Al-Qalam - قرآن - هارون يحييٰ
-
1. نٓ قَلَم جو قسم آھي ۽ اُن جو به جيڪي لکندا آھن.
-
2. ته تون پنھنجي پالڻھار جي فضل سان ڪو چريو نه آھين.
-
3. ۽ بيشڪ تولاءِ اڻ کٽ ثواب آھي.
-
4. ۽ بيشڪ تون وڏي خُلق تي آھين.
-
5. پوءِ سگھوئي ڏسندين ۽ اُھي (به) ڏسندا.
-
6. ته اوھان مان ڪير چريو آھي.
-
7. بيشڪ تنھنجو پالڻھار ئي انھيءَ کي تمام چڱي طرح ڄاڻندڙ آھي جيڪو سندس واٽ کان گمراھ ٿيو، ۽ اھو سنئين واٽ ويندڙن کي به تمام چڱي طرح ڄاڻندڙ آھي.
-
8. تنھنڪري ڪوڙ ڀائيندڙن جو چيو نه مڃ.
-
9. اُھي گھرندا آھن ته جيڪڏھن نرمي ڪرين ته اُھي به نرمي ڪن.
-
10. ۽ تون سڀڪنھن وڏي قسميءَ خوار جو چيو نه مڃ.
-
11. (جو) گھڻو عيب لائيندڙ چغلي ھڻندڙ گھمندڙ.
-
12. خير کان جھليندڙ حد کان لنگھيل گنھگار.
-
13. بدعادتو اِن سڀنيءَ کانپوءِ (حرامي (به) ھجي.
-
14. انھي ڪري جو مال ۽ اولاد وارو آھي.
-
15. جڏھن وٽس اسان جون آيتون پڙھجن (تڏھن) چوي ته اڳين جون آکاڻيون آھن.
-
16. سگھوئي کيس سونڍ تي داغ ڏينداسون.
-
17. بيشڪ اسان ھنن کي (اھڙي طرح) آزمايو جھڙي طرح باغ وارن کي آزمايو ھوسون، جڏھن قسم کنيائون ته سويرو (ئي) اُن پوک کي ضرور لُڻندا (سين).
-
18. ۽ اِنشاءَالله نه چيائون.
-
19. پوءِ تنھنجي پالڻھار (جي پار) کان اُن (باغ) تي ھڪ (اھڙي) بلا پلٽي ۽ اُھي (اڃا) سمھيل ئي ھوا.
-
20. جو (اُھو) ناڙ وانگر ٿي پيو.
-
21. پوءِ سويرو ھڪ ٻئي کي سڏڻ لڳا.
-
22. جيڪڏھن اوھين لاباري ڪرڻ وارا آھيو ته پوءِ پنھنجي پوک تي سويرو ھلو.
-
23. پوءِ اُھي ھليا ۽ ھڪ ٻئي کي ھوريان چوڻ لڳا.
-
24. ته (جئن) ھن (پوک) ۾ اڄ اوھان وٽ ڪو مسڪين اندر اچي نه سگھي.
-
25. ۽ (پنھنجي گمان ۾) بخل (جي نيت) تي سگھارا ٿي سويرو پھتا.
-
26. پوءِ جنھن مھل اُن (پوک) کي ڏٺائون (ته) چيائون ته بيشڪ اسين رستو ڀليل آھيون.
-
27. (نه نه!) بلڪ اسين بي نصيب (ٿيل) آھيون.
-
28. سندن چڱي (مڙس) چيو ته اوھان کي نه چيو ھومِ ڇا ته الله جي پاڪائي ڇونه ٿا بيان ڪريو؟
-
29. چيائون ته (اسين) پنھنجي پالڻھار جي پاڪائي بيان ڪريون ٿا ۽ بيشڪ (انھي نيت ڪري) ظالم ھواسون.
-
30. پوءِ ھڪ ٻئي کي ملامت ڪندڙ ٿي ھڪڙن ٻـين ڏانھن مھاڙ ڪئي.
-
31. چوڻ لڳا ته ويل اسان لاءِ بيشڪ اسين حد کان لنگھندڙ ھواسون.
-
32. مانَ اسان جو پالڻھار اسان کي ھن کان ڀلو (ٻيو باغ) بدلو ڏئي بيشڪ اسين پنھنجي پالڻھار ڏانھن اُميد رکندڙ آھيون.
-
33. ائين ئي آفت (پوڻي) آھي، ۽ بيشڪ آخرت جو عذاب تمام وڏو آھي، ارمان! جيڪڏھن سمجھن ھا.
-
34. بيشڪ پرھيزگارن لاءِ سندن پالڻھار وٽ نعمت جا باغ آھن.
-
35. مسلمانن کي گنھگارن جھڙو ڪنداسون ڇا؟
-
36. اوھان کي ڇا ٿيو آھي؟ ڪھڙو ٺھراءُ ٿا ڪيو؟
-
37. اوھان وٽ ڪو ڪتاب آھي ڇا جنھن ۾ (ھيءَ ڳالھ) پڙھندا آھيو.
-
38. ته بيشڪ جيڪي اوھين پسند ڪندا آھيو سو آخرت ۾ اوھان لاءِ ھوندو.
-
39. اوھان جا اسان جي ذمي (ھن ڳالھ جا) ڪي پڪا انجام ٿيل آھن ڇا جو اُنھن جو قيامت تائين حُڪم ھلندو ته بيشڪ جيڪو ٺھراءُ ڪريو ٿا سو اوھان لاءِ آھي.
-
40. (اي پيغمبر) مشرڪن کان پڇ ته انھن مان ڪير ھن (ڳالھ) جو ذمي وار آھي.
-
41. انھن (مشرڪن) کي (ھن ڳالھ ۾) ڪي شريڪ آھن ڇا؟ جيڪڏھن سچا آھن ته جڳائين ته پنھنجي شريڪن کي (مدد لاءِ) آڻين.
-
42. جنھن ڏينھن پنّي جي تجلّي ٿيندي ۽ اُنھن کي سجدي ڏانھن سڏبو پوءِ نه ڪري سگھندا.
-
43. انھن جون اکيون جھڪيون ھونديون. (۽) کين خواري وٺي ويندي، ۽ بيشڪ اُنھن کي سجدي ڏانھن سڏبو ھو حالانڪ اُھي چڱا ڀلا (به) ھوا.
-
44. پوءِ (اي پيغمبر) مون کي ۽ انھيءَ کي جو ھن (قرآن جي) ڳالھ کي ڪوڙ ڀائيندو آھي ڇڏي ڏي، (اسين) انھن کي درجي بدرجي (اُتان دوزخ ۾) ڇڪينداسون جتان اُھي نه ڄاڻندا.
-
45. انھن کي مُھلت ڏيان ٿو، بيشڪ منھنجي رِٿ پڪي آھي.
-
46. انھن کان ڪو اجورو گھرندو آھين ڇا جنھنڪري (ان) چٽيءَ کان ڳوري بار آھن.
-
47. (يا) انھن وٽ ڪو ڳجھ (جو علم) آھي ڇا جو اھي لکندا آھن.
-
48. پوءِ (تون) پنھنجي پالڻھار جي حُڪم (اچڻ) تائين صبر ڪر ۽ مڇيءَ واري (يونس) وانگر نه ھُج، جڏھن دانھن ڪيائين ۽ اُھو ڏک ۾ ڀرجي ويو ھو.
-
49. جيڪڏھن کيس سندس پالڻھار جي طرفان رحمت نه پھچي ھا ته ضرور سُڃ ۾ اڇليو وڃي ھا ۽ اُھو بڇڙي حال ھجي ھا.
-
50. پوءِ سندس پالڻھار کيس نوازيو ۽ صالحن مان ڪيائينس.
-
51. ۽ بيشڪ ڪافر جڏھن قرآن ٻڌندا آھن (تڏھن) توکي پنھنجن (تکين) اکين سان ٿيڙڻ تي آھن ۽ چوندا آھن ته بيشڪ ھي (پيغمبر) چريو آھي.
-
52. ۽ (حقيقت ۾) ھي (قرآن) ته جھانن لاءِ نصيحت آھي.
شيئر ڪريو
1
Al-Fatihah
2
Al Baqara
3
Ali `Imran
4
An-Nisa
5
Al-Ma`idah
6
Al-An`am
7
Al-A`raf
8
Al-Anfal
9
At-Tawbah
10
Yunus
11
Hud
12
Yusuf
13
Ar-Ra`d
14
Ibrahim
15
Al-Hijr
16
An-Nahl
17
Al-Isra
18
Al-Kahf
19
Maryam
20
Taha
21
Al-Anbya
22
Al-Haj
23
Al-Mu`minun
24
An-Nur
25
Al-Furqan
26
Ash-Shu`ara
27
An-Naml
28
Al-Qasas
29
Al-`Ankabut
30
Ar-Rum
31
Luqman
32
As-Sajdah
33
Al-Ahzab
34
Saba
35
Faatir
36
Ya-Sin
37
As-Saffat
38
Sad
39
Az-Zumar
40
Ghafir
41
Fussilat
42
sh-Shuraa
43
Az-Zukhruf
44
Ad-Dukhan
45
Al-Jathiyah
46
Al-Ahqaf
47
Muhammad
48
Al-Fath
49
Al-Hujurat
50
Qaf
51
Adh-Dhariyat
52
At-Tur
53
An-Najm
54
Al-Qamar
55
Ar-Rahman
56
Al-Waqi`ah
57
Al-Hadid
58
Al-Mujadila
59
Al-Hashr
60
Al-Mumtahanah
61
As-Saf
62
Al-Jumu`ah
63
Al-Munafiqun
64
At-Taghabun
65
At-Talaq
66
At-Tahrim
67
Al-Mulk
68
Al-Qalam
69
Al-Haqqah
70
Al-Ma`arij
71
Nuh
72
Al-Jinn
73
Al-Muzzammil
74
Al-Muddaththir
75
Al-Qiyamah
76
Al-Insan
77
Al-Mursalat
78
An-Naba
79
An-Nazi`at
80
Abasa
81
At-Takwir
82
Al-Infitar
83
Al-Mutaffifin
84
Al-Inshiqaq
85
Al-Buruj
86
At-Tariq
87
Al-A`la
88
Al-Ghashiyah
89
Al-Fajr
90
Al-Balad
91
Ash-Shams
92
Al-Layl
93
Ad-Duhaa
94
Ash-Sharh
95
At-Tin
96
Al-`Alaq
97
Al-Qadr
98
Al-Bayyinah
99
Az-Zalzalah
100
Al-`Adiyat
101
Al-Qari`ah
102
At-Takathur
103
Al-`Asr
104
Al-Humazah
105
Al-Fil
106
Quraysh
107
Al-Ma`un
108
Al-Kawthar
109
Al-Kafirun
110
An-Nasr
111
Al-Masad
112
Al-Ikhlas
113
Al-Falaq
114
An-Nas