HARUN YAHYA
Sindhi / سنڌي ، सिन्ध
SD
شيئر ڪريو
1. Al-Fatihah
2. Al Baqara
3. Ali `Imran
4. An-Nisa
5. Al-Ma`idah
6. Al-An`am
7. Al-A`raf
8. Al-Anfal
9. At-Tawbah
10. Yunus
11. Hud
12. Yusuf
13. Ar-Ra`d
14. Ibrahim
15. Al-Hijr
16. An-Nahl
17. Al-Isra
18. Al-Kahf
19. Maryam
20. Taha
21. Al-Anbya
22. Al-Haj
23. Al-Mu`minun
24. An-Nur
25. Al-Furqan
26. Ash-Shu`ara
27. An-Naml
28. Al-Qasas
29. Al-`Ankabut
30. Ar-Rum
31. Luqman
32. As-Sajdah
33. Al-Ahzab
34. Saba
35. Faatir
36. Ya-Sin
37. As-Saffat
38. Sad
39. Az-Zumar
40. Ghafir
41. Fussilat
42. sh-Shuraa
43. Az-Zukhruf
44. Ad-Dukhan
45. Al-Jathiyah
46. Al-Ahqaf
47. Muhammad
48. Al-Fath
49. Al-Hujurat
50. Qaf
51. Adh-Dhariyat
52. At-Tur
53. An-Najm
54. Al-Qamar
55. Ar-Rahman
56. Al-Waqi`ah
57. Al-Hadid
58. Al-Mujadila
59. Al-Hashr
60. Al-Mumtahanah
61. As-Saf
62. Al-Jumu`ah
63. Al-Munafiqun
64. At-Taghabun
65. At-Talaq
66. At-Tahrim
67. Al-Mulk
68. Al-Qalam
69. Al-Haqqah
70. Al-Ma`arij
71. Nuh
72. Al-Jinn
73. Al-Muzzammil
74. Al-Muddaththir
75. Al-Qiyamah
76. Al-Insan
77. Al-Mursalat
78. An-Naba
79. An-Nazi`at
80. Abasa
81. At-Takwir
82. Al-Infitar
83. Al-Mutaffifin
84. Al-Inshiqaq
85. Al-Buruj
86. At-Tariq
87. Al-A`la
88. Al-Ghashiyah
89. Al-Fajr
90. Al-Balad
91. Ash-Shams
92. Al-Layl
93. Ad-Duhaa
94. Ash-Sharh
95. At-Tin
96. Al-`Alaq
97. Al-Qadr
98. Al-Bayyinah
99. Az-Zalzalah
100. Al-`Adiyat
101. Al-Qari`ah
102. At-Takathur
103. Al-`Asr
104. Al-Humazah
105. Al-Fil
106. Quraysh
107. Al-Ma`un
108. Al-Kawthar
109. Al-Kafirun
110. An-Nasr
111. Al-Masad
112. Al-Ikhlas
113. Al-Falaq
114. An-Nas
قرآن
Al-Qalam
1. نٓ قَلَم جو قسم آھي ۽ اُن جو به جيڪي لکندا آھن.
2. ته تون پنھنجي پالڻھار جي فضل سان ڪو چريو نه آھين.
3. ۽ بيشڪ تولاءِ اڻ کٽ ثواب آھي.
4. ۽ بيشڪ تون وڏي خُلق تي آھين.
5. پوءِ سگھوئي ڏسندين ۽ اُھي (به) ڏسندا.
6. ته اوھان مان ڪير چريو آھي.
7. بيشڪ تنھنجو پالڻھار ئي انھيءَ کي تمام چڱي طرح ڄاڻندڙ آھي جيڪو سندس واٽ کان گمراھ ٿيو، ۽ اھو سنئين واٽ ويندڙن کي به تمام چڱي طرح ڄاڻندڙ آھي.
8. تنھنڪري ڪوڙ ڀائيندڙن جو چيو نه مڃ.
9. اُھي گھرندا آھن ته جيڪڏھن نرمي ڪرين ته اُھي به نرمي ڪن.
10. ۽ تون سڀڪنھن وڏي قسميءَ خوار جو چيو نه مڃ.
11. (جو) گھڻو عيب لائيندڙ چغلي ھڻندڙ گھمندڙ.
12. خير کان جھليندڙ حد کان لنگھيل گنھگار.
13. بدعادتو اِن سڀنيءَ کانپوءِ (حرامي (به) ھجي.
14. انھي ڪري جو مال ۽ اولاد وارو آھي.
15. جڏھن وٽس اسان جون آيتون پڙھجن (تڏھن) چوي ته اڳين جون آکاڻيون آھن.
16. سگھوئي کيس سونڍ تي داغ ڏينداسون.
17. بيشڪ اسان ھنن کي (اھڙي طرح) آزمايو جھڙي طرح باغ وارن کي آزمايو ھوسون، جڏھن قسم کنيائون ته سويرو (ئي) اُن پوک کي ضرور لُڻندا (سين).
18. ۽ اِنشاءَالله نه چيائون.
19. پوءِ تنھنجي پالڻھار (جي پار) کان اُن (باغ) تي ھڪ (اھڙي) بلا پلٽي ۽ اُھي (اڃا) سمھيل ئي ھوا.
20. جو (اُھو) ناڙ وانگر ٿي پيو.
21. پوءِ سويرو ھڪ ٻئي کي سڏڻ لڳا.
22. جيڪڏھن اوھين لاباري ڪرڻ وارا آھيو ته پوءِ پنھنجي پوک تي سويرو ھلو.
23. پوءِ اُھي ھليا ۽ ھڪ ٻئي کي ھوريان چوڻ لڳا.
24. ته (جئن) ھن (پوک) ۾ اڄ اوھان وٽ ڪو مسڪين اندر اچي نه سگھي.
25. ۽ (پنھنجي گمان ۾) بخل (جي نيت) تي سگھارا ٿي سويرو پھتا.
26. پوءِ جنھن مھل اُن (پوک) کي ڏٺائون (ته) چيائون ته بيشڪ اسين رستو ڀليل آھيون.
27. (نه نه!) بلڪ اسين بي نصيب (ٿيل) آھيون.
28. سندن چڱي (مڙس) چيو ته اوھان کي نه چيو ھومِ ڇا ته الله جي پاڪائي ڇونه ٿا بيان ڪريو؟
29. چيائون ته (اسين) پنھنجي پالڻھار جي پاڪائي بيان ڪريون ٿا ۽ بيشڪ (انھي نيت ڪري) ظالم ھواسون.
30. پوءِ ھڪ ٻئي کي ملامت ڪندڙ ٿي ھڪڙن ٻـين ڏانھن مھاڙ ڪئي.
31. چوڻ لڳا ته ويل اسان لاءِ بيشڪ اسين حد کان لنگھندڙ ھواسون.
32. مانَ اسان جو پالڻھار اسان کي ھن کان ڀلو (ٻيو باغ) بدلو ڏئي بيشڪ اسين پنھنجي پالڻھار ڏانھن اُميد رکندڙ آھيون.
33. ائين ئي آفت (پوڻي) آھي، ۽ بيشڪ آخرت جو عذاب تمام وڏو آھي، ارمان! جيڪڏھن سمجھن ھا.
34. بيشڪ پرھيزگارن لاءِ سندن پالڻھار وٽ نعمت جا باغ آھن.
35. مسلمانن کي گنھگارن جھڙو ڪنداسون ڇا؟
36. اوھان کي ڇا ٿيو آھي؟ ڪھڙو ٺھراءُ ٿا ڪيو؟
37. اوھان وٽ ڪو ڪتاب آھي ڇا جنھن ۾ (ھيءَ ڳالھ) پڙھندا آھيو.
38. ته بيشڪ جيڪي اوھين پسند ڪندا آھيو سو آخرت ۾ اوھان لاءِ ھوندو.
39. اوھان جا اسان جي ذمي (ھن ڳالھ جا) ڪي پڪا انجام ٿيل آھن ڇا جو اُنھن جو قيامت تائين حُڪم ھلندو ته بيشڪ جيڪو ٺھراءُ ڪريو ٿا سو اوھان لاءِ آھي.
40. (اي پيغمبر) مشرڪن کان پڇ ته انھن مان ڪير ھن (ڳالھ) جو ذمي وار آھي.
41. انھن (مشرڪن) کي (ھن ڳالھ ۾) ڪي شريڪ آھن ڇا؟ جيڪڏھن سچا آھن ته جڳائين ته پنھنجي شريڪن کي (مدد لاءِ) آڻين.
42. جنھن ڏينھن پنّي جي تجلّي ٿيندي ۽ اُنھن کي سجدي ڏانھن سڏبو پوءِ نه ڪري سگھندا.
43. انھن جون اکيون جھڪيون ھونديون. (۽) کين خواري وٺي ويندي، ۽ بيشڪ اُنھن کي سجدي ڏانھن سڏبو ھو حالانڪ اُھي چڱا ڀلا (به) ھوا.
44. پوءِ (اي پيغمبر) مون کي ۽ انھيءَ کي جو ھن (قرآن جي) ڳالھ کي ڪوڙ ڀائيندو آھي ڇڏي ڏي، (اسين) انھن کي درجي بدرجي (اُتان دوزخ ۾) ڇڪينداسون جتان اُھي نه ڄاڻندا.
45. انھن کي مُھلت ڏيان ٿو، بيشڪ منھنجي رِٿ پڪي آھي.
46. انھن کان ڪو اجورو گھرندو آھين ڇا جنھنڪري (ان) چٽيءَ کان ڳوري بار آھن.
47. (يا) انھن وٽ ڪو ڳجھ (جو علم) آھي ڇا جو اھي لکندا آھن.
48. پوءِ (تون) پنھنجي پالڻھار جي حُڪم (اچڻ) تائين صبر ڪر ۽ مڇيءَ واري (يونس) وانگر نه ھُج، جڏھن دانھن ڪيائين ۽ اُھو ڏک ۾ ڀرجي ويو ھو.
49. جيڪڏھن کيس سندس پالڻھار جي طرفان رحمت نه پھچي ھا ته ضرور سُڃ ۾ اڇليو وڃي ھا ۽ اُھو بڇڙي حال ھجي ھا.
50. پوءِ سندس پالڻھار کيس نوازيو ۽ صالحن مان ڪيائينس.
51. ۽ بيشڪ ڪافر جڏھن قرآن ٻڌندا آھن (تڏھن) توکي پنھنجن (تکين) اکين سان ٿيڙڻ تي آھن ۽ چوندا آھن ته بيشڪ ھي (پيغمبر) چريو آھي.
52. ۽ (حقيقت ۾) ھي (قرآن) ته جھانن لاءِ نصيحت آھي.