logo HARUN YAHYA

Al-Layl - قرآن - هارون يحييٰ

  • 1. رات جو قسم آھي جڏھن ڍَڪي ٿي.
  • 2. ۽ ڏينھن جو (قسم آھي) جڏھن روشن ٿئي ٿو.
  • 3. ۽ اُن جو (قسم آھي) جنھن نر ۽ مادي خلقي.
  • 4. ته بيشڪ اوھان جي ڪوشش قسمين قسمين آھي.
  • 5. پوءِ جنھن (الله لڳ) ڏنو ۽ پرھيزگاري ڪئي.
  • 6. ۽ چڱائي کي سچ ڄاتائين.
  • 7. تنھنکي (نجات جو) آسان رستو سھنجو ڪري ڏينداسين.
  • 8. ۽ جنھن بخل ڪيو ۽ (پاڻ کي) بي پرواھ ڄاتائين.
  • 9. ۽ چڱائي کي ڪوڙ ڀانيائين.
  • 10. تنھن کي اوکائيءَ (۾ پوڻ) لاءِ (رستو) آسان ڪري ڏينداسين.
  • 11. ۽ جڏھن اونڌو ڪرندو ته سندس مال کانئس (ڪجھ) نه ٽاريندو.
  • 12. بيشڪ سڌو رستو ڏيکارڻ اسان تي (لازم) آھي.
  • 13. ۽ بيشڪ آخرت ۽ دُنيا (ٻئي) اسان جي وس ۾ آھن.
  • 14. پوءِ اوھان کي باھ کان ڊيڄاريم جا ڄڀي ڪري ٿي.
  • 15. (اھڙي) وڏي نڀاڳي کانسواءِ (ٻيو) ڪو اُن ۾ ڪونه گھڙندو.
  • 16. جنھن (اسلام کي) ڪوڙ ڄاتو ۽ پٺيرو ٿيو.
  • 17. ۽ اُن (باھ) کان انھي وڏي پرھيزگار کي پاسي ڪبو.
  • 18. جيڪو پنھنجو مال (الله جي واٽ ۾) ڏئي ٿو ته پاڪ ٿئي.
  • 19. ۽ مٿس اھڙي ڪنھن جو ڪو احسان ٿيل نه آھي جو بدلو ڏجي.
  • 20. پر پنھنجي تمام مٿاھين پالڻھار جي رضامندي طلبڻ لاءِ (ڏئي ٿو).
  • 21. ۽ ضرور جلد خوش ٿيندو.
شيئر ڪريو
Facebook
X
WhatsApp
Telegram
QR Code
QR Code