HARUN YAHYA
Sindhi / سنڌي ، सिन्ध
SD
قرآن
Al-Fajr
1. پرھ جو قسم آھي.
2. ۽ ڏھن راتين جو قسم آھي.
3. ۽ ٻڌيءَ ۽ اِڪئيءَ جو قسم آھي.
4. ۽ رات جو قسم آھي جڏھن ھلي.
5. ھان ڌيان واري لاءِ ھن (قسمن) ۾ بيشڪ پورو قسم آھي.
6. نه ڏٺئي ڇا ته (قوم) عاد سان تنھنجي پالڻھار ڪيئن ڪيو.
7. (جي) ارم وارا وڏن ٿنڀن (جي عمارتن) وارا ھوا.
8. جن جھڙو شھرن ۾ ڪونه بڻايو ويو آھي.
9. ۽ (قوم) ثمُود سان (ڪيئن ڪيائين) جن ميدان (قرٰا) ۾ پھڻن جون ڇپون گھڙيون ھيون.
10. ۽ ميخن واري فرعون سان (ڪئن ڪيائين).
11. انھن (مڙني ٽولين) جن شھرن ۾ سرڪشي ڪئي.
12. پوءِ منجھن گھڻو فساد ڪيائون.
13. تنھنڪري تنھنجي پالڻھار مٿن عذاب جو چھبڪ وھايو.
14. بيشڪ تنھنجو پالڻھار گھَٽَ (واري ھنڌ) ۾ (عملن کي ڏسندڙ) آھي.
15. پوءِ ماڻھو کي جڏھن سندس پالڻھار (ھن طرح) پرکيندو آھي جو اُن کي مانوارو ڪندو آھي ۽ نعمت ڏيندو اٿس، ته چوندو آھي ته منھنجي پالڻھار مون کي نوازيو.
16. ۽ جڏھن کيس (ٻئي طرح ھيئن) پرکيندو آھي جو مٿس روزي تنگ ڪندو آھي ته چوندو آھي ته منھنجي پالڻھار مون کي بي مانو ڪيو.
17. (ھرگز) ائين نه آھي بلڪ ڇوري ٻار کي تعظيم نه ڏيندا آھيو.
18. ۽ نڪي مسڪينن جي کارائڻ تي ھڪ ٻئي کي رغبت ڏياريندا آھيو.
19. ۽ مُئن جو مال سموروئي ڳھي ويندا آھيو.
20. ۽ گھڻي پيار سان مال کي پيارو رکندا آھيو.
21. ائين نه ڪجي جڏھن زمين (جي اونچاڻ) ڪٽي ڪٽي سنئين ڪئي ويندي.
22. ۽ تنھنجو پالڻھار ايندو ۽ ملائڪ صِف صِف ٿي (ايندا).
23. ۽ اُن ڏينھن دوزخ کي آڻبو، اُن ڏينھن ماڻھو نصيحت وٺندو ۽ اُنھيءَ مھل (اھا نصيحت وٺڻ) اُن کي ڪٿي فائدي واري آھي.
24. چوندو ته ھاءِ ارمان جيڪر پنھنجي (ھن ھميشه جي) حياتيءَ لاءَ (ڪجھ) اڳي موڪليان ھا.
25. پوءِ انھيءَ ڏينھن الله جي عذاب جھڙو ڪوبه ڪونه عذاب ڪندو.
26. ۽ نڪو ڪو الله جي قيد ڪرڻ جھڙو قيد ڪندو.
27. (مؤمنن کي چئبو ته) اي آرام وٺڻ وارا جيءُ.
28. تون پنھنجي پالڻھار ڏانھن موٽِ ھل (تون اُن کان) راضي ٿيل آھين (ھو توکان) راضي ٿيل آھي.
29. تنھنڪري (تون) منھنجي ٻانھن (جي ٽوليءَ) ۾ داخل ٿيءُ.
30. ۽ منھنجي بھشت ۾ گِھڙ.
شيئر ڪريو
1. Al-Fatihah
2. Al Baqara
3. Ali `Imran
4. An-Nisa
5. Al-Ma`idah
6. Al-An`am
7. Al-A`raf
8. Al-Anfal
9. At-Tawbah
10. Yunus
11. Hud
12. Yusuf
13. Ar-Ra`d
14. Ibrahim
15. Al-Hijr
16. An-Nahl
17. Al-Isra
18. Al-Kahf
19. Maryam
20. Taha
21. Al-Anbya
22. Al-Haj
23. Al-Mu`minun
24. An-Nur
25. Al-Furqan
26. Ash-Shu`ara
27. An-Naml
28. Al-Qasas
29. Al-`Ankabut
30. Ar-Rum
31. Luqman
32. As-Sajdah
33. Al-Ahzab
34. Saba
35. Faatir
36. Ya-Sin
37. As-Saffat
38. Sad
39. Az-Zumar
40. Ghafir
41. Fussilat
42. sh-Shuraa
43. Az-Zukhruf
44. Ad-Dukhan
45. Al-Jathiyah
46. Al-Ahqaf
47. Muhammad
48. Al-Fath
49. Al-Hujurat
50. Qaf
51. Adh-Dhariyat
52. At-Tur
53. An-Najm
54. Al-Qamar
55. Ar-Rahman
56. Al-Waqi`ah
57. Al-Hadid
58. Al-Mujadila
59. Al-Hashr
60. Al-Mumtahanah
61. As-Saf
62. Al-Jumu`ah
63. Al-Munafiqun
64. At-Taghabun
65. At-Talaq
66. At-Tahrim
67. Al-Mulk
68. Al-Qalam
69. Al-Haqqah
70. Al-Ma`arij
71. Nuh
72. Al-Jinn
73. Al-Muzzammil
74. Al-Muddaththir
75. Al-Qiyamah
76. Al-Insan
77. Al-Mursalat
78. An-Naba
79. An-Nazi`at
80. Abasa
81. At-Takwir
82. Al-Infitar
83. Al-Mutaffifin
84. Al-Inshiqaq
85. Al-Buruj
86. At-Tariq
87. Al-A`la
88. Al-Ghashiyah
89. Al-Fajr
90. Al-Balad
91. Ash-Shams
92. Al-Layl
93. Ad-Duhaa
94. Ash-Sharh
95. At-Tin
96. Al-`Alaq
97. Al-Qadr
98. Al-Bayyinah
99. Az-Zalzalah
100. Al-`Adiyat
101. Al-Qari`ah
102. At-Takathur
103. Al-`Asr
104. Al-Humazah
105. Al-Fil
106. Quraysh
107. Al-Ma`un
108. Al-Kawthar
109. Al-Kafirun
110. An-Nasr
111. Al-Masad
112. Al-Ikhlas
113. Al-Falaq
114. An-Nas