• 1. رات جو قسم آھي جڏھن ڍَڪي ٿي.

  • 2. ۽ ڏينھن جو (قسم آھي) جڏھن روشن ٿئي ٿو.

  • 3. ۽ اُن جو (قسم آھي) جنھن نر ۽ مادي خلقي.

  • 4. ته بيشڪ اوھان جي ڪوشش قسمين قسمين آھي.

  • 5. پوءِ جنھن (الله لڳ) ڏنو ۽ پرھيزگاري ڪئي.

  • 6. ۽ چڱائي کي سچ ڄاتائين.

  • 7. تنھنکي (نجات جو) آسان رستو سھنجو ڪري ڏينداسين.

  • 8. ۽ جنھن بخل ڪيو ۽ (پاڻ کي) بي پرواھ ڄاتائين.

  • 9. ۽ چڱائي کي ڪوڙ ڀانيائين.

  • 10. تنھن کي اوکائيءَ (۾ پوڻ) لاءِ (رستو) آسان ڪري ڏينداسين.

  • 11. ۽ جڏھن اونڌو ڪرندو ته سندس مال کانئس (ڪجھ) نه ٽاريندو.

  • 12. بيشڪ سڌو رستو ڏيکارڻ اسان تي (لازم) آھي.

  • 13. ۽ بيشڪ آخرت ۽ دُنيا (ٻئي) اسان جي وس ۾ آھن.

  • 14. پوءِ اوھان کي باھ کان ڊيڄاريم جا ڄڀي ڪري ٿي.

  • 15. (اھڙي) وڏي نڀاڳي کانسواءِ (ٻيو) ڪو اُن ۾ ڪونه گھڙندو.

  • 16. جنھن (اسلام کي) ڪوڙ ڄاتو ۽ پٺيرو ٿيو.

  • 17. ۽ اُن (باھ) کان انھي وڏي پرھيزگار کي پاسي ڪبو.

  • 18. جيڪو پنھنجو مال (الله جي واٽ ۾) ڏئي ٿو ته پاڪ ٿئي.

  • 19. ۽ مٿس اھڙي ڪنھن جو ڪو احسان ٿيل نه آھي جو بدلو ڏجي.

  • 20. پر پنھنجي تمام مٿاھين پالڻھار جي رضامندي طلبڻ لاءِ (ڏئي ٿو).

  • 21. ۽ ضرور جلد خوش ٿيندو.