪريو (تنھن مھل به پاڪائي بيان ڪريو).
-
19. مُئي مان جيئرو ڪڍندو آھي ۽ جيئري مان مئو ڪڍندو آھي ۽ زمين کي ان جي مرڻ کانپوءِ جياريندو آھي، ۽ اھڙي طرح (اوھين قبرن مان) ڪڍبؤ.
-
20. ۽ سندس نشانين مان ھيءُ آھي جو اوھان کي مٽيءَ مان بڻايائين وري اُنھيءَ مھل اوھين ماڻھو ٿي گھمو ڦرو ٿا.
-
21. ۽ سندس نشانين مان ھيءُ (به) آھي جو اوھان جي جنس مان اوھان لاءِ زالون پيدا ڪيائين ته انھن سان آرام وٺو ۽ اوھان جي وچ ۾ پيار ۽ ٻاجھ پيدا ڪيائين، بيشڪ ھن ۾ اُنھيءَ قوم لاءِ نشانيون آھن جيڪي ڌيان رکندا آھن.
-
22. آسمانن ۽ زمين جو بڻائڻ ۽ اوھان جي زبانن ۽ شڪلن جو قِسمين قِسمين ھجڻ سندس نشانين مان آھي، بيشڪ ان ۾ ڄاڻندڙن لاءِ نشانيون آھن.
-
23. ۽ اوھان جو رات ۽ ڏينھن ۾ سمھڻ ۽ اوھان جو سندس فضل مان روزي طلب ڪرڻ سندس نشانين مان آھي، بيشڪ ھن ۾ اُن قوم لاءِ نشانيون آھن جيڪي ٻڌندا آھن.
-
24. ۽ سندس نشانين مان (ھيءُ به) آھي جو اوھان کي ڊيڄارڻ ۽ اُميد رکڻ لاءِ وِڄ ڏيکاريندو آھي ۽ آسمان کان پاڻي وسائيندو آھي پوءِ اُن سان زمين کي اُن جي مرڻ کانپوءِ جياريندو آھي، بيشڪ ھِن ۾ اُنھيءَ قوم لاءِ نشانيون آھن.
-
25. ۽ سندس حُڪم سان آسمان ۽ زمين جو بيھڻ سندس نشانين مان آھي، وري جنھن مھل اوھان کي زمين مان ھڪ ئي ڀيرو سڏيندو (تنھن مھل) جھٽ پٽ اوھين نڪرندؤ.
-
26. ۽ جيڪي آسمانن ۽ زمين ۾ آھي سو سندس آھي، سڀئي سندس فرمانبردار آھن.
-
27. ۽ اُھوئي آھي جيڪو خلق کي نئين سِر بڻائيندو آھي وري اُن کي ورائي بڻائيندو ۽ اُھو کيس بلڪل سھنجو آھي، ۽ آسمانن ۽ زمين ۾ سندس ئي صفت تمام مٿاھين آھي، ۽ اھو غالب حڪمت وارو آھي.
-
28. (الله) اوھان لاءِ اوھان جي حال جو ھڪ مثال بيان ڪيو آھي، (ته) اوھان جا ھٿ جن (ٻانھن) جا مالڪ ٿيا آھن سي جيڪي (مال) اوھان کي ڏنوسين تنھن ۾ اوھان جا ڀائيوار آھن ڇا؟ جو اُھي ۽ اوھين اُن (مال) ۾ برابر (حصّي وارا) ھجو (۽ اوھين) انھن جي (دعوى) کان اھڙي طرح ڊڄندا آھيو جھڙي طرح اوھان کي پاڻ جھڙن (جي ڀائيواريءَ) کان ڀؤ آھي، اھڙي طرح انھيءَ قوم لاءِ نشانيون کولي بيان ڪندا آھيون جيڪي سمجھ رکندا آھن.
-
29. بلڪ ظالم اَڻ ڄاڻائي سان پنھنجن سَڌن جا تابعدار ٿيا آھن، پوءِ جنھن کي الله گمراھ ڪيو تنھن کي ڪير ھدايت ڪندو، ۽ اُنھن لاءِ ڪو مددگار ڪونھي.
-
30. پوءِ (اي پيغمبر) پنھنجي منھن کي دين لاءِ ھڪ طرفو ڪري بيھار، الله جي دين جي (پيروي ڪر) جنھن تي ماڻھن کي پيدا ڪيائين، الله جي خلقڻ کي ڪا مٽ سٽ نه آھي، اھو سِڌو دين آھي، پر گھڻا ماڻھو نه ڄاڻندا آھن.
-
31. ڏانھس موٽندڙ ٿي (عبادت ڪريو) ۽ کانئس ڊڄو ۽ نماز پڙھندا رھو ۽ مشرڪن مان نه ٿيو.
-
32. اُنھن مان (نه ٿيو) جن پنھنجي دين کي ڌارو ڌار ڪيو ۽ ٽوليون ٽوليون ٿي ويا، سڀڪا ٽولي اُنھيءَ تي خوش آھي جيڪي وٽس آھي.
-
33. ۽ جڏھن ماڻھن کي ڪا اوکائي پھچندي آھي (تڏھن) پنھنجي پالڻھار ڏي مُھاڙ ڪري کيس سڏيندا آھن وري جڏھن اُھو پاڻ وٽان کين ٻاجھ چکائيندو آھي (تڏھن) اُنھيءَ ئي مھل منجھائن ڪا ٽولي پنھنجي پالڻھار سان (ھن لاءِ) شريڪ بڻائيندي آھي.
-
34. ته جيڪي کيس ڏنوسون تنھنجي بي شُڪري ڪن، پوءِ آسودا ٿيو، پوءِ سگھوئي ڄاڻندؤ.
-
35. مٿن ڪا سَند لاٿي سون ڇا جو اُھا اُنھيءَ (شيء) جي (سچائي) بابت ڳالھائي ٿي جنھن شيءَ کي الله سان شريڪ ٺھرائيندا آھن.
-
36. ۽ جڏھن ماڻھن کي ٻاجھ چکائيندا آھيون (تڏھن) اُن سان سَرھا ٿيندا آھن، ۽ جيڪڏھن انھي سببان جو سندن ھٿن (مدايون) اڳي موڪليون، کين ڪو ڏک پھچندو آھي ته اُنھي ئي مھل نا اُميد ٿيندا آھن.
-
37. نه ڏٺو اٿن ڇا؟ ته الله جنھن لاءِ گھرندو آھي تنھنجي روزي ڪشادي ڪندو آھي ۽ (جنھن لاءِ گھرندو آھي تنھنجي) گھٽ ڪندو آھي، بيشڪ ھن ۾ مڃيندڙ قوم لاءِ نشانيون آھن.
-
38. تنھنڪري مائٽي واري ۽ مِسڪين ۽ مُسافر کي سندس حق ڏي، اھو انھن لاءِ ڀلو آھي جيڪي الله جو راضپو گھرندا آھن، ۽ اُھي ئي ڇوٽڪاري وارا آھن.
-
39. ۽ وياج مان جيڪي ڏنو ھجيوَ ته ماڻھن جي مال ۾ وَڌي سو الله وٽ نه وڌندو، ۽ الله جو راضپو گھرندڙ ٿي زڪوٰة مان جيڪي ڏنو ھجيوَ پوءِ اُھي ئي ٻيڻو ڪندڙ آھن.
-
40. الله اُھو آھي جنھن اوھان کي بڻايو وري اوھان کي روزي ڏنائين وري اوھان کي ماريندو وري اوھان کي جياريندو، اوھان جي (ٺھرايل) شريڪن مان ڪو اھڙو آھي ڇا جو اھڙن ڪَمن مان ڪجھ ڪري (سگھي)؟ الله پاڪ آھي ۽ اُن کان مٿاھون آھي جنھن کي (ساڻس) شريڪ ٺھرائيندا آھن.
-
41. ماڻھن جي ھٿن جي ڪئي سببان بَر ۽ بَحر ۾ فساد ھن لاءِ پڌرو ٿيو آھي ته جيڪي (مَدا ڪم) ڪيائون تنھن جي ڪُجھ (سزا) کين چکائي ته مانَ اُھي موٽن.
-
42. چؤ ته مُلڪ ۾ گھُمو پوءِ ڏسو ته جيڪي اڳ ھوا تن جي پڇاڙي ڪئن ٿي، منجھائن گھڻا مشرڪ ھوا.
-
43. پوءِ پنھنجي منھن کي اُن ڏينھن جي اچڻ کان اڳ سڌي دين لاءِ بيھار جو الله وٽان اُن (ڏينھن) کي رد ٿيڻو نه آھي اُن ڏينھن (ماڻھو) الڳ الڳ ٿيندا.
-
44. جيڪو ڪافر ٿيو تنھن تي سندس ڪفر آھي، ۽ جن چڱا ڪم ڪيا سي پاڻ لاءِ ھنڌ وڇائين ٿا.
-
45. ته جن ايمان آندو ۽ چڱا عمل ڪيا تن کي الله فضل سان بدلو ڏئي، بيشڪ اُھو ڪافرن کي دوست نه رکندو آھي.
-
46. ۽ سندس نشانين مان ھي آھي ته خوشخبري ڏيندڙ ھيرون گھُلائيندو آھي ۽ ته اوھان کي پنھنجي ٻاجھ مان ڪجھ چکائي ۽ ته سندس حُڪم سان ٻيڙيون تَرن ۽ ته سندس فضل مان روزي طلب ڪريو ۽ ته مانَ اوھين شڪرانو ڪريو.
-
47. ۽ بيشڪ توکان اڳ گھڻن پيغمبرن کي سندن قوم ڏانھن موڪليوسون پوءِ وٽن مُعجزن سان آيا پوءِ جن نافرماني ڪئي تن کان بدلو ورتوسون، ۽ مؤمنن کي مدد ڪرڻ اسان تي حق آھي.
-
48. الله اُھو آھي جيڪو وائن کي موڪليندو آھي پوءِ (اُھي) ڪڪر کي کڻنديون آھن پوءِ جئن الله گھرندو آھي تئن آسمان ۾ اُن (ڪڪر) کي کنڊرائيندو آھي پوءِ اُن کي تَه تَه ڪندو آھي پوءِ (تون) ڦُڙين کي ڏسندو آھين جو اُن (ڪڪر) جي وچ مان نڪرنديون آھن، پوءِ جڏھن پنھنجن ٻانھن مان جنھن تي وڻندو اٿس تنھن تي اُھو (مينھن) پھچائيندو آھي (تڏھن) اُنھيءَ ئي مھل اُھي خوش ٿيندا آھن.
-
49. ۽ جيتوڻيڪ ان (مينھن) جي مٿن وَسائجڻ کان اڳ اڳيئي نااُميد ٿيندا ھوا.
-
50. پوءِ الله جي ٻاجھ جي نشانين ڏانھن نھار ته ڪھڙي طرح زمين کي سندس مرڻ کان پوءِ جياري ٿو، بيشڪ اُھو (الله) مُئن کي ضرور جيارڻ وارو آھي، ۽ اُھو (الله) سڀڪنھن شيء تي وس وارو آھي.
-
51. ۽ جيڪڏھن ڪو واءُ (جو جھولو) گھُلايون پوءِ اُن (پوک) کي ھيڊو ٿيندو ڏسن ته اُن کانپوءِ بي شڪري ڪرڻ لڳندا آھن.
-
52. پوءِ (اي پيغمبر) تون سڏُ نڪي مئن کي ٻڌائي سگھندين ۽ نڪي ٻَوڙن کي ٻڌائي سگھندين جڏھن ته اُھي پٺي ڏئي مُنھن ڦيرائين.
-
53. ۽ نڪي تون انڌن کي سندن گمراھيءَ کان (روڪي) سڌو رستو ڏيکاريندڙ آھين، تون ته رڳو اُنھيءَ کي ٻڌائي سگھندين جنھن اسان جي آيتن تي ايمان آندو پوءِ اُھي فرمانبردار به آھن.
-
54. الله اُھو آھي جنھن اوھان کي (پھرين) ھيڻائي (واري شيء) مان خلقيو آھي وري ھيڻائيءَ کان پوءِ (اوھان ۾) سگھ پيدا ڪيائين وري سگھ کان پوءِ (اوھان کي) ھيڻائي ۽ ٻڍاپو ڏنائين، جئن گھرندو آھي تئن بڻائيندو آھي، ۽ اُھو ڄاڻندڙ وس وارو آھي.
-
55. ۽ جنھن ڏينھن قيامت قائم ٿيندي (تنھن ڏينھن) قسم کڻندا ته (دنيا ۾) ھڪ گھڙي کانسواءِ (وڌيڪ) نه رھيا ھواسون، اھڙي طرح (رستي کان) ڦيرايا ويندا ھوا.
-
56. ۽ جن کي عِلم ۽ ايمان ڏنو ويو آھي سي کين چوندا ته الله جي ڪتاب ۾ لکي موافق جيئري ٿي اُٿڻ جي ڏينھن توڻي (دنيا ۾) رھيا آھيو، پوءِ ھي جيئري ٿي اُٿڻ جو ڏينھن آھي پر اوھين نه ڄاڻندا ھيؤ.
-
57. پوءِ اُن ڏينھن ظالمن کي سندن عذر ڪرڻ فائدو نه ڏيندو ۽ نڪي انھن کان توبه طلب ڪبي.
-
58. ۽ بيشڪ ماڻھن لاءِ ھن قرآن ۾ سڀڪنھن جنس جا مثال بيان ڪياسون، ۽ جيڪڏھن وٽن ڪا نشاني (تون) آڻين ته ڪافر ضرور چوندا ته اوھين رڳو ڪُوڙا آھيو.
-
59. اھڙيءَ طرح جيڪي نه ڄاڻندا آھن تن جي دلين تي الله مُھر ھڻندو آھي.
-
60. پوءِ (اي پيغمبر) صبر ڪر ڇوته الله جو واعدو سچ آھي ۽ جيڪي يقين نه رکندا آھن سي توکي ھلڪو نه ڪن.
شيئر ڪريو
1
Al-Fatihah
2
Al Baqara
3
Ali `Imran
4
An-Nisa
5
Al-Ma`idah
6
Al-An`am
7
Al-A`raf
8
Al-Anfal
9
At-Tawbah
10
Yunus
11
Hud
12
Yusuf
13
Ar-Ra`d
14
Ibrahim
15
Al-Hijr
16
An-Nahl
17
Al-Isra
18
Al-Kahf
19
Maryam
20
Taha
21
Al-Anbya
22
Al-Haj
23
Al-Mu`minun
24
An-Nur
25
Al-Furqan
26
Ash-Shu`ara
27
An-Naml
28
Al-Qasas
29
Al-`Ankabut
30
Ar-Rum
31
Luqman
32
As-Sajdah
33
Al-Ahzab
34
Saba
35
Faatir
36
Ya-Sin
37
As-Saffat
38
Sad
39
Az-Zumar
40
Ghafir
41
Fussilat
42
sh-Shuraa
43
Az-Zukhruf
44
Ad-Dukhan
45
Al-Jathiyah
46
Al-Ahqaf
47
Muhammad
48
Al-Fath
49
Al-Hujurat
50
Qaf
51
Adh-Dhariyat
52
At-Tur
53
An-Najm
54
Al-Qamar
55
Ar-Rahman
56
Al-Waqi`ah
57
Al-Hadid
58
Al-Mujadila
59
Al-Hashr
60
Al-Mumtahanah
61
As-Saf
62
Al-Jumu`ah
63
Al-Munafiqun
64
At-Taghabun
65
At-Talaq
66
At-Tahrim
67
Al-Mulk
68
Al-Qalam
69
Al-Haqqah
70
Al-Ma`arij
71
Nuh
72
Al-Jinn
73
Al-Muzzammil
74
Al-Muddaththir
75
Al-Qiyamah
76
Al-Insan
77
Al-Mursalat
78
An-Naba
79
An-Nazi`at
80
Abasa
81
At-Takwir
82
Al-Infitar
83
Al-Mutaffifin
84
Al-Inshiqaq
85
Al-Buruj
86
At-Tariq
87
Al-A`la
88
Al-Ghashiyah
89
Al-Fajr
90
Al-Balad
91
Ash-Shams
92
Al-Layl
93
Ad-Duhaa
94
Ash-Sharh
95
At-Tin
96
Al-`Alaq
97
Al-Qadr
98
Al-Bayyinah
99
Az-Zalzalah
100
Al-`Adiyat
101
Al-Qari`ah
102
At-Takathur
103
Al-`Asr
104
Al-Humazah
105
Al-Fil
106
Quraysh
107
Al-Ma`un
108
Al-Kawthar
109
Al-Kafirun
110
An-Nasr
111
Al-Masad
112
Al-Ikhlas
113
Al-Falaq
114
An-Nas