logo HARUN YAHYA

Abasa - قرآن - هارون يحييٰ

  • 1. مُنھن ۾ گُھنڊ وڌائين ۽ مُنھن موڙيائين.
  • 2. ھن ڪري جو وٽس نابين آيو.
  • 3. ۽ ڪنھن سمجھايئي جيڪر اُھو سڌرجي ھا.
  • 4. يا نصيحت ٻڌي ھا پوءِ اُھا نصيحت ٻڌڻ نفعو ڏئيس ھا.
  • 5. پر جنھن بي پرواھي ڪئي.
  • 6. پوءِ تنھن (جي سڌاري) لاءِ تون پٺيان پيو آھين.
  • 7. ھن ۾ توتي (ڪا ميار) ڪانھي ته اُھو نه سُڌرجي.
  • 8. ۽ جيڪو تو وٽ ڊوڙندو آيو.
  • 9. ۽ اُھو (پنھنجي الله کان) ڊڄي ٿو.
  • 10. پوءِ تنھن کان تون ويسلو ٿئين ٿو.
  • 11. ائين نه آھي بيشڪ اھي (قرآن جون آيتون) ھڪ نصيحت آھي.
  • 12. پوءِ جيڪو گھُري سو قرآن ياد رکي.
  • 13. (بيشڪ قرآن جون آيتون) تعظيم وارن ورقن ۾ لکيل آھن.
  • 14. جي مٿاھان ۽ پاڪ آھن.
  • 15. لکندڙن جي ھٿن ۾.
  • 16. جي سڳورا ڀلارا آھن.
  • 17. ماڻھو ماريو وڃي جو ڪھڙو نه بي شُڪر آھي.
  • 18. (ڌيان ڪري ته الله) ڪھڙي شيءَ مان پيدا ڪيس.
  • 19. مني جي ڦڙي مان، خلقيائينس پوءِ اندازو مقرر ڪيائينس.
  • 20. وري (نڪرڻ جي) واٽ سنھنجي ڪيائينس.
  • 21. وري ماريائينس پوءِ قبر ۾ رکايائينس.
  • 22. وري جڏھن گھرندو تڏھن اُن کي جيئرو ڪندو.
  • 23. ائين نه آھي جيڪي فرمايائينس سو پورو نه ڪيائين.
  • 24. پوءِ جڳائي ته ماڻھو پنھنجي کاڌي ڏانھن نھاري ڏسي.
  • 25. ته اسان پاڻي کي چڱيءَ طرح آسمان کان پلٽيو.
  • 26. وري زمين کي پوري طرح چيريوسون.
  • 27. پوءِ منجھس اَن ڄمايوسون.
  • 28. ۽ ڊاکون ۽ ترڪاريون.
  • 29. ۽ زيتون ۽ کجيون.
  • 30. ۽ گھاٽا باغ.
  • 31. ۽ ميوو ۽ گاھ (به).
  • 32. اوھان جي نفعي لاءِ ۽ اوھان جي ڍورن لاءِ.
  • 33. پوءِ جڏھن ڪَن ٻوڙا ڪندڙ (دھشت واري) ھڪل ايندي.
  • 34. انھي ڏينھن آدمي پنھنجي ڀاءُ کان ڀڄندو.
  • 35. ۽ (پڻ) پنھنجي ماءُ کان ۽ پنھنجي پيءُ کان.
  • 36. ۽ پنھنجي گھر واريءَ کان ۽ پنھنجي پٽن کان ڀڄندو.
  • 37. انھن مان سڀڪنھن مڙس لاءِ اُن ڏينھن اھڙي حالت ھوندي جو کيس بس ھوندي.
  • 38. ڪيترائي منھن اُن ڏينھن روشن ھوندا.
  • 39. کِلندڙ ۽ (تمام) سرھا ھوندا.
  • 40. ۽ ڪيترائي منھن (ھوندا) جن تي اُن ڏينھن رئي پيل ھوندي.
  • 41. جن کي ڪارنھن ويڙھي ويندي.
  • 42. اھي ئي مُنڪر بدڪار آھن.
شيئر ڪريو
Facebook
X
WhatsApp
Telegram
QR Code
QR Code