84. Al-Inshiqaq - قُرآن
- 1. جڏھن آسمان ڦاٽندو.
- 2. ۽ پنھنجي پالڻھار جو حُڪم ڪن ڏئي ٻڌندو ۽ (ٻڌڻ) حق اٿس.
- 3. ۽ جڏھن زمين پکيڙبي.
- 4. ۽ جيڪي اُن ۾ ھوندو سو (سڀ) ڪڍي اُڇليندي ۽ خالي ٿيندي.
- 5. ۽ پنھنجي پالڻھار جو حُڪم ڪن ڏئي ٻڌندي ۽ (ٻڌڻ) حق اٿس.
- 6. اي ماڻھو تون پنھنجي پالڻھار ڏانھن (پھچڻ ۾) تمام گھڻي تڪليف وٺڻ وارو آھين جو اُن کي (وڃي) ملندين.
- 7. پوءِ اُھو (ماڻھو) جنھن کي سندس سڄي ھٿ ۾ سندس اعمالنامو ڏبو.
- 8. تنھن سان آسانيءَ طرح سگھوئي حساب ڪبو.
- 9. ۽ پنھنجن گھر وارن ڏانھن خوش ٿي موٽندو.
- 10. ۽ اُھو ماڻھو جنھن کي سندس اعمالنامو سندس پٺي پويان ڏبو.
- 11. سو سگھوئي موت کي سڏيندو.
- 12. ۽ دوزخ ۾ گھڙندو.
- 13. ڇوته اُھو (دنيا ۾) پنھنجن گھر وارن ۾ خوش (حال) ھو.
- 14. بيشڪ انھيءَ ڀانيو ھو ته (الله ڏانھن) ڪڏھن نه موٽندو.
- 15. ھائو! (موٽندو) ڇوته سندس پالڻھار اُن کي ڏسندڙ آھي.
- 16. پوءِ شفق جو قسم کڻان ٿو.
- 17. ۽ رات جو (قسم) ۽ جنھن کي گڏ ڪيو اٿس.
- 18. ۽ چنڊ جو (قسم) جڏھن پورو روشن ٿئي.
- 19. ته ھڪ حال کان ٻئي حال تي ضرور چڙھندؤ.
- 20. پوءِ ھنن (ڪافرن) کي ڇا (ٿيو) آھي جو ايمان نه آڻيندا آھن.
- 21. ۽ جڏھن وٽن قرآن پڙھبو آھي (ته) سجدو نه ڪندا آھن.
- 22. بلڪ (اھي) ڪافر ڪوڙ ڀانئيندا آھن.
- 23. ۽ جيڪي (پنھنجين دلين ۾) سانڀيندا آھن سو الله چڱي طرح ڄاڻندڙ آھي.
- 24. پوءِ کين ڏکوئيندڙ عذاب جي خبر ڏي.
- 25. پر جن ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪيا تن لاءِ اَڻ کُٽ اَجر آھي.