logo HARUN YAHYA

Al-Fajr - قرآن - هارون يحييٰ

  • 1. پرھ جو قسم آھي.
  • 2. ۽ ڏھن راتين جو قسم آھي.
  • 3. ۽ ٻڌيءَ ۽ اِڪئيءَ جو قسم آھي.
  • 4. ۽ رات جو قسم آھي جڏھن ھلي.
  • 5. ھان ڌيان واري لاءِ ھن (قسمن) ۾ بيشڪ پورو قسم آھي.
  • 6. نه ڏٺئي ڇا ته (قوم) عاد سان تنھنجي پالڻھار ڪيئن ڪيو.
  • 7. (جي) ارم وارا وڏن ٿنڀن (جي عمارتن) وارا ھوا.
  • 8. جن جھڙو شھرن ۾ ڪونه بڻايو ويو آھي.
  • 9. ۽ (قوم) ثمُود سان (ڪيئن ڪيائين) جن ميدان (قرٰا) ۾ پھڻن جون ڇپون گھڙيون ھيون.
  • 10. ۽ ميخن واري فرعون سان (ڪئن ڪيائين).
  • 11. انھن (مڙني ٽولين) جن شھرن ۾ سرڪشي ڪئي.
  • 12. پوءِ منجھن گھڻو فساد ڪيائون.
  • 13. تنھنڪري تنھنجي پالڻھار مٿن عذاب جو چھبڪ وھايو.
  • 14. بيشڪ تنھنجو پالڻھار گھَٽَ (واري ھنڌ) ۾ (عملن کي ڏسندڙ) آھي.
  • 15. پوءِ ماڻھو کي جڏھن سندس پالڻھار (ھن طرح) پرکيندو آھي جو اُن کي مانوارو ڪندو آھي ۽ نعمت ڏيندو اٿس، ته چوندو آھي ته منھنجي پالڻھار مون کي نوازيو.
  • 16. ۽ جڏھن کيس (ٻئي طرح ھيئن) پرکيندو آھي جو مٿس روزي تنگ ڪندو آھي ته چوندو آھي ته منھنجي پالڻھار مون کي بي مانو ڪيو.
  • 17. (ھرگز) ائين نه آھي بلڪ ڇوري ٻار کي تعظيم نه ڏيندا آھيو.
  • 18. ۽ نڪي مسڪينن جي کارائڻ تي ھڪ ٻئي کي رغبت ڏياريندا آھيو.
  • 19. ۽ مُئن جو مال سموروئي ڳھي ويندا آھيو.
  • 20. ۽ گھڻي پيار سان مال کي پيارو رکندا آھيو.
  • 21. ائين نه ڪجي جڏھن زمين (جي اونچاڻ) ڪٽي ڪٽي سنئين ڪئي ويندي.
  • 22. ۽ تنھنجو پالڻھار ايندو ۽ ملائڪ صِف صِف ٿي (ايندا).
  • 23. ۽ اُن ڏينھن دوزخ کي آڻبو، اُن ڏينھن ماڻھو نصيحت وٺندو ۽ اُنھيءَ مھل (اھا نصيحت وٺڻ) اُن کي ڪٿي فائدي واري آھي.
  • 24. چوندو ته ھاءِ ارمان جيڪر پنھنجي (ھن ھميشه جي) حياتيءَ لاءَ (ڪجھ) اڳي موڪليان ھا.
  • 25. پوءِ انھيءَ ڏينھن الله جي عذاب جھڙو ڪوبه ڪونه عذاب ڪندو.
  • 26. ۽ نڪو ڪو الله جي قيد ڪرڻ جھڙو قيد ڪندو.
  • 27. (مؤمنن کي چئبو ته) اي آرام وٺڻ وارا جيءُ.
  • 28. تون پنھنجي پالڻھار ڏانھن موٽِ ھل (تون اُن کان) راضي ٿيل آھين (ھو توکان) راضي ٿيل آھي.
  • 29. تنھنڪري (تون) منھنجي ٻانھن (جي ٽوليءَ) ۾ داخل ٿيءُ.
  • 30. ۽ منھنجي بھشت ۾ گِھڙ.
شيئر ڪريو
Facebook
X
WhatsApp
Telegram
QR Code
QR Code